Pages

Monday, 1 August 2016

ٻارڙن جي اغوا جون وڌندڙ وارداتون




صاحب خان ڀٽي
ڪجهه ڏينهن کان وٺي اهي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته ملڪ اندر ٻارڙن جي اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو  آهي، پنجاب مان هزار کان وڌيڪ ٻارڙا اغوا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي مان ٻارڙن جي اغوا جون خبرون ٻڌڻ ۾ آيون آهن، سنڌ ۾ به لاڙڪاڻي شهر مان نينگر ساحل هن وقت تائين گم آهي، پنجاب ۾ اهي افواهون آهن ته هڪ گروهه جيڪو ٻارڙن کي اغوا ڪري انهن جي عضوا ورڪرو ڪري رهيو آهي، انهن خبرن ۾ ڪيتري صداقت آهي ۽ اهو ڪم پنجاب پوليس جو آهي پر هن وقت تائين پنجاب ۾ ٻارڙن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هڪ طرف پنجاب حڪومت گرين بس کان ويندي ٻين ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي فنڊ ته خرچ ڪري رهي آهي پر انهن مائرن جي هن وقت تائين ڪا به واهر نه  ڪئي وئي آهي، جن جو جهوليون خالي ٿي چڪيون آهن. ڏينهون ڏينهن پنجاب اندر ٻارڙن جي گمشدگين سبب ملڪ اندر هڪ بيچيني واري لهر پکڙجي وئي  آهي پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن طرفان  ڪي عملي طور قدم نه کنيا ويا آهن. ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا اهن ته ٻارڙن کي اغوا ڪري انهن جو برين واش ڪري آپگهاتي حملي آور بڻايو ويندو آهي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اهي به پوسٽون شيئر ڪندي نظر اچي رهيا آهن ٻارڙن کي اغوا ڪري ٻاهرن ملڪن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي، جئينن ماضي ۾ اهڙا کوڙ سارا معاملا منظرعام تي اچي چڪا آهن ته ٻارڙن کي اغوا ڪري دبئي ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي ۽ اتان جو عرب سڳورا انهن ٻارڙان کي اٺن تي ويهاري مقابلو ڪرائيندا آهناها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل به ناهي ته عرب سڳورا انسانيت کان ڪريل حرڪتون ڪندي ڪيترائي ڀيرا وائکا به ٿي چڪا آهن ۽ اهو خطرناڪ اٺن جو مقابلو دبئي ۾ ڪرايو ويندو آهي ۽ اهڙيون کوڙ ساريون ويڊيو يوٽيوب ۽ فيس بس تان هر هڪ کي نظر اينديون ، بهر حال اهو ڪم عرب سڳورن جو آهي ۽ اها اتان حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙي ڪڌي مقابلي کي بند ڪرائي جيڪڏهن انهن جي حڪومت ۾ ٿوري انسانيت هوندي ته اهي اهڙن مقابلن لاءِ قدم کڻندي، پر اتي اسان جي حڪومت توڙي سيڪيورٽي ادارن جي اها به ذميواري بڻجي ٿي ته هاڻ جڏهن ملڪ اندر هڪ خطرناڪ گروهه سرگرم ٿي ويو آهي ته انهن کي لغام ڏيڻ هر ممڪن قدم کنيو وڃي، هي هڪ ٻار جو معاملو نه آهي پر هزار کان وڌيڪ ٻارڙن  کي لاهور سميت ٻين شهرن مان اغوا ڪيو ويو آهي جن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي ذميواري آهي. ميڊيا تي به اهي خبر نشر ٿي رهيون آهن ته  پنجاب جي شهر لاهور ۾ 900 کان وڌيڪ ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو آهي پر حڪومت هن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن سبب هن وقت تائين ڪيترن ئي مائرن جي اکڙين ۾پنهنجي اولاد لاءِ لڙڪ ڳڙي رهيا آهن پر حڪومت توڙي اپوزيشن صرف پاناماليڪس معاملي ۽ ٻين پنهنجن مطالبن کي مڃرائڻ  ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن،
جيڪڏهن هن وقت حڪومت ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ گروهه خلاف جلد کان جلد ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ اهڙين وارداتن ۾ اضافو ٿي ويندو ۽ ڪو به صوبو ان کان بچي نه سگهندو، پنجاب پوليس ۽ ٻين صوبن پوليس جي ڪرتون جي ته هر هڪ کي خبر ئي آهي جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه کي ڪراچي کان اغوا ڪري ٻين صوبن ڏانهن آساني سان منتقل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ دهشٽگرد آساني سان انهن ٻارڙن کي ٻين ملڪن ۾ به منتقل ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر دهشتگرد ڪيترو مضبوط ٿي چڪا آهن ته ان جو اندازو  اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جي اغوا ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي اغوا وارن واقعن مان لڳائي سگهجي ٿو، جن کي آساني سان اغوا ڪيو ويو هو، هي ته غريب عوام جا ٻارڙ آهن ۽ اغوا ڪندڙ به ايترائي مضبوط نظر اچي رهيا آهن، جهڙي ريت ميڊيا تي خبرون هلي رهيون  آهن ۽ ٻارڙن جي اغوا جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي ته پوءِ بي چيني ته ضرور  پکڙبي ۽  عوام پريشان  ٿيڻ تي به مجبور ٿيندو. جيڪڏهن هن وقت اهو  گروهه پنجاب ۾ ايترو سرگرم ٿي چڪو آهي ته پوءِ هن وقت تائين انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪي اهم قدم ڇو نه کنيا ويا آهن. پنجاب پوليس ڇا پئي ڪري، آخر هن ڀيري به پنجاب پوليس فوج کي طلب ڪندي يا وري انهن ٻارڙن کي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي، جهڙي ريت ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن تنهن مان لڳي پيو ته اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پنجاب پوليس جي وس کان ٻاهر آهي، جنهن لاءِ هاڻ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ئي ڪو نوٽيس وٺي ۽ اغوا ٿيندڙ ٻارڙن جي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته آخر معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن. هر هڪ شخص پريشان آهي ته آخر اچانڪ ٻارڙن کي اغوا ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ انهن پٺيان ڪهڙا هٿ آهن جو پنجاب پوليس هن وقت تائين ڪا ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي، يا وري اهي ٻار ڪنهن اهم شخصيت جا نه آهن، جنهن سبب پوليس انهن جي بازيابي لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي جلد کان جلد قدم کڻڻو پوندو ۽ اهڙي ٽيم جوڙڻي پوندي ته جئين اغوا ٿيندڙ ٻارڙن جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي،
هونءَ به پنجاب جي عوام کي پوليس تي ڏاڍا خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.جيڪڏهن پنجاب پوليس توڙي ٻين صوبن جي پوليس هن وقت اثرائتا قدم نه کنيا ته پوءِ  مجبورن عوام کي احتجاجن روڊن تي اچڻو پوندو. هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته جيڪي افواهون هلي رهيون آهن اهي سچيون آهن يا وري ڪوڙيون آهن ، ان جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي، هڪ ڳالهه ته سچي آهي ته ملڪ اندر ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ وارين وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪجهه جو چوڻ آهي ته ٻارڙن کي اغوا ان جي ڪري ڪيو پيو وڃي ته جئين انهن جي عضون کي ٻاهرن ملڪن ۾ وڪرو ڪيو  ويندو ته ڪجهه اهي به چئي رهيا آهن ٻارڙن کي ان ڪري اغوا ڪيو ويندو آهي ته انهن کي معذور بڻائي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويندو آهي.هاڻ اها سيڪيورٽي فورسز تي فرض ٿو ٿئي ته اهي معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري انهن ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ان گروهه کي به وائکو ڪيو وڃي جيڪي اهڙين وارداتن ۾ ملوث آهي ۽ ان کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين  مستقبل ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ کان هزار بار سوچي. سنڌ۾ به جيڪي ٻار گم آهن ۽ انهن بابت اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اهي اغوا ٿي چڪا آهن انهن کي بازياب ڪرائڻ هر ممڪن ڪوشش ڪئي  وڃي، ڇاڪاڻ ته روزاني ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ اها خبر پڙهڻ لاءِ ملندي آهي ته اڄ فلاڻي شهر مان ٻار گم ٿي اڄ هن شهر مان  نينگر گم ٿي ويو، انهن بابت جاچ  ٿيڻ گهرجي ته واقعي اهي گم ٿي ويا آهن يا وري انهن کي اغوا ڪيو ويو آهي.  آرمي چيف  جنرل راحيل شريف کي  خاص طور پنجاب جي لاهور شهر مان اغوا  ٿيندڙ ٻارڙن جي اغوا وارن واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسين روز اهي خبرون ٽي وي چينلن تي ڏسي رهيا آهن ۽ اخبارن ۾ پڙهي رهيا آهيون  ته لاهور مان ٻارڙن کي سڀني شهرن  جي ڀيٽ وڌيڪ اغوا ڪيو ويو آهي پر لاهور پوليس روايتي حربا استعمال ڪري رهي آهي. جيڪڏهن آرمي چيف  انهن ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪا اسپيشل ٽيم جوڙي ۽ ان جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري ته ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچي سگهن ٿيون ۽ سوين مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ کان بچي وينديون،
 باقي رهي ڳالهه پنجاب پوليس جي اهو هن وقت به لسي پي ستل نظر اچي رهيا آهي ۽ اغوا ڪندڙ گروهه سرگرم نظر اچي رهيو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪو به نظر نه  پيو اچي. جنهن سبب لاهور سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن  جي گهرن ۾ ماتم برپا آهي. لاڙڪاڻي پوليس کي به شهر مان اغوا ٿي ويل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪو عملي قدم کڻڻو  پوندو باقي فوٽو ڪڍرائي اخبارن ۾ لڳرائڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. ساحل جي بازيابي کي به يقيني بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جي امڙ جا به روئي روئي حال بي حال ٿي ويا آهن. ان ماءُ تي به لاڙڪاڻي پوليس کي ٿورو رحم ڪرڻ گهرجي. باقي رهي ڳالهه پنجاب پوليس جي ته هاڻ امن امان قائم ڪرائڻ انهن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي چڪو آهي، آرمي چيف کي ئي قدم وڌائڻو پوندو ۽ پنجاب ۾ وڌندڙ ٻارڙن جي اغوا جي وارداتن کي روڪٿام لاءِ هڪ اسپيشل ٽيم جوڙڻي پوندي ته جئين غريب عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ ملڪ اندر پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿي سگهي،

No comments:

Post a Comment