صاحب خان ڀٽي
ٽي او آرز وارو
معاملو عيد گذرڻ باوجود به حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اڃان
به اختلاف موجود آهن. عيد کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان
تي به هن وقت تائين ڪو خاص عمل نه ڪيو ويو آهي. جنهن ريت ٻنهي پارٽين نواز حڪومت
خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، تنهن مان لڳي رهيو هو ته عيد کانپوءِ نواز حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويندو ۽ ٻيهر چونڊيون ٿينديون پر ائين نه ٿيو پر هڪ دفعو ٻيهر خوشبري ضرور ٻڌڻ ۾ آئي، اها خوشبري ٻئي ڪا نه
پر عمران خان جي شادي بابت هئي، جنهن بابت ناليواري نجمومي به اڳڪٿي ڪئي آهي ته
جيڪڏهن عمران خان 20 سيپٽمبر کان پوءِ شادي ڪندو ته هن ڀيري سندس شادي ڪامياب
رهندي ۽ طلاق نه ٿيندي، ان کان علاوه ڪجهه
خانگي ٽي وي چينلن تي به اهي خبرون نشر ٿيون ته عمران خان شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو
آهي، جنهن بعد تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته هن وقت
تائين هنءَ شادي جو فيصلو ناهي ڪيو، جڏهن ڪندو ته سڄي
ميڊيا کي ضرور ٻڌائندو. مفتي عبدالقوي کي جڳ ۾ مشهور ڪندڙ ناليواري ماڊل قنديل
بلوچ به هڪ ڀيرو ٻيهر خوش ٿي وئي آهي ۽ بيان ڏنو آهي ته هو عمران خان سان شادي ڪرڻ
چاهي ٿي پر هن وقت تائين عمران خان توڙي سندس پارٽي طرفان قنديل کي ڪو به جواب نه
ڏنو ويو آهي.
بهر حال عمران خان
جي شادي ٿئي يا نه ٿئي پر پاناماليڪس وارو
معاملو ضرور حل ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف لنڊن مان دل جو علاج ڪرائڻ
بعد تندرست ٿي ڏيهه پهتو آهي، جنهن هن ڀيري مفاهمتي پاليسي اپنائي آهي، تنهن مان لڳي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف
پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، عمران خان
۽ بلاول ڀٽو زرداري به نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو پر هاڻ ٻنهي ڄڻن پنهنجي مطالبي ۾ ٿوري نرمي آندي
آهي ۽
صرف پاناما ليڪس جي جاچ بابت مطالبو ڪيو آهي،
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري في الحال علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي ۽ ان جو به
پاناما ليڪس معاملي بابت هن وقت تائين ڪو خاص بيان سامهون نه آيو، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي چيئرمين
بلاول ڀٽو زرداري جي ته هو به وزيراعظم
نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ احتجاج جو به چتاءُ ڏنو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ڪيترن ئي هنڌن تي وزيراعظم
نوازشريف جي حڪومت خلاف بيان به ڏنا آهن،
پر ان باوجود پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ نوازليگ سان بهتر لاڳاپا قائم رکڻ جا
خواهشمند آهن جيڪي هن وقت في الحال خاموش
آهن. پاناما ليڪس معاملو مامرو ڪڏهن حل ٿيندو؟ ڪنهن وقت حل ٿي ويندو جنهن بابت هن
وقت تائين اڳڪٿي نه ڪئي آهي پر جئين جئين ڏينهن گذري رهيا آهن تئين تئين پاناما
ليڪس جي متل باهه جي شعلن ۾ ٿوري گهٽتائي ضرور
آهي، ڇاڪاڻ ته پاناماليڪس معاملي تي احتجاج اثرائتو ان ڪري ثابت نه ٿي
سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، جنهن سبب
جڏهن به ملڪ اندر ڌرڻا لڳندا ته ملڪ اندر ڪو نه ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي ويندو آهي، جنهن سبب
ماڻهن جو ڌيان سمورو ان ڪرنٽ اشو ڏانهن هليو ويندو آهي، صرف تحريڪ انصاف ۽ ٻين
پارٽين جي بار بار احتجاج سبب هن وقت تائين پاناما ليڪس معاملو زنده آهي نه ته اهو
معاملو هن وقت تائين هن ملڪ مان ختم ٿي وڃي ها.
تحريڪ انصاف به هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم نوازشريف خلاف احتجاج
ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ به وزيراعظم خلاف سپريم
ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي
اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه به هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته
حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ٽي او آرز تي حڪومتي ڌر سان اتفاق نه ٿي سگھيو ته پوءَ
هو سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندا. سيد
خورشيد شاهه چيو ته هو پاناما ليڪس معاملي جي صاف شفاف جاچ چاهين ٿا، ٽي او آرز تي
اتفاق نه ٿيو ته هو وزيراعظم نواز شريف خلاف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت سپريم ڪورٽ ۾
پٽيشن داخل ڪرائيندا. مخالف ڌر اڳواڻ ماضي
کي ورجائيندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته نواز ليگ سندن وزيراعظم خلاف به ڪورٽ وئي هئي
ته هو به ضرور ويندا، جيڪڏهن ٽي او آرز معاملو
حل نه ٿيو ته هو اهڙو قدم کڻي به سگهن ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان تحريڪ
انصاف ۽ عوامي تحريڪ به
نواز حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ ۾ ڌرل آهن ۽ بيان به ڏئي رهيا آهن، جنهن کي
نوازشريف جي پارٽي جا اڳواڻ جمهوريت خلاف سازش قرار ڏئي رهيا آهن.
ٻي طرف وري وزيراعظم
نواز شريف حڪومتي ميمبرن کي پاناما ليڪس ڪميشن تي مخالف ڌر سان رابطا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي
آهي، اهڙي هدايت وزير اعظم نواز شريف هڪ
اجلاس ۾ ڪئي. جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، اسحاق ڊار، مريم نواز، پرويز
رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزير اعظم نواز شريف حڪومتي وزيرن کي هدايت ڪئي
ته پاناما ليڪس ڪميشن تي مخالف ڌر سان رابطا وڌايا وڃن. تنهن بعد نواز ليگ اڳواڻ
قومي اسميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ پاناماليڪس معاملي
تي ڳالهيون ڪيون ويون. هونءَ به وزيراعظم نوازشريف پاناما ڪميشن تي وري مفاهمت جي
ڪوشش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مخالف ڌر سان مفاهمت واريون ڪوششون تيز ڪيون
وڃن. وفاقي وزير اسحاق ڊار به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽي او آر جي مخالف ڌر کي
ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏني ويندي. هوڏانهن مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اليڪشن
ڪميشن ميمبرن جي مقرري لاءِ ق ليگ سربراهه سان رابطو ڪري ورتو آهي. سيد خورشيد
شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ق ليگ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نالن لاءِ پنهنجون
تجويزون پيش ڪري. ٻي طرف وري پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي مخالف ڌر جي پارٽين سان
رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. شاهه محمود قريشي طرفان مخالف ڌر جي پارٽين کي 19 جولاءِ
تي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان غور
ويچار ڪيو ويندو. بهر حال 19 جولاءِ ۾ اڃان ڪجهه ڏينهن
موجود آهن پر جنهن ريت تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي حڪومت خلاف عيد بعد تحريڪ هلائڻ
جو اعلان ڪيو هو، ان تي هن وقت تائين ڪو اهم قدم نه کنيو آهي، عوام
جي به پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ۾ ڪا دلچسپي نظر نه پئي اچي، هاڻ ڏسڻو آهي
ته ڇا پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نوازشريف جي مفاهمتي پاليسي ۾ کي قبول ڪندا يا وري پنهنجي مرضي سان احتجاج
جاري رکندا.
No comments:
Post a Comment