صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ
جي ايران، عراق، يمن، شام، لبيا، سوڊان ۽ صوماليا جي ماڻهن تي آمريڪا ۾ داخلا پابندي واري اعلان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا
اندر ٿرٿلو مچي ويو آهي، ڪيترن ئي ملڪن کي پڻ ڳڻتي ورايو آهي ته متان انهن جي
ماڻهن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي نه لڳائي وڃي، پر جڏهن آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ
پنهنجي سخت حڪم نامن تي صحيح ڪئي ته ايران به کيس ڀرپور جواب ڏنو، جنهن بعد خطي
اندر هڪ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ وائيٽ هائوس جي ترجمان شون اسپائيسر پريس
بريفنگ دوران ڳالهائيندي چيو ته هو ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي اپشن کي رد نه ٿا
ڪري سگهن، ان کان علاوه به آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ڪيتريون ئي ايران بابت
ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، ٻي طرف آمريڪي
فيڊرل جج ٽرمپ جي صدارتي حڪم نامن جي سڄي آمريڪا ۾ معطلي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي
ته ٻي طرف وري اڳوڻي آمريڪي بچاءُ واري اهلڪار روز ابروڪس به چيو آهي ته آمريڪا ۾
صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف فوجي بغاوت واري امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙي بيان کان
پوءِ لڳي رهيو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي تاريخ جو اهو واحد صدر هوندو جنهن کي
شروعات کان وٺي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،
هڪ طرف سڄي دنيا ۾ ڊونالڊ
ٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري سندس ملڪ جا جج ۽ فوجي آفيسر به سندس
قدمن تي تنقيد ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت به پنهنجيون پاليسيون
تبديل نه ڪيون ته کيس آمريڪا ۾ اڃا وڌيڪ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڊونالڊ ٽرمپ اهو واحد صدر بڻجي
ويو آهي جنهن آمريڪا ۾ فرقيوارڻي حيثيت
سان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ سندس مسلمانن خلاف پاليسيون به تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي آمريڪي صدر نه جوڙيون هيون پر
ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت به پنهنجي فيصلن تي قائم آهي ۽ ميڪسيڪو جي سرحد وٽ به پناهگيرن
کي روڪڻ لاءِ ڀت تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد ميڪسيڪو سان به آمريڪا جا لاڳاپا ٿورا خراب ٿي ويا آهن، ان کان
علاوه ڪينيڊا به آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي پر جڏهن ڪينيڊا
جي حڪومت آمريڪا ۾ بي داخل ٿيل ماڻهن کي پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو تڏهن ڊونالڊ ٽرمپ
طرفان به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو،
بهرحال هن وقت آمريڪا جون
حالتون انتهائي نازڪ حالت مان گذري رهيون آهن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي خطرناڪ فيصلن سبب
ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، خاص طور تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران سان وڙهڻ
جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جيڪو صرف هن خطي لاءِ نه پر آمريڪا لاءِ به وڏو خطرو
ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪيترائي اسلامي ملڪ اتحادي فوج جي قبضي هيٺ اچي چڪا
آهن، جيڪڏهن عراق ڏي نظر ڦيرائنداسين ته اتي به اتحادي فوج جون ڪارروايون هلي
رهيون آهن، يمن هجي يا وري شام مطلب ته لبيا کان ويندي افغانستان تائين سمورن ملڪن
۾ اتحادي فوج پنهنجو ڪنٽرول ڄمائي ويٺو آهي. جيڪڏهن ايران جون حالتون به شام ۽
عراق جهڙيون ٿي ويون ته پوءِ سعودي عرب به شام جهڙين حالتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو،
جنهن کان بچڻ لاءِ سمورن اسلامي ملڪن کي هاڻ متحد ٿيڻ پوندو ۽ آمريڪا جي ايران کي
ڏنل ڌمڪي کي به سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ پوندو، هڪ طرف اتر ڪوريا ميزائل تجربا
ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف ڀارت ۽ ٻيا ملڪ به ڪنهن کان گهٽ قدم نه کڻي رهيا آهن پر ان
تي نه ته آمريڪا جي ڪا نظر پئجي رهي آهي ۽ نه ئي وري گڏيل قومون ڪجهه ڪري رهيون
آهن پر ايران يا ڪو ٻيو اسلامي ملڪ جيڪڏهن ميزائل تجربو ڪري ٿو ته ان کي غلط نموني
سان پيش ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ٿو،
هن وقت جهڙي ريت آمريڪي
صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايران، عراق، يمن، شام، ليبيا، سوڊان ۽ صوماليا جي ماڻهن تي
آمريڪا ۾ داخلا تي سخت پابندي واري حڪم نامي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ريت ايران
به سخت رد عمل جو مظاهرو ڪري هڪ بهادراڻو قدم کنيو آهي پر اهڙي بهادراڻي قدم کڻڻ
وقت ايران سپر پاور ملڪ آڏو اڪيلو سر وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ بيٺل آهي، جيڪو پڻ افسوس
جوڳو عمل آهي.آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيح ڪندي هو ته هو دهشتگردن
کي آمريڪا ۾ اچڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو، اهو ئي ماڻهو ايندو، جنهن کي آمريڪا ۽
آمريڪا جي ماڻهن سان محبت هوندي. بهرحال آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ جي ڏنل ڌمڪين
کانپوءِ ايران جڏهن ميزائل تجربو ڪيو ته آمريڪا کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ايران تي
نيون اقتصادي پابنديون لڳائي ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ به ايران آمريڪا جي اهم شخصيتن
۽ ڪمپنين تي پابندي لڳائي، جنهن بعد ٻيهر ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ايتري ته وڌي وئي جو
هر طرف ايران ۽ آمريڪا جو ذ ڪر ٿيڻ لڳو، ، سعودي عرب ۽ ٻيا سمورا ملڪ خاموش
تماشائي بڻجي ويا، ڪنهن به ملڪ ٻنهي ملڪڻ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ٽيڪاڙي وارو ڪردار ادا
نه ڪيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو بيان ڏنو جنهن مان اهو تاثر ظاهر ٿي سگهي ته هو اهڙي عمل
جي مذمت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو به هڪ ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ
قدم کڻي ها ته شايد اڄ آمريڪا ايران خلاف فوجي ڪارروائي بابت غور ويچار نه ڪري ها
۽ نه ئي اهڙيون حالتون پيدا ٿين ها. جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا توڙي ٻيا ملڪ ايران جي
ميزائل تجربي تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن پر ان باوجود ايران هڪ ٻئي جوهري ميزائل
تجربي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن،
پرڏيهي ميڊيا به دعويٰ
ڪئي آهي ته ايران بليسٽڪ ميزائل کانپوءِ جوهري هٿيار کڻي ويندڙ ڪروز ميزائل جي
تياري به شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو ايران
جلد تجربو ڪندو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايران جنهن ميزائل جو تجربو ڪرڻ طرف وڃي رهيو
آهي اهو ايران کان اسرائيل تائين مار ڪري سگهي ٿو ۽ سامونڊي جهاز سان گڏوگڏ هوايئ
جهاز ۽ آبدوز سان به لانچ ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا جي اهڙين خبرن کان
پوءِ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ تڪڙا اپاءُ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پنهنجي جاري ڪيل
بيان ۾ هن چيو آهي ته ايران باهه سان کيڏي
رهيو آهي. کيس اهڙا قدم نه کڻڻ گهرجن، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿئي. وائيٽ
هائوس ترجمان شون اسپائسر به ڪجهه ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته ڊونالڊ
ٽرمپ روسي مداخلت واري بيان تي اڄ به قائم آهي ۽ اهو به چيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ
پناهگيرن جي آمد کي روڪڻ لاءِ ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن جي هو پاڻ نگراني
ڪندو. بهرحال هر هڪ ملڪ کي پنهنجيون سرحدون محفوظ ڪرڻ جو حق حاصل آهي پر مذهب جي نالي تي ڪنهن تي پابندي لڳائڻ
اهو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۾ شمار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين ڪنهن به ملڪ آمريڪي
شهرين تي داخل ٿيڻ تي پابندي نه لڳائي آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي ملڪ اهڙو قدم کنيوآهي ته
پوءِ آخر صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ اهڙا ناپسنديده فيصلا ڇو ڪري رهيو آهي
ته يا وري جيڪي ماڻهو ڊونالڊ ٽرمپ بابت چوندا هئا ته ٽرمپ هڪ بيوقوف شخص آهي ۽ کيس
عقل ناهي، جنهن سبب اهڙا فيصلا ڪندا رهندو آهي،
جيڪڏهن واقعي ڊونالڊ ٽرمپ واقعي بيوقوف شخص آهي
ته پوءِ جيڪي به هن وقت تائين ٽرمپ قدم کنيا آهن ان سان خطي جو امن تباهه ٿي سگهي
ٿو، جيڪڏهن هن وقت آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف ڪنهن اثرائتي ڌر ڪارروايون نه ڪيون
۽ کيس غلط قدم کڻڻ کان نه روڪيو ته ايران سان گڏ ٻين ملڪن سان به آمريڪا جا لاڳاپا
انتهائي خراب ٿي ويندا ۽ اهڙيون حالتون جنگ ڏانهن به وڌي سگهن ٿيون. وائيٽ هائوس
جي ترجمان شون اسپائسر ايران جي ايٽمي
تجربي بابت ڳالهائيندي چيو هو ته ايران جي
25 اهم شخصيتن ۽ ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڪمپنين ۽ شخصيتن تي ايران جي
ميزائل پروگرام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام آهي. شون اسپائسر ته اهو به چيو هو ته ايران
سان ايٽمي معاهدو آمريڪي مفاد ۾ آهي، ايران جي سرگرمين تي سختي سان نظر آهي. شون
اسپائسر وڌيڪ چيو هو ته ايٽمي معاهدي تحت ايران کي فائدو ڏنو ويو، اميگريشن تي چند
هفتن ۾ وڌيڪ ايڪشن ٿيندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما مسلمانن
خلاف اهڙي ٻولي ڪڏهن به استعمال نه ڪئي هئي، جهڙي ريت ڊونالڊ ٽرمپ اڄ ڪلهه استعمال
ڪري رهيو آهي، ڊونالڊ ٽرمپ ته پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو اوباما وانگر نرم دل
ناهي.
بهرحال هن وقت آمريڪي صدر
ڊونالڊ ٽرمپ جيڪي به قدم کڻي رهيو آهي اهو صرف ۽ صرف تباهي ڏانهن وڃي رهيا آهن،
جيڪڏهن سندس ڪيل فيصلن کي روڪيو ويو ته خطي اندر تمام گهڻيو حالتون خراب ٿي
وينديو، اڳوڻي آمريڪي بچاءُ واري اهلڪار روز ابراڪس به تمام گهڻا امڪان ظاهر ڪيا
آهن، سندس چوڻ آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جي قدمن کي روڪڻ جو واحد حل فوج ئي آهي، جيڪڏهن
فوجي آفيسر ڊونالڊ ٽرمپ جي حڪن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ته ڊونالڊ ٽرمپ اهڙن فيصلن تي
عمل ڪرائي نه سگهندو، روز ابروڪس ته اهو
به چيو آهي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف فوجي بغاوت جو به امڪان آهي، ان مان ظاهر ٿي
رهيو آهي ته آمريڪا به ٻين ملڪن جيان فوجي بغاوت کي منهن ڏيڻ وارو آهي ۽ جيڪڏهن
آمريڪا ۾ به فوجي بغاوت جي شروعات ٿي ته پوءِ آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن کي به
تمام اختيار ملي ويندا ۽ شايد ڊونالڊ ٽرمپ خلاف
جيڪي احتجاج ٿي رهيا آهن اهي گهٽ به ٿي سگهن ٿا. روز ابروڪس جو اهو
چوڻ هو ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي عهدي تان
هٽائڻ جو واحد طريقو فوج جي مخالفت آهي ۽ فوج ئي کيس ان عهدي تان هٽائي سگهي ٿي،
هاڻ ڏسڻو آهي ته آمريڪي فوجي ڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ جي فيصلن کان ڪاوڙجي سندس خلاف
ڪارروائي ٿا ڪن جيڪڏهن آمريڪا ۾ فوجي بغاوت ٿي ته اها آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريو
ڀيرو ٿيندو.
No comments:
Post a Comment