Pages

Friday, 10 February 2017

اپيلٽ ڪورٽ جو فيصلو ۽ ٽرمپ جي ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ 7 مسلمان ملڪن تي پابندي لڳائي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، ايتري قدر جو آمريڪا ۾ مسلم ڪميونٽي سان گڏ آمريڪي غير مسلم به سندس خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ اهو سلسلو برطانيا تائين وڃي پهتو هو، پر ان باوجود آمريڪي صدر پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو، جڏهن سڄي دنيا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلمان ملڪن جي شهرين جي داخلا پابندي خلاف احتجاجن جو سلسلو وڌي ويو تڏهن آمريڪي عدالت پرڏيهين جي بي دخليءَ جو عمل روڪي ڇڏيو هو پر ان باوجود ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فيصلي تي هڪ قدم پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ايپلٽ ڪورٽ ۾ عدالت جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن جو فيصلو ملتوي به ڪيو هو،
ڊونلڊ ٽرمپ ته عدالت جي فيصلي کي آمريڪي سلامتي لاءِ به هاڃيڪار قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته آمريڪي عدالت رڪاوٽون وجهي رهي آهي، جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار عدالتون هونديو، بهرحال جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ست مسلمان ملڪن تي پابندي لڳائي هئي ته آمريڪا ۾ پرڏيهين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جنهن بابت آمريڪي پوليس چئي رهي هئي ته سڪيورٽي خدشن سبب ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وائيٽ هائوس ترجمان سين اسپائسر به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن جو تمام گهڻو بچاءُ ڪيو هو ۽ چيو هو ته آمريڪي صدر ڊنلڊ ٽرمپ جيڪي به قدم کڻي رهيو آهي، اهو درست آهن، وائيٽ هائوس ترجمان اهو به چيو هو ته آمريڪي صدر  سفري پابندي بابت ايگزيڪوٽو آرڊر درست آهي، جنهن تي عملدرآمد ضرور ٿيندو. اهڙن بيانن کانپوءِ مسلمان ملڪن تي پابندي واري فيصلي خلاف 977 ڪمپنين جي انتاميا جي صحيحن سان هڪ گڏيل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي هئي، انهن ڪمپنين ۾ آمريڪا جي گوگل، ايپل، مائيڪرو سافٽ، فيس بڪ، ٽوئيٽر، انٽيل ۽ نيٽ فلڪس جهڙيون وڏيون ڪمپنيون شامل هيون. داخل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ويزا جي پابندي آمريڪا جي سفر بابت قانون جي ۽ آمريڪي آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
بهرحال هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪي به قدم کڻي رهيو  آهي، جن بابت سندس اها ئي دعويٰ آهي ته هو آمريڪا کي محفوظ ترين بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ جيڪي به قدم کڻي رهيو آهي انهن سان آمريڪي مسلمان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، جيڪي احتجاج ڪندي چئي رهيا آهن ته جڏهن کان ڊونلڊ ٽرمپ صدر ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان سندن لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن، اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما به  ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالف ڪندي نظر اچي رهيو آهي، مختلف هنڌن تي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما اهو به چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجيون پاليسيون تبديل نه ڪيون ته سندس لاءِمشڪلاتون وڌي وينديون. جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مسلمان ملڪن تي پابنديون لڳايون آهن تڏهن کان صرف هڪ ملڪ ئي کيس ڀرپور جواب ڏنو آهي، اهو ٻيو نه پر ايران ئي آهي، هن وقت به ايران پنهنجي جوهري طاقت جو مظاهرو ڪندي نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف آمريڪا مٿس پابنديون لڳائي رهيو آهي ته مٿان وري ايران ميزائل تجربا ڪري اڃا وڌيڪ آمريڪا کي چڙ ڏياري رهيو آهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي چيو  ته هو نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورائتا آهن جو هن دنيا کي پنهنجي ملڪ جي حقيقي چهري کي ڏيکاريو.ايران جي سپريم ليڊر آمريڪي صدر کي غير تجربي ڪار شخص ڪوٺندي چيو ته ڪو به دشمن ملڪ ايراني قوم کي مفلو نه ٿو ڪري سگهي.
بهرحال هن وقت ايران به مضبوط پوزيشن ۾ نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب ايران آمريڪا آڏو مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي، ڳالهه رهي آمريڪي  صدر جي ته ڊونالڊ ٽرمپ ملڪ ۾ مسلمان ملڪن تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو پڪو پهه ڪي ڇڏيو آهي.، جنهن ڪڏهن هن وقت آمريڪا ۾ مسلمان ملڪن جي داخلا تي پابندي برقرار رهي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به مسلمانن تي پابندي واري روايت پئجي ويندي جنهن سان سڀني ملڪن اندر ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي، بهرحال هن وقت برطانيا ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي آهن، سندس خلاف احتجاجي مظاهرا به ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو برطانوي عوام حڪومت کان ڊونلڊ ٽرمپ جي برطانوي دوري کي ملتوي ڪرڻ جو به مطالبو ڪري رهيو آهي. پر ان باوجود برطانوي حڪومت انهن جي احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي. آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ آهي ته هو پنهنجي ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۾ عدالتون به آزاد آهن جنهن سبب عدالتن حڪومت جي ست مسلمان ملڪن تي پابندي واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ سٺو سنوڻ اهي، ڊونلڊ ٽرمپ کي به هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي سمورا دهشتگرد صرف مسلما ن نه پر ٻين مذهبن سان به تعلق رکندڙ هوندا اهن،، جيڪڏهن صرف اهو چوڻ  ته صرف مسلمان ئي دهشتگرد آهن، اهو  تاثر غلط آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب سان تعلق نه هوندو. دهشتگرد صرف دهشتگرد هوندو آهي، جنهن جو ڪنهن به مذهب سان تعلق نه جوڙيو وڃي،


No comments:

Post a Comment