Pages

Tuesday, 12 July 2016

آمريڪا ۾ ٻيهر ڪاري نسل جو قتل عام

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾  هڪ ڀيرو  ٻيهر ڪاري نسل جي قتل عام بعد احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، اهو  سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن ميڊيا تي ڪاري نسل جي ٻن نوجوانن جي مارجڻ جي ويڊيو منظر عام تي آئي. جنهن بعد آمريڪي شهر ڊيلاس ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن ڪاري نسل جي ٻن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ته اڻڄاتل ماڻهن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي به ٿي پيا ۽ احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون به ٿيون، جنهن بعد پوليس وڏي انگ ۾ پهچي 8 سئو کان وڌيڪ ڪاري نسل جي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، پرڏيهي ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته پوليس اهلڪارن جي مارجڻ بعد ڊيلاس سميت  آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا جن  اڇي رنگ واري پوليس اهلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ انهن کي برطرف ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، ٻي طرف وري بارڪ اوباما پوليس ۽ ڪاري نسل جي ڪميونٽي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو عزم به ڪيو آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما نائب صدر جو بائيڊن سان گڏجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات به ڪئي آهي جنهن دوران به ڇڪتاڻ پرامن طريقي سان گهٽائڻ لاءِ پوليس کي تربيت ڏيڻ  بابت غور ويچار ڪيو ويو. وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر باراڪ اوباما ڪاري نسل جي نوجوانن جي مارڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ آمريڪي قانونسازي ۾ نواڻ آڻڻ تي زور ڀريو آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ به چيو آهي ته نسل پرستي دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ان مسئلي تي آمريڪي قانون ۾ آئيني سڌارا آندا وڃن.
ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي شهر ٽيڪساس ۾ به پوليس هٿان ڪاري نسل جا ٻه شهري مارجي ويا هئا، جن مان هڪ شهري جي وڊيو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي هئي، جنهن کان پوءِ آمريڪا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پوليس جي فائرنگ ۾ ڪاري نسل جي 2 نوجوانن جي مارجڻ ۽ مڇريل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هونءَ به آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن  ۾ اهو مشهور آهي ته ڪاري نسل وارن علائقن ۾ اڇي رنگ جا آمريڪي ناهن ويندا ۽ ڏينهن ڏٺي جو به انهن علائقن مان گذرڻ کان پاسو ڪندا آهن،  ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي نسلن ۾ رنگ تي تمام گهڻو جهيڙو هلي رهيو آهي، جنهن سبب ڪاري نسل  جا ماڻهو اڇي نسل جي ماڻهن کي ماريندا آهن ته ڪڏهن وري اڇي نسل وارا ماڻهو ڪاري نسل جي ماڻهن کي قتل ڪندا آهن. آمريڪي ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته  ڪيترن ئي رياستن ۾ جتي ڪاري نسل جي ماڻهن جي اڪثريت آهي اتي اڇي نسل جا پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي اسٽريٽ ڪرائيم ڪندڙ ڪاري نسل جي ماڻهن کي گوليون هڻندا آهن جن جون ڪيتريون ويڊيوز اڄ به آمريڪا جي مختلف چينلن تي نشر ٿي رهيون آهن، ڪجهه ويڊيوز ۾ ته ڪاري نسل جي ماڻهن کي اسٽورن تان ڦر ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي، آمريڪي ميڊيا ۾ اهي به خبرون آهن ته ڪاري نسل جي ماڻهن کي منشيات، هٿيارن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هوندا، جيڪي واردات دوران پوليس مقابلن ۾ ماريا ويندا آهن، ٻي طرف وري اهڙين خبرن کي ڪاري نسل جي اڳواڻن مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙن خبرن ڪا به صداقت نه آهي، پوليس اهلڪار بنا ڪنهن سبب جي ڪاري نسل جي ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن، جيڪو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو ڏوهه هجي ته ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي نه ڪي ان کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي.
آمريڪي رياست ڊيلاس ۾ جڏهن ڪاري نسل جي ماڻهن جي قتل عام  خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت به هزارين ماڻهن مختلف شهرن ۾ مصروف ترين واپاري مرڪز کي بند ڪرائي ڇڏيو هو ۽  مختلف هنڌن تي ڌرڻا به هنيا ويا هئا. ڪجهه هنڌن تي احتجاج دوران مڇريل ماڻهن شاپنگ مالز ۽ اسٽور پڻ بند ڪرائي ڇڏيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پوليس جي سربراهه ۽ پراسيڪيوٽر جي استعفيٰ پڻ مطالبو ڪيو  هو، آمريڪا ۾ هڪ طرف ڪاري نسل جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري وري  ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اهو چئي رهيا آهن ته ڪاري نسل جا ماڻهو بنا جواز احتجاج ڪري رهيا آهن، ساڻن ڪا به زيادتي نه پئي ٿئي، آمريڪي صدر به ڪاري نسل مان ئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ڪاري نسل سان تعلق رکي ٿو. ان باوجود به سندس حڪومت ۾ ئي سندس نسل جي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي مٿس تنقيد به ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ به آمريڪي صدر بارڪ اوباما خلاف به ڪاري نسل جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، جنهن بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي پريشانين ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي.  هڪ طرف سندس صدارتي مدي ۾ ڪجهه وقت بچيو آهي ته ٻي طرف وري سندس ئي صدارتي حڪومت ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪاري نسل جي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، جنهن بعد لڳي پيو ته هاڻ ڪڏهن به آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي ڪاري نسل کان ووٽ نه ملندو ۽ نه ئي هو انهن وٽ وڃي سگهندو، ڇاڪاڻ ته مختلف هنڌن تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما آمريڪا جو پهريون ڪاري نسل سان تعلق رکندڙ صدر نه آهي پر ان کان اڳ به 7  ڄڻا ڪاري نسل مان صدر ٿي چڪا آهن. جن  مان جان هين سن ( Johan Hanson) آمريڪا جو پهريون ڪاري نسل جو صدر هو، جنهن آمريڪي صدارتي عهدو سنڀاليو هو. جنهن 1781 کان 1782 تائين  عهدي تي رهي پنهنجي قوم جي خدمت ڪئي. در اصل ملڪ جو قيام پهرين مارچ 1781ع ۾  ٺهيو هو، جنهن جا ڪاغذ 11 جون 1776ع ۾ مڪمل ڪيا ويا جنهن تي ڪانگريس طرفان اعتراض اٿاريا ويا هئا. آمريڪي رياست ميري لينڊ صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نيٺ 1781ع   ڪاغذن تي صحيح ڪئي وئي ۽ جان هين سن کي ڪانگريس طرفان  صدر چونڊيو ويو هو. جنهن تي سمورا ڪانگريس جا ميمبر متفق ٿي ويا هئا.   آمريڪا جو ٻيون ڪاري نسل جو صدر ٿامس جيفر سن (Thomas Jefferson)  هو جيڪو آمريڪا جو ٽيون صدر هو، جنهن 1801ع کان 1809ع  ملڪ جي خدمت ڪئي. ٿامس جيفر جي امڙ ورجنيا رياست کان هئي ۽ سندس پيءُ به ڪاري نسل مان هو. ٿامس مورس چيو هو ته هو يورپ ۾ مولاٽو ( ( mulatto غلام فيملي سان گڏ رهندو هو.  آمريڪا جو ڪاري نسل مان ٽيون صدر اينڊريو جيڪسن (Andrew Jackson) هو، جيڪو آمريڪا جو ستون نمبر صدر هو، جنهن 1829ع کان 1837 تائين صدارتي عهدو سنڀاليو. اينڊريو جيڪسن جي امڙاڇي نسل جي عورت هئي، جيڪا آئيرلينڊ ۾ رهندي هئي، جنهن هڪ ڪاري نسل جي شخص سان شادي ڪئي هئي. سندس ويڳي کي وڪرو ڪيو ويو هو.  آمريڪا جو چوٿون ڪاري نسل جو صدر ابراهم لنڪن ( Abraham Lincoln)هو جنهن 1861ع کان 1865ع  تائين آمريڪي صدارتي عهدو سنڀاليو. سندس امڙ ايٿوپين (Ethiopian) حبشي قبيلا مان هئي. ابراهم لنڪن جي امڙ جو تعلق آفريڪي ملڪ سان هو. سندس والد ٿامس لنڪن آفريڪي آمريڪن هو.   آمريڪا جو پنجون ڪاري نسل جو صدر وارن هارڊنگ (Warren Harding) هو، جيڪو آمريڪا جو 28 هون صدر هو. وارن هارڊنگ 1921ع کان 1923ع تائين آمريڪي صدر رهيو. هارڊنگ پنهنجي نسب جي ڪڏهن به ترديد نه ڪئي، جڏهن ري پبلڪن جي اڳواڻن پنهنجي “ نيگرو” تاريخ کان انڪار ڪرڻ تي هارڊنگ سان ملاقات ڪئي ته هن چيو ته هنءَ کي ڪهڙي طرح پتو لڳي سگهي ٿو ته سندس ابن ڏاڏن ڪهڙي طريقي سان گذريو هو. آمريڪا جو ڇهون ڪاري نسل جو صدر ڪيلون ڪولج (Calvin Coolidge) هو، جنهن 1923ع کان 1929ع تائين صدارتي عهدو سنڀاليو، جيڪو آمريڪا جو 29 هون صدر هو.  آمريڪا جو ستون ڪاري نسل جو صدر ڊوائيٽ آئزن هاور (Dwight E. Eisenhower) هو، جيڪو 33 هون آمريڪي صدر هو، جنهن 1953ع کان 1961ع  آمريڪي قوم جي خدمت ڪئي ۽ هو ڪاري نسل مان هو،  آمريڪا جو اٺون صدر بارڪ اوباما آهي،  جيڪو پڻ ڪاري نسل مان آهي، جنهن جو صدارتي مدو به پورو ٿيڻ وارو آهي.
هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ٻن نوجوانن جي قتل عام بعد احتجاج شروع ٿي ويا آهن ته ان باوجود ريپبلڪن توڙي ڊيموڪريٽ پارٽين طرفان ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن ۽ نه ئي انهن بابت ڪي بيان ڏنا پيا وڃن، جيتوڻيڪ  آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي پر ان باوجود  اهڙن نسلي فسادن جي روڪٿام لاءِ ڪا به آل پارٽيز ڪانفرنس نه ڪوٺائي وئي آهي ۽ نه ئي آمريڪي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪي خاص بيان ڏنا ويا آهن. جئين جئين آمريڪي صدارتي چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن، تئين تئين آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ فائرنگ جي واقعن سان گڏ نسلي فساد به شروع ٿي ويا آهن، جيڪي آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ پرتشدد ٿيندا پيا وڃن. جنهن لاءِ آمريڪا جي سموري قيادت کي گڏجي ڪاري نسل جي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل خدشن کي ختم ڪرڻو پوندو ته جئين امن امان جي صورتحال ٻيهر بحال ٿي سگهي ۽ اڇي نسل جي پوليس اهلڪارن کي ڪاري نسل جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان روڪڻو پوندو ته جئين مستقبل ۾ اهڙيون حالتون  نه ٿين جنهن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ۽ ڪاري نسل جي اڪثريتي علائقن ۾ پوليس اهلڪار به ڪاري نسل جا مقرر ڪيا وڃن ته جئين انهن کي احتجاج ڪرڻ جو موقعو نه مليو .

No comments:

Post a Comment