Pages

Wednesday, 20 July 2016

ترڪي جو جمهوري عوام ۽ پاڪستاني سياستدان

صاحب خان ڀٽي
ترڪي جي عوام فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائي دنيا اندر جمهوريت جي دعويدارن لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت اسان جي ملڪ اندر به وڏو بحث ٿي رهيو آهي، مختلف سياستدان پنهنجا پنهنجا بيان جاري ڪري رهيا آهن  جيڪي بحث جو موضوع بڻيل آهن. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ترڪي جو صدر نوازشريف هجي ها ته  عوام روڊن تي نڪرڻ بدران مٺايون ورهائي ها، اهڙي بيان کان پوءِ  جمهوري ڌرين ۾ هڪ بيچيني پکڙجي وئي آهي ته عمران خان هڪ سياسي پارٽي جو هوندي اهڙو بيان ڪئين ڏنو؟ پر ان بابت پي ٽي آءِ طرفان ڪا خاص وضاحت سامهون نه اچي سگهي آهي، صرف اهو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ترڪي جو صدر طيب اردگان هڪ ايماندار اڳواڻ آهي، جنهن پنهنجي قوم لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ عوامي خدمتن سبب کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڪري اتان جي عوام صدر طيب اردگان جي حڪومت کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهي، جنهن سبب بنا ڪنهن خوف جي گهر کان ٻاهر نڪري فوجي بغاوت کي ناڪام بڻايو پر اسان جي ملڪ ۾ بي روزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن پر اسان جي حڪومت انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان گڏ شيخ رشيد به بيان ڏنو جنهن ۾ هن چيو هو  جيڪڏهن ملڪ اندر اهڙيون حالتون ٿيون ته عوام مٺائي جي دڪانن ڏانهن ڀڄندو. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هاڻ ڪنهن به فوجي آمريت کي برداشت نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ ڪجهه سياستدان ترڪي ۾ فوجي بغاوت کي ناڪام  بڻائڻ  بابت هڪ ٻئي خلاف بيان به ڏئي رهيا آهن، جنهن بعد  لڳي پيو ته هاڻ ٽي او آرز واري معاملي سان گڏ ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت  وارو معاملو گونجندو رهندو.
ڪجهه سياستدان ترڪي جي عوام کي سرخ سلام پيش ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائڻ واري عمل کي جمهوريت جي فتح قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجهه اهڙا سياستدان به ملڪ اندر موجود آهن جيڪي پنهنجي خطابن ۽ بيانن ۾ چئي رهيا آهن ته عوام غلط قدم کنيو آهي. بهر حال هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته آمريڪا، يورپ ۽ ٻيا ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪي ۾ جمهوريت واري عمل جي حمايت ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ترڪي صدر طيب اردگان سان فون تي رابطو ڪري ناڪام فوجي بغاوت کي ڇٿڻ دوران انساني حقن جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي پر لڳي ٿو ته صدر طيب اردگان فوجي بغاوت کي ڇٿڻ لاءِ سمورن باغين کي سزا ڏيڻ لاءِ پڪو پهه ڪري ويٺو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن کان عوام تقسيم اسڪوائر وٽ گڏ ٿي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو ڏنو ۽ ڪامياب ٿيا، تنهن ڏينهن کان باغي ڌڙي کي ڇٿڻ لاءِ گرفتاريون به ڪيون و يون، جن ۾فوجي اهلڪار، جج  ۽ حامي به شامل آهن. استنبول ۽ انقره سميت ٻين علائقن مان باغي ڌڙي سان لاڳاپا هئڻ جي شڪ جي بنياد  تي ڪيترن ئي استادن کي نوڪرين تان برطرف به ڪيو ويو آهي ۽ اهو به ٻڌڻ  ۾ اچي رهيو آهي ته طيب اردگان باغين ۽ انهن جي حامين کي چٿڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ۽ آمريڪا کان فتح الله گولن جي حوالگي جي درخواست به ڪئي آهي، جنهن جي تصديق وائيٽ هائوس جي ترجمان جاش ارنيسٽ به ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو  ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. ترڪي پاران فتح الله گولن جي حوالگي واري درخواست تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو آهي ته هو ترڪي ۾ جمهوري عمل جي حمايت ڪن ٿا پر  بغاوت کي چٿڻ دوران انساني حقن جو به خيال رکيو وڃي. جنهن مان لڳي پيو ته ترڪي ۾ جيڪي به  باغي آهن  انهن کي ڦاهي جون سزا ڏيڻ جي سوچيو پيو وڃي ته جنهن تي گڏيل قومن توڙي آمريڪا کي به ڳڻتي آهي، جنهن سبب آمريڪا کي اڄ انساني حقن  جي خيال رکڻ بابت ڳالهه جو جواز مليو آهي. جيتوڻيڪ  دنيا ۾ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪام ڪوشش ۾ آمريڪا جو هٿ آهي پر اهڙين خبرن جي آمريڪا طرفان ترديد ڪئي وئي آهي. آمريڪا طرفان بيان ڏنو ويو ته ان جو ان صورتحال سان  آمريڪا جو  تعلق نه آهي.
 ترڪي صدر طيب اردگان طرفان به اهو واضع ڪيو ويو آهي ته هو ڪنهن به باغي کي بخش نه ڪندا، جيڪي ناڪام فوجي بغاوت ۾ شامل  هئا، اهي سزا ڪهڙي هوندي ان بابت هن وقت تائين ڪو واضع بيان نه ڏنو ويو آهي،  جنهن مان لڳي پيو ته ترڪي اندر وڏي پئماني تي ماڻهن کي  سزائون ڏنيون وينديون. ترڪي ۾ ناڪام بغاوت بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طرفان  چيو ويو آهي ته ترڪي  ۽ پاڪستان ۾ فرق آهي ۽ ان فرق بابت به عوام کي  ٻڌايو آهي ته پاڪستان  جا حڪمران ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ هتان جي حڪمرانن عوام کي ٽڪو به نه ڏنو آهي جنهن سبب هتان جي عوام ڪڏهن به ترڪي جي عوام جيان  فوجي حڪومت خلاف  روڊن تي نه نڪرندي ۽ نه ئي ڪو احتجاج ڪندي ۽ عمران خان اهو به چيو آهي ته طيب اردگان هڪ ايماندار صدر  آهي ۽ هن عوام کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي جنهن سبب عوام کيس پسند ڪندي آهي. عمران خان جي اهڙي بيان بعد پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ جي اڳواڻن طرفان به مختلف بيان ڏنا ويا آهن. جيڪڏهن واقعي طيب اردگان هڪ ايماندار شخص آهي ته پوءِ سندس خلاف ترڪي جي اندر ڪرپشن جا ڪيس ڇو  هلي رهيا آهن، شايد ان بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي خبر نه هئي جنهن سبب هن اهڙو بيان ڏنو، ڇاڪاڻ ته  طيب اردگان  تي 100 ارب ڊالر ڪرپشن  جو الزام لڳايو ويو آهي،  جنهن جي جاچ به هلي رهي آهي. 2013ع ۾ طيب اردگان  ۽ سندس پٽ جي آڊيو ٽيپ منظر عام تي آئي هئي جنهن به اربين ڊالر  روپيا سنڀالي رکڻ جون ڳاهيون ڪيون ويون هيون، اهڙي ويڊيو منظر عام اچڻ بعد ترڪي صدر طيب اردگان آئڊيو ٽيپ کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته اها  آڊيو ٽيپ  ايڊٽ ڪري ٺاهي وئي  آهي. مختلف اخبارن ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته طيب اردگان جو داعش سان تيل جي ڪاروبار ۾  حصو  آهي، ڇاڪاڻ ته شام  ۾ داعش مضبوط آهي، جيڪا  شام اندر حالتون خراب ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري  رهي آهي.
طيب اردگان تي ترڪي ۾ ڪرپشن جو ڪيس به هلي رهيو آهي ايتري قدر جو سندس پارٽي جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن تي مني لانڊرنگ جو ڪيس به هلي رهي آهي. ٻڌڻ ۾آهي ته طيب  اردگان تي 2014 جي چونڊن ۾ ڌنڌالي ڪرائڻ جو به الزام لڳايو ويو هو.جنهن جو چرچو اڄ به ترڪي ۾ ٿي رهيو اهي. جڏهن طيب اردگان خلاف احتجاج شروع ٿيا هئا ته ان ئي طيب اردگان سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي ۽ ان ترڪي جي صدر خانگي ٽي وي چينلن تي به پابندي  لڳائي جنهن تي مٿس وڏي تنقيد ڪئي وئي هئي. 2014ع جي چونڊن ۾ جڏهن طيب اردگان  کي جن علائقن ۾ شڪست ملي هئي انهن علائقن ۾ طيب اردگان خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي هئي ۽ ڪردن  خلاف به رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ ڪردن تي  تمام گهڻو ظلم به ڪيو ويو هو ۽ 2 هزار صحافين  تي به ڪيس داخل ڪيا ويا  هئا ۽ ڪيترن ئي پرڏيهي صحافين کي ملڪ بدر به ڪيو  ويو هو، مطلب ته ملڪ اندر ٽي وي چنلن توڙي ڪنهن به شخص کي ڳالهائڻ جي آزادي نه ڏني وئي هئي پر جڏهن  جمهوريت تي ڏکيو وقت آيو ته ڪرد نواز پارٽي سميت ٻيون ڪيتريون جماعتون طيب اردگان جي حمايت ۾روڊن تي نڪتيون ۽ چيو  ته هو هڪ فرد جي حمايت ۾ نه پر جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نڪتيون آهن ۽ اها ئي ميڊيا جنهن تي طيب اردگان پابندي هئي ان به سندس  حمايت ڪئي هئي. طيب اردگان جنهن سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي هئي ، ان تي ئي کيس فوجي بغاوت دوران بيان جاري ڪرڻو پيو ۽ جڏهن فوجي بغاوت جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته طيب اردگان جو ڪو به بيان  نه ڏيکاري رهيو هو ته طيب اردگان کي مجبورن سوشل ميڊيا جو سهارو وٺڻ پيو هو ۽ سندس  وڊيو بيان سڄي ترڪي ۾ ڏٺو ويو ۽ عوام لکن جي تعداد ۾ روڊن تي نڪتي هئي. پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽي طرفان  اهو فيصلو نه ڪيو ويو آهي ته ملڪ اندر جمهوريت هجي يا وري فوجي حڪومت  هجي. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر سياستدان توڙي عوام اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته جمهوريت بهتر آهي يا وري فوجي حڪومت بهتر آهي جنهن سبب هن ملڪ  ۾ ڪيترائي ڀيرا جمهوري حڪومت ختم ڪري  آمريت قائم ڪئي وئي آهي جنهن تي  عوام طرفان ڪڏهن به روڊن تي اچڻ يا احتجاج ڪندي نه ڏٺو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment