صاحب خان ڀٽي
ترڪي جي عوام فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائي هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي، رات جي اونداهي ۾ جڏهن باغي ڌڙي ترڪي جي گادي
واري شهر انقره ۽ استنبول جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ته لکين ماڻهو ترڪ صدر طيب اردگان جي هڪ سڏ تي روڊن تي
نڪري آيا.ترڪي عوام بنا ڪنهن خوف جي روڊن تي نڪري پنهنجي ڇاتي تي گوليون کائي جمهويت کي بچائي آمريت جو بابت بند ڪري
ڇڏيو آهي، ترڪي جي عوام وڏي بهادري سان آمريت کي ٿڏي اهو ثابت ڪيو ته هو مرڻ ته پسند ڪن ٿا پر آمريت کي ڪنهن به
صورت ۾ قبول نه ڪندا. ترڪي جي عوام جي اهڙي جذبي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. هر طرف کان کان ترڪي جي عوام جي
جذبي جي واکاڻ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته ترڪي جي عوام فوجي اهلڪارن آڏو هڪ مضبوط ڀت جيان بيهي رهي ۽ ترڪ فوج جي باغي
گروپ کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ترڪ جي عوام پنهنجو رت ڏئي جمهوريت کي بچائي ورتو. جنهن جي جيتري
واکاڻ ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جڏهن استنبول ۾ باغي فوج جا ٽينڪ پهتا ته عوام انهن جي هيٺان ليٽي پئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن مزاحمت
ڪري انهن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور به ڪيو. ترڪ فوج جي باغي ڌڙي جي هيلي ڪاپٽرن انقره ۽ استنبول ۾ فائرنگ فائرنگ ۽ گولا
باري به ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، ميڊيا تي اهي خبرون هيون ته باغي گروپ جي
فوجي هيلي ڪاپٽرن پوليس هيڊ ڪوارٽر تي بمباري به ڪئي. باغي گروپ استنبول ۽ انقره سميت ٻين علائقن ۾ فائرنگ ۽ گولا باري
ڪئي، جڏهن ته: ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت استنبول ايئرپورٽ کي بند ڪيو ويو هو. جنهن بعد ترڪي ۾
حڪومت خلاف بغاوت جي ڪوشش جي وزيراعظم تصديق به ڪئي.
جڏهن باغي ڌڙي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته استنبول جي اهم بوسفورس پل کي به عارضي طور بند
ڪيو. انقره ۾ جيٽ جهازن هيٺاهون اڏامون به ڪيون، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو جنهن بعد ماڻهن کي لڳو ته ملڪ
اندر ڪجهه ضرور ٿي رهيو آهي. باغي گروپ جي قبضي بعد ترڪي ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ يو ٽيوب کي عارضي طور بند ڪيو ويو،
سرڪاري ٽي وي چينلن جي نشريات کي به بند ڪيو هو، استنبول ۽ انقره ۾ ڌماڪا به ڪيا ويا ۽ باغي فوجين جي فائرنگ انڌاڌنڌ فائرنگ
به ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. ترڪي ميڊيا ۾ اهي خبرون به نشر ٿيون ته ترڪي ۾ بغاوت ڪندڙ ڪمانڊر کي گرفتار
ڪيو ويو. ترڪ وزيراعظم انقره کي نو فلائي زون ڏئي هوائي حدن ۾ ۾ اڏام ڪندڙ جهازن کي تباهه ڪرڻ جو حڪم به ڏنو هو. ترڪ
وزيراعظم ملڪ ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول بحال ڪرائڻ جي به خاطري ڪرائي. جڏهن ترڪ فوج جي هڪ باغي گروپ مارشل لا ۽
ڪرفيو لڳايو ته ترڪ صدر عوام کي ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪئي جنهن بعد ترڪ صدر جي هڪ سڏ تي لکين ماڻهو روڊن تي نڪتا، جن
وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندڙ فوجي ٽينڪن کي روڪو پوئتي موٽڻ تي مجبور ڪيو. ترڪ صدر طيب اردگار جي سڏ تي لکين ماڻهو
جمهوريت بچائڻ لاءِ تقسيم اسڪوائر وٽ به گڏ ٿيا جتي به 2 ڌماڪا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. لکين تعداد ۾
جمهوريت کي بچائنيدڙ ماڻهن گورنر هائوس جي عمارت کي باغي فوج کان به خالي به ڪرايو. استنبول ايئرپورٽ ويجهو فوجي اهلڪارن
جي فائرنگ، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. جنهن بعد حڪومت جي حامي فورسز باغي گروپ جي هڪ هيلي ڪاپٽر کي تباهه ڪيو. جنهن
بابت ميڊيا ٻڌائي رهي هئي ته باغي گروپ جو ايف 16 هيلي ڪاپٽر عوام مٿان فائرنگ ڪري رهيو هو، جنهن سبب تباهه ڪيو ويو. باغي
گروپ جي هيلي ڪاپٽرن ترڪ پوليس جي هيڊ ڪوارٽر تي گولا باري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي
زخمي ٿيا.
جڏهن حڪومت جي حامي فوجي ڌڙي ڪنٽرول سنڀاليو ته ترڪ صدر طيب اردگان استنبول ايئرپورٽ پهتو جتي هزارين ماڻهن طرفان
سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي. ترڪ صدر طيب اردگان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي خواهش کان
وڏي ٻي ڪا به طاقت نه آهي ترڪ صدر چيو ته جنهن هوٽل ۾ هو ترسيل هو، اتي سندس وڃڻ کان پوءِ بمباري ڪئي وئي، طيب اردگان
چيو ته فوج جي ڌڙي پاران حڪومت تي قبضو ڪرڻ واري ڪوشش غداري آهي، هٿياربند فوج ۾ صفائي جي ضرورت آهي، ڪجهه
ماڻهو ملڪ ۾ ترقي ڏسڻ نه ٿا چاهين . ترڪ وزيراعظم چيو ته بغاوت تي مڪمل طور ضابطو آندو ويو ، هن چيو ته بغاوت جمهوي
حڪومت ۽ عوام خلاف سازش آهي، باغي گروپ جي بمباري ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي به ٿيا. ترڪ صدر چيو ته باغي
گروپ آرمي چيف کي به يرغمال بڻايو ، پوليس ۽ جمهويت پسند عوام سازش کي ناڪام بڻايو، طيب اردگان جو چوڻ هو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ
باغي فوجي اهلڪارن کي عام معافي ڏني ويندي، سازش ڪندڙن جو ڪنهن به ٽولي سان تعلق هجي کين مناسب جواب ڏنو ويندو. ترڪ
صدر طيب اردگان بغاوت جي ڪوشش ڪندڙ 120 کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن کي گرفتارڪيو ويو آهي ترڪ انصاف وارو وزير جو
چوڻ هو ته ترڪي جي مذهبي اڳواڻ محمد فتح الله گولن کان متاثر ٿيندڙ فوجي ڌڙي بغاوت ڪئي، جيڪو آمريڪا ۾ رهندو آهي. ڪمانڊر
فرسٽ آرمي ڊويزن چيو ته باغي گروپ ننڍو آهي، پريشاني جي ڳالهه نه آهي، حڪومت جي حامي فوج باغي ٽولي کي ڪنٽرول ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي.
نيٽو سيڪريٽري جنرل جو ترڪ پرڏيهي وزير سان رابطو ڪيو، جرمن چانسلر اينگلا مرڪل چيو ته ترڪي ۾ جمهوري حڪومت جي
حمايت ڪن ٿا.ٻي طرف وري ترڪي جي وڏي اپوزيشن پارٽي بغاوت جي مخالفت ڪري ڇڏي. صدارتي ترجمان جو چوڻ هو ته
جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، بچاءُ واري وزير چيو ته ترڪي ۾ هن وقت صدر ۽ وزيراعظم جي حڪومت قائم
آهي، ترڪ فوج جو بغاوت سان ڪو به تعلق نه آهي. ترڪ بچاءُ واري وزير چيو ته فوج جي هڪ ننڍي گروپ اقتدار تي قبضو ڪيو .
برطانيا طرفان ترڪي ۾ فوجي بغاوت بعد پنهنجي شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. برطانوي پرڏيهي وزارت جي ترجمان
چيو ته ترڪي جي صورتحال کان آگاهه آهن، وڌيڪ معلومات حاصل ڪري رهيا آهن.ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته
جيستائين صورتحال واضع نه ٿئي، تيستائين شهري ترڪي ۾ گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، ترڪي ۾ فوجي بغاوت تي دمشق ۾ جشن ملهايو
ويو ۽ خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي.،
آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته کين اميد آهي ته ترڪي ۾ امن ۽ نظام بحال رهندو، جڏهن ته سعودي
عرب طرفان ترڪي ۾ فوجي بغاوت بابت تبصري کان انڪار ي ڪري ڇڏيو ۽ عادل الجبير چيو ته ترڪي جي صورتحال واضع ناهي،
تبصرو نه ٿا ڪري سگهن. روس طرفان به ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ڪوشش تي مذمت ڪئي وئي. آمريڪا طرفان به ترڪي ۾
جمهوري حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته صدر بارڪ اوباما طرفان ترڪي ۾ تشدد ۽ خونريزي کان پاسو ڪرڻ جي
اپيل ڪئي وئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ترڪي جي عوام قربانيون ڏئي آمريت کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ترڪ عوام جي اهڙي بهادراڻي
قدم دنيا اندر هڪ تاريخ لکي ڇڏي آهي، جنهن بعد هر هڪ ملڪ اندر عوام کي جذبو پيدا ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ترڪ جي عوام جي اهڙي
قدم سان هڪ ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ٻين ترقي يافتن ملڪن ۾ به آمريت کان نفرت ڪئي ويندي آهي جنهن جو مثال ترڪي مان ملي
سگهي ٿو. جتي عوام بنا ڪنهن خوف جي فوج آڏو مضبوط پهاڙ جيان بيهي رهي ۽ ڇاتي تي گوليون کائي جمهوريت کي بچائي ورتو.
ترڪي جي عوام بمباري ۽ فائرنگ باوجود فوج کي شڪست ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ان کي پوئتي هٽڻ تي مجبور به ڪيو.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment