Pages

Wednesday, 20 July 2016

اويس شاهه جي خيريت سان بازيابي




صاحب خان ڀٽي
ملڪ  اندر وڌندڙ بدامني سبب سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا پيا وڃن  جنهن سبب دهشتگرد به پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط بڻائڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال ڪراچي مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ جي اغوا مان به ملي ٿو، چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو پٽ ڪو پهريون شخص نه هو، جيڪو اغوا ٿيو هجي ان کان اڳ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير کي به اغوا ڪيو هو، جنهن کي ڪوئيٽا جي ڪچلاڪ واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو هو. 2011ع ۾ لاهور جي گلبرگ واري علائقي مان شهباز تاثير کي اغوا ڪيو هو، جنهن کي حساس ادارن ڪوئيٽا جي ڪچلاڪ واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو هو، جنهن جي تصديق گهرو وزير چوڌري نثار ڪئي هئي.  اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي به 3 سالن کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو هو. سيڪيورٽي فورسز افغانستان جي صوبي غزني ۾ طالبانن خلاف آپريشن ڪري يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني کي بازياب ڪرايو هو. هاڻ جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه کي 20 جون تي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان 20 جون تي هڪ شاپنگ سينٽر ويجهو اڻڄاتل ماڻهن  اغيو ڪيو هو، اويس شاهه جي گاڏي به شاپنگ سينٽر ويجهو هٿ ڪئي وئي هئي. جڏهن  اويس علي شاهه کي اغوا ڪيو ويو ته ڪجهه ڏينهن بعد سندس موبائل فون  ڪنهن ٻي شهر ۾ ٿوري دير لاءِ کوليون جنهن تي سيڪيورٽي عملدارن چيو هو ته اغوا ڪندڙ کين گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جنهن بابت اکين ڏٺل شاهدن بيان  ڏنو هو ته اويس شاهه اغوا ڪندڙن  سان مزاحمت به ڪئي هئي.
 چيف جسٽس  سجاد علي شاهه جي پٽ جي اغوا بعد  ڪراچي ۾ سنيپ چيڪنگ وڌائي وئي هئي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا. چيف جسٽس جي پٽ کي ان وقت اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف پرڏيهي دوري تي ويل هو، اهڙي واقعي بعد  سيڪيورٽي فورسز ڪراچي سميت  سڄي سنڌ ۾  آپريشن ڪيو هو، ايتري قدر جو دادو مان به ڪيترن ئي  شڪي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو هو، چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا بعد ڪراچي آپريشن تي به ڪيترائي سوال اٿيا هئا،  سيڪيورٽي ادارا اهي دعوائون ڪري رهيا هئا ته چيف جسٽس جي پٽ  اويس علي شاهه کي  اغوا ڪندڙن ڪراچي ۾ ڪٿي لڪائي رکيو آهي ۽ اهي  اويس شاهه کي ڪراچي  کان ٻاهر ناهن ڪڍي سگهيا پر  اويس شاهه کي ٽانڪ واري علائقي مان بازياب ڪيو ويو،
سجاد علي شاهه جي پٽ جي اغوا  ۽ ججن جي سيڪيورٽي بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي به اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ججن جي سيڪيورٽي ۽ اويس شاهه  کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم به جاري ڪيو. اجلاس ۾ انور ظهير جمالي واسطيدار ادارن کي اويس شاهه جي بازيابي لاءِ هرهر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ سسيڪيورٽي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي به هدايت ڏني ۽ چيو ته ججن ۽ سندن گهر ڀاتين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته گهرو سيڪيورٽي کي اجلاس جي فيصلن کان حڪومت کي آگاهه  ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اجلاس کان پوءِ رات دير سان  ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوه  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه  جي پٽ کي ڳجهي اطلاع تي  ٽانڪ واري علائقي مان آپريشن بعد بازياب ڪرايو ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن دوران 3 دهشتگردن کي به ماريو ويو آهي.
 هون ءَ ته ملڪ  گذريل ڪيتري عرصي کان  دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي پر سلمان  تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي اغوا کان ويندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا  گيلاني جي پٽ  کي  علي گيلاني جي اغوا تائين  سيڪيورٽي ادارن  ڪامياب ڪارروايون ڪري ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو پر دهشتگرد پنهنجيون ڪاررواين کان نه مڙيا ۽ 20 جون تي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه کي به اغوا ڪيو ۽ ان کان ڪراچي مان اغوا ڪري آساني سان  ڏکڻ وزيرستان جي ٽانڪ واري علائقي ۾ کڻي ويا، جنهن بعد سيڪيورٽي فورسز 19 جولاءِ تي صبح 4 وڳي ڪامياب ڪارروائي ڪري چيف جسٽس جي پٽ  اويس علي شاهه کي بازياب ڪرايو. وڪيل برادري طرفان به اويس علي شاهه جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو  ويو هو. هاڻ جڏهن چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ جي بازيابي وزيرستان جي ٽانڪ واري علائقي مان ظاهر ٿي آهي ته ان وقت  حڪومت کي گهرجي ته سيڪيورٽي جا انتظام اڃان وڌيڪ سخت بڻايا وڃن، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد ڪراچي مان ماڻهن کي اغوا ڪري آساني سان ٻين صوبن ڏانهن کڻي وڃن ٿا ۽ انهن جي ڪنهن به هننڌ چيڪنگ نه ٿي ٿئي ، جنهن سبب دهشتگرد  پنهنجي ڪامياب ڪارروايون ڪري رهيا آهن. هاڻ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين  سيڪيورٽي جا انتظام سخت بڻائي ته جئين ڪو ٻيو شخص  هتان  اغوا نه ٿئي ۽ دهشتگرد ان کي  ان کي هتان کڻي  وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿين. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ به بدامني ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي  حڪمت جوڙڻي پوندي.
سنڌ پوليس  به ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي  ۽ ڪيترائي  پوليس اهڪار توڙِي ٽريفڪ پوليس اهلڪار دهشتگردن هٿان  شهيد ٿي چڪا آهن، پر هن وقت تائين ڪراچي ۾ اندر قائم افغان پناهگيرن جي بستين ۾ آپريشن نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي به  هاءِ پروفائل ڪيس ٿيا  آهن انهن  پٺيان  افغان دهشتگردن جو هٿ رهيو آهي، جئين شهباز تاثير ۽ علي حيدر گيلاني جي اغوا وارا واقعا آهن ،  سنڌ پوليس کي به  ڏوهارين خلاف آپريشن اڃان وڌيڪ ڪرڻ گهرجي ته جئين مستقبل ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ  جهڙا واقعا پيش نه اچن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انصاف ڪندڙن جا پٽ اغوا ٿين ته پوءِ عام شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪير ڪندو؟  گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو هو ته  چيف جسٽس اويس شاهه جي پٽ اويس شاهه جي بازيابي واري  سڄي معاملي جي مانيٽرنگ آرمي چيف ڪري رهيو هو،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي  بازيابي  سيڪيورٽي فورسز لاءِ هڪ  وڏو چيلينج هو، جن تمام ڪامياب ڪارروائي ڪري چيف جسٽس جي پٽ کي بازياب ڪرايو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي گهرجي ته ڪراچي ۾ خاص طور سيڪيورٽي سخت بڻائي ته جئين   اهم شخصيتن جي اولاد سان گڏ  عام شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت  يقيني بڻجي سگهي.
Sahib khan bhatti.jpg

No comments:

Post a Comment