Pages

Tuesday, 7 February 2017

رومانيا ۾ عوامي احتجاج آڏو مجبور ٿيل حڪمران

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي ۽ ڪرپشن عالمي مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن سبب دنيا جي مختلف ۾ ڪرپشن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ احتجاج به ٿي رهيا آهن پر ان باوجود نه ته ڪرپشن ختم ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهيو آهي، هونءَ ته دنيا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورن ملڪن گڏيل سهڪار تي اتفاق ڪيو  آهي پر ڪرپشن واري معاملي ته هر هڪ ملڪ جو الڳ الڳ دڳ ورتل آهي ۽ چيو ويندو آهي ته اهو ملڪن جو اندروني معاملو آهي، جيڪڏهن عالمي سطح تي  به دهشتگردي سان گڏ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن ها ته اڄ ملڪن جي معيشيت تباهه نه ٿئي ها ۽ نه ئي ملڪ قرضي بڻجي وڃن ها، پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ ڀارت سميت ٻين ڪيترين ئي ملڪن ۾ به ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سبب ڀوڳڻو عوام کي پئجي رهيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جو ناسور ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي، جنهن سبب اڄ ملڪ جو ٻچو ٻچو  قرضي بڻجي ويو آهي پر ان باوجود صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، رومانيا ۾ به ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ تڪراري قانون کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي به ڪئي وئي هئي. رومانيا جي الهندي ۾ سربيا ۽ هنگري، اتر ۾مينيو ڪرين ۽ مالدووا ۽ ڏکڻ ۾ يلغاريه ملڪ آهن. رومانيا يورپي يونين جو اٺون وڏو ملڪ آهي ۽ هن ملڪ جي ايراضي 238400 ڪلو ميٽر آهي، آبادي جي لحاظ کان رومانيا يورپي اتحاد جو ستون وڏو ملڪ آهي جنهن جي آبادي 199 ملين آهي،  رومانيا جي گادي وارو شهر بخارسٽ آهي، جيڪو روامينا جو سڀ کان  وڏو ۽ يورپي اتحاد جو ڏهون وڏو شهر آهي. رومانيا جي معشيت به تمام بهتر آهي پر ان سان گڏ هن ملڪ مختلف وقتن تي احتجاج به ٿيندا رهيا آهن، هتان جا ماڻهو حڪومت جي غلط فيصلن خلاف ڀرپور احتجاج  به ڪندا آهن ان جو اندازو 1989ع ۽ 2017ع وارن احتجاجن مان به لڳائي سگهجي ٿو.
جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتجاج ته ڪري رهيو آهي پر اهو به صرف هڪ خاص ٽولي لاءِ آهي، جيڪڏهن اهو احتجاج سمورن ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪيو وڃي جن ملڪ کي لٽيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ بهتري اچي وڃي ها پر اهو صرف ان ڪري ناممڪن ٿي رهيو آهي جو جيڪي ڪرپٽ مختلف پارٽين جا ڪرپٽ اڳواڻ آهي اهي ساڻس ملي ويا آهن ڪڏهن عمران خان انهن خلاف بيان به ڏيندو آهي ته انهن ڪرپشن ڪئي آهي پر جڏهن اهي ئي ڪرپٽ اڳواڻ هڪ مخصوص ٽولي خلاف احتجاج سان گڏ بيهڻ واري اعلان ڪندا آهن تڏهن انهن خلاف بيان به نه ڏنا ويندا آهن. بهرحال هن وقت رومانيا ۾ به ڪرپشن خلاف هزارين ماڻهن احتجاج ڪري حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ رومانيا جي گادي وري شهر بخارسٽ ۾ حڪومت جي ڪرپشن بابت تڪراري بل خلاف احتجاج  شروع ڪيو هو، جيڪو  رومانيا جي مختلف شهرن تائين پکڙجي ويو ۽ نيٺ حڪومت کي مجبورن گوڏا کوڙڻا پيا، پر حڪومت طرفان  تڪراري قانون ختم ڪرڻ باوجود به رومانيا جي شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي هڪ وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رومانيا جي شهرين چيو ته کين رومانيا جي حڪومت تي يقين ناهي جنهن سبب هو احتجاج ڪري رهيا آهن.
رومانيا ۾ جيڪو ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ڪيو ويو ان ۾ عوام ته ڪامياب ٿي ويو پر حڪومت هن وقت به ڪرپشن بابت قانون تي غور ويچار ڪري رهي آهي، جيڪو قانون رد ڪيو ويو هو، ان قانون تحت ڪرپشن ڪندڙ شخص کي سزا معاف ڪئي وئي هئي مطلب ته جيڪو شخص 50 لک کان گهٽ ڪرپشن ڪندو ان خلاف ڪا ب ڪارروائي نه ڪئي ويندي پر ان کان وڌيڪ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، اهو ئي سبب هو جو رومانيا جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن جي ڳچين ۾ هٿ نه وڌا آهن، جيڪڏهن سنڌ جي صورتحال کي ڏسجي ته اتي به صرف ترقياتي ڪم شهرن ۾ ٿيا آهن ۽ ٻهراڙي وارا علائقي سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، هن جديد دور ۾ سنڌ اندر اهڙا ڳوٺ به آهن جتي نه ته گيس جي سهولت فراهم ٿيل آهي ۽ نه وري اتي ڪو بجلي جو بندوبست ڪيو ويو  آهي پر ان باوجود حڪومت ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، ڀلي کڻي هتي ڪرپشن خلاف احتجاج ٿي به رهيو  آهي پر حڪومت ان تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته، نه ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو اچي رهيو آهي ۽ نه دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي پر ان باوجود به عوام روڊن تي نه نڪري رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته حڪمرانن عوام کي بجلي، گيس ۽ مهانگائي  جهڙن مسئلن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام انهن سمورن مسئلن سان جنگ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب نه ته انهن وٽ ايترو وقت آهي جو هن اهي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ڪري.
جيڪڏهن هن ملڪ ۾ به رومانيا جهڙو انقلاب اچي وڃي ته ۽ ماڻهو پنهنجا حق استعمال ڪرڻ لاءِ روڊدن تي نڪري اچن پر اهو شايد اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ عوام کي ته احتجاج ڪرڻ جو به حق نه آهي جيڪڏهن ماڻهو احتجاج ڪن به ٿا ته انهن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ  سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا آهن، ڪڏهن احتجاج ڪندڙن مٿان شيلنگ ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري لٺبازي ڪري انهن کي اڌ مئو ڪيو ويندو آهي ۽ سڄو تماشو ميڊيا ڏيکاريندي رهندي آهي، جيڪڏهن حق گهرندڙن تي اهڙو وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي ته پوءِ آخر ڪهڙي هن ملڪ جي عوام ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف اثرائتو احتجاج ڪري سگهن ٿا. بهرحال رومانيا جي ماڻهن  هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي حڪومت جا گوڏا کوڙائي هڪ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد سمورن ملڪن جي ڪرپشن ڪامورن جون اکيون کلي وڃڻ گهرجن. رومانيا ۾ 1989ع ۾ هڪ وڏو احتجاج ڪيو ويو هو، پر هاڻوڪي رومانيا ۾ ٿيل وڪٽري اسڪوائر وٽ احتجاج ۾ هزاين ماڻهن گڏ ٿي  احتجاج ڪيو جيڪو ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو احتجاج هو. 1989ع ۾ ڊڪٽيٽر نيڪو لاءِ سيٽ سيسڪو کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ  به احتجاج ڪيو ويو هو، ان احتجاج کانپوءِ هاڻ 2017ع ۾ رومانيا اندر ٻيو وڏو احتجاج ڪيو ويو هو جنهن دوران حڪومت کي گوڏا کوڙڻ پئجي ويا هئا. پر ان باوجود  به رومانيا جا ماڻهو حڪومت خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ چئي رهيا آهن ته کين حڪومت تي ڪو به يقين نه آهي، جيڪڏهن رومانيا جيان هن ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ٿين ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جو ناسور ختم ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment