Pages

Wednesday, 8 February 2017

متحده باني جو گهيرو ۽ ڪراچي جو امن

صاحب خان ڀٽي
سنڌ جي ننڌڻڪي شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورت حال انتهائي خراب رهي آهي ان جو سڀ کان وڏو سبب قبضامافيا، ڀتا خور ۽ دهشتگردي آهي، 1992ع جي آپريشن کان ويندي هن مهل تائين ڪيترن ئي سڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويوآهي جن جي قاتلن جو هن وقت تائين سڪيورٽي ادا نه لڳائي سگهيا آهن، جڏهن به ڪراچي ۾ امن جي صورتحال خراب ٿي آهي تڏهن معصوم شهرين ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو آهي، هن ننڌڻڪي شهر ۾ فيڪٽرين کي باهه ڏئي ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو آهي، جنهن جون جي آءِ ٽي به منظر عام تي اچي چڪيون آهن، وڪيل هجن يا وري ڊاڪٽر انهن کي به هن ننڌڻڪي شهر ۾ دهشتگردن بخش نه ڪيو آهي،
جڏهن ڪراچي ترقياتي ڪم تيزي سان ٿي رهيا هئا ته ان وقت ڪراچي ۾ ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو هلندو آهي جيڪو اڄ به جاري آهي بس فرق ايترو آهي جو ان وقت سرعام شهرين توڙي واپارين کي ڌمڪايو ۽ ماريو ويندو هو ۽ هاڻ ان سلسلي ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي. جڏهن ڪراچي ۾ هر روز شهرين کي ماريو ويندو هو ته ان وقت پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صرف اهي ئي خبرون نشر ٿينديون هيون ته نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ماڻهو مارجي رهيا آهن، هٿياربندن جون وڊيوز به ميڊيا تي هلنديون هيون ۽ انهن جي هٿن ۾ جنهن پارٽي جا جهنڊا هوندا هئا به ڏيکاريا ويندا هئا پر مفاهمت جي نالي تي انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي هئي دهشتگرد ان وقت ايڏا ته طاقتور ٿي ويا هئا جو انهن جا ساٿي به ڪراچي ۾ رهندڙ هر هڪ کي ڌمڪيون ڏئي ڀتو وصول ڪندا هئا ۽ سڪيورٽي ادارا ان وقت بلڪل بي وس نظر ايندا هئا،
اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا به انهن خلاف لکڻ کان سئو ڀيرا سوچيندي هئي پر جڏهن اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي هڪ سياسي جماعت سان ڇڪتاڻ وڌي وئي ته هن ان پارٽي جا اهڙا ته پول کوليا جو ميڊيا کي ته ڄڻ زبان ملي وئي هئي، ڊاڪٽر ذوالفقار جي هڪ پريس ڪانفرنس تي اهي ماڻهو ايڏو ته مڇرجي پوندا هئا جو ڪراچي شهر ۾ هر طرف بارود جي ڌپ هوندي هئي ۽ ان وقت به انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي هئي. مون کي ته اهو به ڏينهن ياد آهي، جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شام جي وقت متحده باني خلاف پريس ڪانفرنس شروع ڪئي ته ان وقت نامعلوم ماڻهو روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ هن سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي کي ننڌڻڪو سمجهي هٿيارن جا منهن کوليا ويا هئا هر طرف گوليون جو آواز هو ۽ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون هيون پر ان وقت به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا همت نه هاري ئي ۽ ڄمي مقابلو ڪيو هو،
بهرحال هن شهر ۾ ڪيترن ئي معصوم شهرين کي ماريو ويو آهي پر انهن جا قاتل هن وقت تائين قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن. 22 آگسٽ ته ڪراچي جي شهرين لاءِ ڪو عيد کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن کان پوءِ هن شهر ۾ امن امان جي صورتحال ٿورو بهتر ٿي آهي، ان ڏينهن کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به به ٿورو حرڪت ۾ اچي ويا آهن جنهن سبب نه ته ڪرپشن ڪندڙن کي بخش ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي دهشتگردن سان ڪا رعايت ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا ڪجهه وقت تائين اڳتي هلي ته هن ننڌڻڪي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي ويندي پر هو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن دهشتگردن جي ماسٽر مائينڊ جي ڳچين ۾ هٿ پوندا، هڪ ٻه ڏينهن اڳ اي ڊي خواجا به هڪ بيان ڏنو هو، جنهن ۾ هن چيو ته سڪيورٽي اهلڪارن کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪندڙ هاڻ ايوانن ۾ وڃي ويٺا آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته انهن قاتلن جي ڳچين ۾ جلد کان جلد هٿ وڌا وڃن ته جئين ايوانن ۾ ويٺل قاتل ٻيهر نه ڪنهن اهلڪار کي شهيد ڪري وٺن.
22 آگسٽ جي ڀلاري ڏينهن کان هن وقت تائين آپريشن ذريعي ڪافي حد تائين امن قائم ٿيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به پاڪستان جي تاريخ ۾ هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهي هٿيار جديد ترين آهن ۽ اهڙا هٿيار سڪيورٽي اهلڪارن وٽ به نه آهن، جنهن مان لڳي پيو ته انهن هٿيارن سان شهر ۾ وڏي جنگ جو منصوبو جوڙيو ويو هو. بهرحال 22 آگسٽ کان پوءِ متحده ۾ به ڌڙا بندي شروع ٿي وئي آهي هاڻ خبر نه ٿي پئي ته اها ڌڙا بندي صرف ظاهر طور آهي يا وري صرف اهو ڏيکاءُ آهي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن هڪ آهي، ٻنهي ۾ ڪو به فرق نه آهي، فاروق ستار به اهو واضع طور چئي چڪو آهي ته کين ڪنهن جي به محبت وطن هجڻ جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه آهي، هڪ طرف حڪومت متحده باني الطاف حسين جي تقريرن تي پاپندي لڳائي ڇڏي آهي ته ٻي طرف ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ جاري آهي. جيتوڻيڪ متحده باني الطاف حسين خلاف ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جو ڪيس هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان ۾ به متحده سربراهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايتري قدر جو وفاقي گهرو وزارت متحده باني الطاف حسين کي گرفتارڪري انٽرپول ذريعي پاڪستان آڻڻ لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد ايم ڪيو ايم باني کي لنڊن مان گرفتار ڪري وطن واپس آڻڻ لاءِ ايف آءِ اي کي گرين سگنل مليو ويو آهي،
 ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين خلاف 22 آگسٽ تي ڪيل چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيسن ۾ ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا ۽ دهشتگردي ٽوڙ  عدالت کيس پيشي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران فاروق کي لنڊن ۾ قتل ڪيو ويو هو پر ان جو قتل ڪيس پاڪستان ۾ داخل ڪري ڪيس کي ويتر منجهايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران فاروق قتل جي جاچ ڪري رهي آهي ته ان کان اڳ ئي پاڪستان ۾ متحده سربراهه خلاف ڪيس هلائي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي، بهرحال هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته گهرو وزارت انٽر پول ذريعي الطاف حسين کي ڏيهه ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه؟. ايم ڪيو ايم لنڊن به ريڊ وارنٽ جاري ٿيل تي سخت رد عمل ڏيکاري آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان چيو ويو آهي ته اهڙا ڊرامان سندن خلاف 92ع ۾ به رچايا ويا. حڪومت کي هن ڊرامي ۾ ناڪائي نصيب ٿيندي، قوم جو مسئلو الطاف نه پر انتهاپسندي ۽ بيروزگاري آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جهري ريت وفاقي گهرو وزارت الطاف حسين جو گهيرو تنگ ڪيو آهي ان ۾ ڪامياب به ٿئي ٿي يا وري نه؟ جيڪڏهن وفاقي گهرو وزارت نٽرپول ذريعي الطاف حسين کي ڏيهه آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ شايد تاريخ ۾ ڪو به فرار ٿي ويل شخص قانون جي چنبي مان بچي نه سنگهندو.

No comments:

Post a Comment