صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان جي ملڪ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ بل پاس ڪرڻ
جون ڳالهيون ته ٿي رهيون آهن پر ان تي هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي،
پنجاب ۾ عورتن جي حقن بابت بل اسيمبلي ۾
پيش ڪيو ويو، جنهن تي به ڪيترن ئي ماڻهن اعتراض اٿاريا، جنهن سبب هن وقت تائين سڄي
ملڪ اندر عورتن تي تيزاب هارڻ، غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. پيپلزپارٽي،
نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون سموريون پارٽيون به صرف بيان ڏيڻ ۾ پوريون آهن انهن
۾ عورتن جي حقن بابت هن وقت تائين اسيمبلي ۾ ڪو بل پاس نه ڪرايو آهي، هونءَ ته
روزاني ملڪ اندر ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿي رهيون پر انهن
جوابدارن کي سزا ملي ٿي يا نه ان بابت شايد ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ نه هجي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون
خبرون صرف هڪ يا ٻه ڏينهن اليڪٽرانڪ يا پرنٽ ميڊيا جون زينت بڻيل هونديون آهن بعد ۾
اهي خبرون دفن ٿي وينديون آهن ۽ اهو سلسلو ڳچ عرصي کان هلندو پيو اچي، ماڊل قنديل
بلوچ به سوشل ميڊيا تان تمام گهڻي شهريت
ماڻي ۽ سندس سيلفيون به تمام گهڻو پسند ڪيون وينديون هيون، قنديل بلوچ ڪيتري ئي
عرصي کان ماڊلنگ ڪندي هئي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ماڊل قنديل پنهنجي گهر جو به خرچ
برداشت ڪندي هئي ۽ ان وقت سندس مائيٽ کيس خوشي سان ماڊلنگ جي اجازت ڏيندا هئا جئين
ٻيون عورتون به شوبز ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. قنديل بلوچ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي
شهريت ماڻي هئي ۽ هو ميڊيا تي ان وقت تمام گهڻو نظر آئي جڏهن سندس دين جي عالم
مفتي عبدالقوي سان گڏ نڪتل سيلفون ميڊيا جون زينت بڻيون، هر چينل تي صرف سندس ئي چرچو
هلي رهيو هو، سوشل ميڊيا تي سيلفيون ان ڪري تمام گهڻو ڏٺيون ويون جو قنديل بلوچ ان
شخص سان گڏ سيلفون ڪڍيون جنهن کي دين جي عالم طور سڃاتو ويندو آهي ۽ کيس اها خبر
نه هئي ته مفتي جي ٽوپي کيس هن دنيا مان ئي غائب ڪري ڇڏيندي، رمضان جي ڀلاري مهيني
۾ جڏهن دين جي عالم مفتي عبدالقوي جون تصويرون ميڊيا تي نشر ٿيون ته مفتي عبدالقوي
کي تحريڪ انصاف به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ساڻس لاتعلقي جو اظاهر ڪيو. ايتري
قدر جو مفتي عبدالقوي جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي
جي ميمبر شپ به معطل ڪئي و ئي.
وفاقي وزير سردار يوسف طرفان مفتي عبدالقوي جي عالمن جي مشائخ ڪائونسل جي
ميمبر شپ به معطل ڪئي وئي. جنهن بعد سينيٽ جي مذهبي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين
سينيٽر حافظ حمد الله اهو مشورو ڏنو هو ته قنديل بلوچ کي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ ۾ شامل
ڪيو ويو وڃي ۽ اهو به چيو هو ته هي مفتي عبدالقوي اهو ئي شخص آهي نه جيڪو قنديل
بلوچ سان گڏ تصوير ۾نظر آيو هو، جنهن کي چنڊ رمضان ۾ئي نظر اچي ويو، جڏهن حافظ
حمدالله جي بيان بابت مفتي عبدالقوي کان پڇيو ويو ته هن ان وقت اهو چيو هو ته هو
قنديل بلوچ کي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ۾شامل ڪرڻ سفارش ڪندو، پر جڏهن هڪ خانگي ٽي وي چينل
تي هڪ صحافي مفتي عبدالقوي کان سوال پڇيو ته هو قنديل بلوچ سان ملاقات ڪرڻ ڇو ويو
ته هن جواب ڏنو هو ته هو قنديل بلوچ جو جن پيو ڪڍي ۽ قنديل بلوچ کائنس تعويز وغيره
ڪرائڻ لاءِ آئي هئي ۽ مفتي عبدالقوي اهو به چيو هو ته قنديل سندس ڌيءُ برابر آهي، جنهن تي به ان
اينڪر کائنس تمام گهڻا سوال ڪيا هئا، جنهن سبب کيس تمام گهڻين ڏکيائن کي منهن ڏيڻو
پيو هو. قنديل بلوچ ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته مفتي کيس چيو ته هن قنديل کي
ڏسي عيد جو چنڊ ڏسي ڇڏيو آهي، جنهن بعد مفتي عبدالقوي چيو ته هن قنديل کان معاف
ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته قنديل هن کان معافي گهري هئي، پر اهڙين خبرن کي قنديل بلوچ
ترديد ڪندي چيو هو ته هن مفتي عبدالقوي کان معافي ناهي گهري ۽ نه ئي هن ڪا مفتي کي
فون ڪئي آهي. هونءَ ته هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن اداڪاره يا اداڪار سان تصويرون
ڪڍرائيندو رهندو آهي پر ان کي ماڻهو ايتري غور سان نه ڏسندا آهن ۽ نه ئي وري ان تي
ڪو بحث ڪندا آهن پر قنديل بلوچ مفتي عبدالقوي جي سيلفن تي بحث ان ڪري گهڻو ٿيو جو مفتي
عبدالقوي هو، جيڪو هميشه اهو درس ڏيندو رهندو هو ته عورت کي بغير پردي جو نه ڏسو ۽
نه ئي ان سان گڏ تصويرون ڪڍرايو پر مفتي عبدالقوي سمورن حدن کي پار ڪري ڇڏيو هو ۽
پنهنجي عزت ٽوپي به قنديل کي پارائي ڇڏي هئي ۽ اها تصوير به تمام گهڻو بحث جو
موضوع بڻيل هئي هر هڪ مفتي کان اهو ئي سوال ڪري رهيو ته آخر قنديل کي ٽوپي ڪنهن
پارائي؟ جڏهن مفتي عبدالقوي کان اهو سوال پڇيو ويو ته ان جواب ڏنو هو ته هن قنديل
کي ٽوپي ناهي پارائي، جڏهن ٽوپي ٽيبل تي پئي هئي ته قنديل پنهنجي مرضي سان ٽوپي
پائي سيلفيون ورتيون. بهرحال اهو معاملو حل نه ٿيو هو ته قنديل بلوچ پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي ناليواري
صحافي سهيل وڙائچ سان نڪتل تصويرون شيئر
ڪيون جيڪي بحث جو موضوع نه بڻجي سگهيون
ڇاڪاڻ ته اهو مولوي نه هو ۽ نه ئي ڪو ان تي اعتراض ڪري سگهي پيو ۽ نه ئي ڪو هو
عالم دين هو، جنهن سبب ڪنهن به ان طرف ڪو ڌيان
نه ڏنو پر مفتي عبدالقوي جو چرچو ڏيهه توڙي پرڏيهه ٿيندو رهيو.
جڏهن قنديل بلوچ کي ڌمڪيون مليون ته هن سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کيس موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ سوش ميڊيا تي شيئر ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن سندس حياتي کي ڪو خطر ٿيو ته ان جو ذميوار وفاقي گهرو وزير هوندو. قنديل بلوچ پنهنجي پريس
ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته کيس خبر ناهي ته
ڪير ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر کيس ۽ سندس
گهرن جي حياتين کي خطرو آهي، هنءَ اشارو ڏيندي چيو ته هو عالمن سڳورن جي عزت ڪري
ٿي، جن اسلام کي جيئرو رکيو آهي، مفتي يا
عالم خراب نه هوندا آهن. قنديل بلوچ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو هو ته مفتي عبدالقوي خدا جي پڪڙ ۾ آيو، هوءَ صرف
ذريعو هئي. جڏهن کان مفتي عبدالقوي جو معاملو سامهو آيو، تنهن ڏينهن کان کيس
سيڪيورٽي ٿريٽس ملڻ شروع ٿي ويا آهن. هن آخر ۾ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته قنديل
بلوچ سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ڪندي آهي سڀني جي سامهون ڪندي آهي. اهڙي پريس
ڪانفرنس ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي مطالبي
باوجود پنجاب حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه چري ۽ نيٺ قنديل بلوچ کي
ملتان جي گرين ٽائون ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن جي تصديق آر پي او ملتان ڪئي ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ وسيم
گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو، جنهن کي پوليس گرفتار به ڪيو ۽ هن قنديل بلوچ کي
غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو،
ٻڌڻ ۾ آيو ته جڏهن قنديل بلوچ کي
سندس ڀاءُ قتل ڪيو ته سندس لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو نيٺ اسپتال
انتظاميه قنديل بلوچ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش سرد خاني ۾ رکي ڇڏيو، ڇاڪاڻ
ته وارثن قنديل بلوچ جي لاش کي وصول ڪرڻ کان به انڪار ڪيو هو. بهرحال قنديل بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد
تدفين ته ڪئي وئي پر ڪنهن کي اها اميد ئي
نه هئي ته قاتل سندس ڀاءُ هوندو، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن پنهنجي گهر وارن طرفان اهي ڪا
به شڪايت نه ڪئي هئي هن جڏهن ڪنهن خطري جو اظهار ڪيو ته هن اهو به چيو هو ته سندس
خاندان جي حياتي کي به خطرو آهي ۽ کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي
ته سندس سڄو خاندان قنديل جي ڪم کان خوش
هو ۽ کيس ڪڏهن به ماڊلنگ کان روڪيو نه ويو
هو ته پوءِ هر هڪ سوچڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن جن قنديل جي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
اسلم شاهين کي ان وقت غيرت ڇو نه آئي جڏهن
هو قنديل کان خرچ وٺندو هو، اسلم شاهين کي ان وقت غيرت ڇو نه آئي جڏهن هنن ان کي گهر کان ٻاهر ڇڏي ماڊلنگ جي اجازت ڏني
هئي، هاڻ اسلم شاهين کي غيرت ڪٿان آئي ۽
اها غيرت پئسن ختم ٿيڻ تي آئي يا وري پئسا
ملڻ جي ڪري آئي، ان غيرت بابت پوليس کي
جاچ ضرور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قنديل بلوچ
مرڻ کان پريس ڪانفرنس به ڪري وئي هئي ته جيڪڏهن کيس ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار
گهرو وزارت هوندي، هاڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته قنديل بلوچ جي قتل پٺيان ڳجهن هٿن
کي وائکو ڪري ته جئين ٻي ڪا قنديل
ڪنهن اسڪينڊل ۾ نه ماري وڃي ۽ نه
ئي ڪا ٻي عورت غيرت جي نالي تي قتل ڪئي وڃي، آصف علي زرداري به قنديل بلوچ جي قتل جي
مذمت ڪندي غيرت جي نانءُ تي قتل خلاف بل پاس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪو تمام
سٺو مطالبو آهي، جيڪڏهن غيرت جي نالي تي
قتل ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا نه ملندي تيستائين اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل رهندا ، افسوس جي ڳالهه
ته هن صرف سوشل ميڊيا تي قنديل بلوچ جي قتل جي مذمت ڪئي پئي وڃي پر هن وقت تائين ڪنهن به سياسي، سماجي تنظيم
طرفان قنديل بلوچ جي قتل پٺيان ڳجهن هٿن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو آهي ۽ اهي تنظيمون به هن وقت خاموش آهن جيڪي
چونديون آهن ته هو عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن جيڪڏهن اهو عورتن جي حقن
بابت پاڻ پتوڙڻ آهي ته اهڙن تنظيمن کي پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏڻ گهرجن جيڪي هڪ عورت
جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪو به احتجاج نه ڪن ۽ نه ئي غيرت جي نانءُ ي قتل ٿيندڙ عورتن جي حق ۾ آواز
اٿارين.
No comments:
Post a Comment