صاحب
خان ڀٽي
برطانيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ يورپي
يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفرينڊم
ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ ماڻهن اڪثريت سان
سان يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا طرفان به
ساڳيا لاڳاپا قائم رکڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي. عوام جي اهڙي فيصلي بعد برطانوي
وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون استيعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو هو ته هاڻ برطانيا کي نئين وزيراعظم جي ضرورت آهي،
جنهن سبب هن اهڙو قدم کڻڻ بهتر سمجهيو، برطانوي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري فيصلي جي سڄي دنيا ۾ و اکاڻ به
ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون برطانوي وزيراعظم هو جنهن عوامي فيصلي جو احترام ڪندي
پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ڊيوڊ ڪيمرون پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هن ملڪ
کي سياسي عدم استحڪام کان بچائڻ لاءِ عهدو تان استعفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو۽ هن اهو
ثابت ڪري ڏيکاريو، استعيفيٰ ڏيڻ وقت ڊيوڊ ڪيمرون چيو هو ته هاڻ نئين وزيراعظم تي
فرض ٿئي ٿو ته يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ واري عمل جي شروعات ڪري ۽ ان کي انجام
تائين به پهچائي ڏيکاري. ڊيوڊ ڪيمرون وڌيڪ چيو ته برطانيه جي يورپي يونين کان ڌار
ٿيڻ باوجود يورپ جا شهري برطانيه ۾ رهي سگهن ٿا.
جڏهن برطانوي ريفرينڊ جو نتيجو پڌرو ٿيو هو ته ان وقت ئي سڄي سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي نظر آئي هئي ۽ ڪيترن ئي سرمائيدارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا هئا ۽
عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جا اگهه به ڪري پيا هئا، ايتري قدر جو آمريڪي اسٽاڪ
مارڪيٽ به تمام گهڻو ڪري پئي هئي ، تنهن
باوجود به آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي
بيان ۾ اهو چيو هو ته آمريڪا برطانيا سان ساڳيا ئي لاڳاپا قائم رکندو جيڪي ريفرينڊم کان اڳ هئا، برطانوي ريفرينڊم ۾
پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي نظر آئي هئي، بهر حال ريفرينڊم ۾ ته برطانوي
عوام يورپي يونين کان ڌار بابت پنهنجي
راءِ جو اظهار ڪيو پر پر ڪجهه ماڻهن ٻيهر ريفرينڊم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ڇاڪاڻ ته
انهن ماڻهن کي يورپي يونين کان تمام گهڻو فائدو ملي رهيو هو، جنهن سبب انهن اهو
مطالبو ڪيو هو ته اهي يورپي يونين سان گڏ
رهڻ چاهين ٿا، جنهن بابت انهن ڪيترائي سبب به ٻڌايا پر اڪثريت انهن جي مطالبي کي
مڃڻ کان انڪار ڪيو، تنهن بعد ڊيوڊ ڪيمرون پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. برطانوي
وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون پنهنجي عهدي تان ڏنل استعيفيٰ برطانيا جي راڻي جي حوالي ڪئي،
ڊيوڊ ڪيمرون
جي استعيفيٰ بعد ڪنزر ويٽو پارٽي جي قيادت طرفان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا اماڻيا ويا هئا ۽
برطانيا جي گهرو وزير طور ڪم ڪندڙ ٿريسامي کي وزيراعظم بڻائڻ جي حمايت به ڪئي هئي.
جنهن کان پوءِ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ ٿريسامي کي برطانيا جي ٻي عورت وزيراعظم
بڻايو ويو، جنهن وزيراعظم جون ذميواريون به سنڀالي ورتيون آهن. ٿريسامي پهرين آڪٽوبر 1956ع تي برطانيا ۾ جنمت
ورتو هو، جنهن 1997ع ۾ پهريون ڀيرو ميڊن
هيڊن جي تڪ تان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پارليامينٽ جي ميمبر چونڊي وئي هئي ۽ 2002ع ۾
کيس ڪنزر ويٽو پارٽي جي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو هو. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي
پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ سان به ملاقات ڪري چڪي آهي ۽
هن جا چوڌري نثار سان به سٺا لاڳاپا آهن، برطانيا جي نئين وزيراعظم ٿريسامي
مني لانڊرنگ ڪيس بابت ڪيترائي ڀيرا پاڪستان به اچي چڪي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته
برطانيا سان پاڪستان جا هاڻ اڃان وڌيڪ
مضبوط لاڳاپا قائم ٿيندا، ڇاڪاڻ ته برطانوي وزيراعظم ٿريسامي ٿڌي طبعيت جي عورت
آهي ۽ سياست ۾ سڀني کان تمام ذهين عورت طور سڃاتي ويندي آهي، جنهن لاءِ اها اڳڪٿي
ڪئي پئي وڃي ته ٿريسامي برطانيا جا ٻين ملڪن سان سٺا لاڳا قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويندا ۽ برطانوي معشيت کي تمام گهڻو مضبوط ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويندي. ٿريسامي اهو
اعلان به ڪيو آهي ته هوءَ عوامي راءِ جو
احترام ڪندي ۽ ملڪي ترقي لاءِ هر قدم کڻندي. ٿريسامي جڏهن وزيراعظم جو عهدو
سنڀاليو ته هن اربع جي رات پنهنجي نئين
ڪابينا جي چار نون نالن جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ بورس جانسن، فلپ هيمنڊ، ڊيوڊ ڊيوس،
ليئم فوڪس ۽ امبر رڊ جا نالا شامل هئا. بورس جانسن بابت برطانوي ادار ي لکيو آهي
ته بورس جانسن واحد شخص هو جنهن برطانيا کي يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ واري مهم هلائي
هئي.
برطانيا جي نئين وزيراعظم ٿريسامي اڳوڻي توانائي
واري سيڪريٽري امبر رڊ کي هوم سيڪريٽري جو
عهدو ڏنو آهي، جڏهن ته ڊيوڊ ڊيوس کي
بريگزٽ وزير مقرر ڪيو ويو آهي. برطانوي
اداري لکي ٿو ته اڳوڻو بچاءُ وارو وزير ليئم
فوڪس جنهن 2011ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏنو هو، جنهن کي پرڏيهي واپار واري
وزارت جو وزير بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مائيڪل فالن بچاءُ واري وزير طور ڪم ڪندو رهندو.
برطانوي جي ٻئين عورت وزيراعظم پنهنجو
عهدو سنڀاليندي چيو آهي ته هاڻ برطانيا ۾
ٻيو ڪو به ريفرينڊم نه ٿيندو هو عوامي فيصلي جو احترام ڪري ٿي ۽ سڀني ماڻهن کي حق ڏنا ويندا ، برطانوي وزيراعظم اهو
واعدو به ڪيو ته هو پنهنجو سمورو وقت محنت
ڪندي گذاريندي. ٿريسامي پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته هاڻي يورپي يونين ۾ رهڻ جي
ڪوشش نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪو ٻيو ريفرنڊم ڪرائڻ جي ضروت آهي.
اهڙي بيان بعد هڪ ڳالهه ته واضع ٿئي وئي ته
ٿريسامي برطانيا جي عوام جي حمايت حاصل ڪري و رتي آهي، جنهن بعد لڳي پيو ته ٿريسامي کي برطانيا ۾
سياسي طور ڪي به ڏکيائون نه اينديون پر برطانوي عوام طرفان ريفرينڊم يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ واري ڏنل
فيصلي تي عمل ڪرائڻ سندس لاءِ وڏو
چيئلنج بڻيل آهي ۽ هاڻ ٿريسامي لاءِ اهو تمام وڏو ڏکيو مرحلو هوندو جڏهن کيس يورپي
يونين جي شرطن کي پورو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته يورپي يونين آساني سان برطانيا کي
پنهنجي ڄار مان نڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ، ڇاڪاڻ ته برطانيا جو يورپي يونين کان ڌار
بعد ٻيون رياستون به يورپي يونين کان الڳ
ٿيڻ بابت سوچي رهيون آهن ۽ برطانيا صرف
انهي سوچ جو هڪ ٽريلر آهي، يورپي يونين به برطانوي ريفرينڊم بعد تمام گهڻو پريشان
ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڊيوڊ ڪيمرون کي به
ڳڻتي ورايو آهي ته جيڪڏهن يورپي يونين کان برطانيا الڳ ٿي ويو ته ملڪي معيشيت کي
تمام گهڻو نقصان ٿيندو پر برطانوي عوام
ڪنهن به صورت ۾ يورپي يونين سان گڏ رهڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇاڪاڻ ته کين يورپي
يونين تي تمام گهڻا خدشا آهن، بهرحال هاڻ برطانيا جي ٻئين عورت وزيراعظم
ٿريسامي جي اچڻ بعد برطانوي پاليسي ۾ ڪهڙي
تبديلي ٿي اچي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو .

No comments:
Post a Comment