Pages

Tuesday, 5 July 2016

سعودي عرب به دهشتگردن جي نشاني تي....!!

صاحب خان ڀٽي
سعودي عرب ۾ هڪ ئي ڏينهن 4 آپگهاتي ڌماڪن دنيا اندر وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، هڪ طرف سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڳڻتي آهي ته ٻي طرف وري عالمي امن تي به آڱريون اٿي رهيون آهن پر ان باوجود هن وقت تائين عالمي ٺيڪيدار خاموش تماشائي بڻيل آهن. عالمي ٺيڪدارن جن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ جو ٺيڪو کنيوآهي اڄ انهن جي غلط پاليسين سبب دنيا اندر دهشتگردي کي هٿي ملي رهي آهي، عالمي ٺيڪيدار پنهنجي معمولي مفادن جي ڪري ڪيترن ئي اسلامي ملڪن کي دهشتگردي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. شام، يمن، عراق، لبيا، فلسطين، افغانستان ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي مسلم اڪثريت رياستن ۾ دهشتگردي جا پير ڄمي چڪا آهن، جتي هر روز هزارين ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ انساني حقن جو ادارو به صرف بيان ڏيڻ ۾ پورو هوندو آهي. اڄ عالمي سطح تي  دهشتگردي پکڙجي چڪي آهي پر ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، ان بابت عالمي امن جي ٺيڪيدارن هن وقت تائين ان بابت سوچيو به ناهي، دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ آمريڪا به هن وقت تائين گن ڪنٽرول قانون تي عمل نه ڪرائي سگهيو آهي، اتي به  فائرنگ جي واقعن سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن آمريڪا يا يورپ ۾ڪو وڏو سانحو پيش ايندو آهي ته ان جا اثر پاڪستان تي ضرور پوندا آهن، جئين بنگلاديش جي سفارتي علائقي ۾ هوٽل تي حملي ۽ ڀارت جي پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي ۾ پاڪستان کي ملوث قرار ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي ايتري قدر جو آمريڪا پاڪستان تي ايترو دٻاءُ وڌو ۽ چيو ته پاڪستان ڀارت سان جاچ ۾ مدد ڪري.
بهر حال اهو مسئلو ته ڪنهن حد تائين حل ناهي ٿي سگهيو پر  هاڻ جڏهن سعودي ۾ ڌماڪا ٿيا آهن، انهن ڌماڪن سبب پاڪستانين کي ڏکيائون ضرور پيش اچي رهيون آهن. سعودي عرب جيڪو دنيا جي سمورن مسلمانن جو قلعو سمجهيو ويندو آهي اڄ اتي به دهشتگرد پهچي ويا آهن، جنهن ملڪ ۾ ڪو  دهشتگردي جو تصور به نه ڪندو هو اڄ اتي ماڻهو ڌماڪن سبب خوف ۾ ورتل آهن، سعودي عرب ۾ آپگهاتي ڌماڪن ۾ 5 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪن جي آواز سبب ڀرپاسي وارين عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا هئا، جنهن ۾ هڪ پاڪستاني به زخمي ٿيو هو. جڏهن  سعودي عرب ۾ ڌماڪا ٿيا ته ان وقت هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو هو ته هاڻ ان جي ذميواري داعش قبول ڪندي يا ٻي ڪا دهشتگرد تنظيم پر هن وقت تائين ان ۾ به ڪا اهم اڳڀرائي نه ٿي آهي، سعودي عرب ۾ پهريون ڌماڪو 4 جولاءِ 2016ع جي صبح سوير آمريڪي قونصل خاني ويجهو ٿيو، جنهن ۾ 2 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جنهن بابت خبر نشر ٿي رهيون هيون ته ان ڏهاڙي آمريڪا جو آزادي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن سبب دهشتگردن آمريڪي قونصل خاني کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هونءَ ته ماضي ۾ آمريڪا جي آفيسن تي سعودي عرب ۾ حملا ٿي چڪا آهن پر مسجدن ويجهو اڄ تائين اهڙو ڪو به حملو يا ٻي ڪا دهشتگردي نه ٿي  آهي، آمريڪي قونصل خاني ويجهو آپگهاتي حملي بعد مديني شريف ۾  آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ پنج  سڪيورٽي اهلڪار  مارجي ويا، اوڀر واري شهر  قطيف به ۾ ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، جنهن بعد مديني ۾ به هنگامي حالتن بابت قائم ڪيل سينٽر ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي اڏايو، سعودي عرب ميڊيا  ۾ به اهي خبر نشر ٿي رهيون هيون ته بمبار مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي اڏايو، ان حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، جنهن بابت پاڪستاني سفير منظور الحق چيو ته ان حملي ۾ ڪو به پاڪستاني شهري زخمي نه ٿيو آهي ۽ نه ڪو پاڪستاني ان حملي مارجي ويو آهي، سمورا پاڪستاني خيريت سان آهن. پاڪستاني سفير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ته پاڪستاني سفارتخانو سعودي سان رابطي ۾ آهي، سعودي عرب ۾ ڌماڪن ۾ زخمي ٿيلن جي مديني جي گورنر عيادت به ڪئي، ان ڌماڪي جي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مذمت به ڪئي آهي. پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي اڳواڻن طرفان سعودي عرب سان رابطا به ڪيا ويا آهن ۽ افسوس جو به  اظهار ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم نوازشريف طرفان به سعودي ڌماڪن جي مذمت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نوازشريف سعودي ڌماڪن ۾ زخمي ٿيلن لاءِ دعا به گهري. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ عوام سعودي دهشتگردي تي ڏک ۾ ورتل آهي، دنيا ۾ وڌندڙ دهشتگردي تي سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف به سعودي بچاءُ واري وزير محمد بن سلمان سان رابطو ڪري ڌماڪن جي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف محمد بن سلمان سان  ڳالهائيندي چيو ته هو سعودي ڀائرن سان  هر ڌکئي گهڙي ۾ گڏ آهن، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين به   پاڪستاني اڳواڻن طرفان به سعودي عرب ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي.  دنيا اندر دهشتگردي ٿئي ۽ آمريڪا جو مذمتي بيان  ۽ رد عمل نه اچي اهو ڪٿان ممڪن ٿي سگهي ٿو، تازي سعودي عرب ۾ ٿيل دهشتگردي تي آمريڪا به ڳڻتي ظاهر ڪئي  آهي، جنهن ۾ سعودي عرب جا 5 اهلڪار مارجي ويا هئا، اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سعودي عرب ۾ هڪ ئي ڏينهن 4 آپگهاتي حملا ٿيا، جنهن جي پاڪستان توڙي سڄي دنيا مذمت ڪئي آهي پر افسوس جو  دنيا اندر ڪجهه به ٿئي ان جو ڪهڙي نه ڪهڙي ريت ٽانڪو پاڪستان سان ضرور ڳنڍيو ويندو آهي. بنگلاديش ۾ سفارتي علائقي ۾ هڪ هوٽل تي حملو ٿيو ته به ڀارتي ميڊيا پاڪستان کي ملوث قرار ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ آءِ ايس آءِ ملوث آهي، جنهن بعد ڀارت جي وزيراعظم جي صلاحڪار گوهر رضوي  پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سان فون تي رابطو ڪري اهڙن خبرن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته  بنگلاديش پاڪستان خلاف ڪجهه به بيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي  آءِ ايس آءِ  حملي ۾ ملوث آهي، ڀارتي خبرن ڪا به صداقت نه آهي، هاڻ جڏهن سعودي  عرب ۾ ڌماڪو ٿيو ته ان وقت به سعودي پرڏيهي وزارت  طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته آمريڪي قونصل خاني تي  حملو ڪندڙ شخص جو تعلق به پاڪستان سان آهي،  سعودي پرڏيهي وزارت آمريڪي قونصل خاني تي حملي جي سڃاڻپ عبدالله گلزار خان  طور ٻڌائي آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته  آمريڪي قونصل خاني تي حملو ڪندڙ شخص  عبدالله خان گلزار 15 ڊسمبر 1981ع ۾ پاڪستان ۾ پيدا ٿيو هو، جيڪو 12 سال اڳ سعودي جي شهر جده ۾ هڪ ڊرائيور جي حيثيت سان پنهنجي  خاندان سميت ترسيل هو. سعودي پرڏيهي وزارت جي  جاري ڪيل بيان بابت تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جنهن  حملي آور بابت سعودي عرب ٻڌائي رهيو آهي، اهو اڪيلو نٿو ٿي سگهي، ان جا ٻيا ساٿي پيدا  ضرور هوندا ۽ ان جو نيٽ ورڪ ضرور هوندو، جنهن لاءِ ان شخص بابت جاچ ٿيڻ لازمي آهي.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي جاري ڪيل بيان بعد هاڻ لڳي پيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين لاءِ تمام گهڻيون ڏکيايون پيدا ٿي وينديون ۽ وڏي ليول پاڪستاني کي سعودي عرب تڙيو ويندو، جيڪڏهن سعودي عرب ۾ آپريشن ٿيو ته جيڪي  اتي غيرقانوني طور  پاڪستاني ترسيل آهن انهن لاءِ به هڪ وڏو امتحان هوندو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ جڏهن سعودي عرب ۾ ڪو غيرقانوني طور ترسيل پاڪستاني گرفتار ٿيندو هو ته ان کي ڊيپورٽ ڪندا هو پر هاڻ ائين نه ٿيندو، هاڻ انهن سمورن ماڻهن  پرڏيهين کي خاص طور پاڪستانين کي دهشتگرد قرار ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ  ته نائن اليون واقعي بعد پرڏيهه ۾ پاڪستانين کي دهشتگردن جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ اهو رويو هاڻ سعودي عرب اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ايران سان دوستي وارا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، ان جو وڏو مثال ان مان ملي ٿو ته جڏهن به سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي ته ان پاڪستان  جي حڪمرانن سعودي عرب ۽ ايران جا دورا ڪيا هئا، ٻنهي ملڪن سان معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ  تي به زور ڏنو هو، ايتري قدر جو  پاڪستاني سياستدانن اهي به بيان  جاري ڪيا هئا ته  وزيراعظم نوازشريف کي ٻنهي  ملڪن سان هڪ جهرو رويو اختيار ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ اسلامي آهن ۽ ٻنهي جي اهميت به هڪجهڙي هجڻ گهرجي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ طرف   ترڪي دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي ته ٻي طرف وري سعودي عرب ۾ آپگهاتي ڌماڪا ٿي رهيا آهن، جنهن جا معيشيت تي عالمي سطح تي تمام گهڻا نقصان پهچندا، ڪجهه تجزيه نگارن جو اهو به خيال آهي ته گذريل ڪيتري عرصي کان سعودي عرب لبيا، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي  ۽ اتي ڪارروايون به ڪيون اٿن ان جو به رد عمل ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته  سعودي عرب دهشتگردن جي فنڊنگ بند ڪري ٻي صورت ۾ کيس جواب ڏنو ويندو، آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلٽ ٽرمپ ۽ هيلري ڪلنٽن پنهنجي  پنهنجي بيان چيو هو ته هنن وٽ سعودي عرب جي دهشتگردن کي فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن، اهڙن الزامن کي سعودي عرب مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو هو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ايندڙ وقت ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي يا هاڻوڪي ڌماڪن بعد ٻنهي ملڪن وڌيڪ ڇڪتاڻ ٿي ويندي، جيڪا هن خطي سميت سڄي دنيا لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيندي.

No comments:

Post a Comment