Pages

Monday, 15 August 2016

حيدرآباد پوليس جو ظلم ۽ ديپڪ جي بيوسي...!!

 صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ سنڌ ڌرتي امن، سک ۽ شانتي جي ڌرتي آهي پر هتي ڪيترا ئي قانون جي محافظن جي روپ ۾ جلاد بڻجي ويا آهن ته ڪي وري مسيحا جي روپ ۾ قاتل ٿي ويا آهن. جنهن سبب بي گناهه ماڻهو انصاف لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ٻين ملڪن م جيڪڏهن هڪ بينگاهه کي بچائڻ لاءِ ڏوهارين کي ڇڏڻو پئي ته انهن کي ڇڏيو ويندو آهي پر افسوس جو اسان جي معاشري جو قانون به عجيب بڻايو ويو آهي جتي هڪ ڏوهاري کي بچائڻ لاءِ بيگناهن کي مارڻو پوي ته ان ۾ دير ئي نه ڪئي ويندي آهي. جنهن سبب اڄ به ماڻهو قانون جي محافظن کان خوفزده آهن. چوندا آهن ته جڏهن مظلوم قومن جا محفاظ ئي سندن دشمن بڻجي وڃن ته اتي انصاف ملڻ تمام گهڻو مشڪل بڻجي ويندو آهي، اهڙو ئي حال اسان جي سنڌ ڌرتي جو به آهي، جتي محفاظ ئي عوام تي گوليون وسائي رهيا آهن پر انهن کان ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي، جيڪڏهن ڪو حق ۽ انصاف لاءِ احتجاج ڪري ته ان جو آواز بندوق ذريعي دٻايو ويندو آهي.اهڙن متاثرن مان ديپڪ به هڪ آهي، جنهن کي ڏيڍ ٻه سال اڳ 10 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪيو ويو هو پر نه ته حڪومت سندس ڪا واهر ڪئي آهي ۽ ئي وري ڪنهن چونڊيل نمائندي وٽس لڙي حال احوال پڇڻ جي زحمت ڪئي آهي. جنهن سبب سندس خاندان اڄ به ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، سندس پٽ جنهن کي هٿن ۾ قلم هجڻ گهرجي ها اڄ  اهو ساڻس گڏ اسپتال ۾ آهي. هونءَ ته گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ اندر هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جو قصو عام جام آهي ۽ پوليس اهلڪار ماڻهن کي هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪري وڏا وڏا انعام به  حاصل ڪري رهيا آهن پر انهن پوليس آفيسرن کان هن وقت تائين  ڪنهن به پڇڻ جي زحمت نه ڪئي آهي، جنهن سبب اهي بي گناهه ماڻهن تي گوليون وسائي ۽ ڪوڙا مقابلا ڪري رهيا آهن. ٻڌو آهي ته ظلم گهڻو وقت قائم نه رهي سگهندو آهي، ڪجهه وقت بعد پنهنجي موت پاڻ مري ويندو آهي پر الائي ڇو گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ اندر ظالمن کي ايتري ته ڇوٽ ملي وئي آهي جيڪي ظلم ڪندي ٿڪجي نه رهيا آهن ۽ نه ئي وري مظلومن جي اکين ۾ لڙڪ رڪڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن، اهڙو ئي حال ديپڪ راج ۽ سندس خاندان جو به آهي، آخر اهي پنهنجا درد کڻي وڃن ته ڪا ڏي وڃن، ڪو انهن جي فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه پيو ٿئي. ديپڪ ۽ سندس خاندان به پنهنجا درد پنهنجي اهنج ۾ رکيو ويٺو آهي، جيڪي پڻ انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن ته آخر ڪير ته سندن دانهن ٻڌندو ۽ کين انصاف ڏياريندو، هونءَ ته ڊاڪٽر ديپڪ راج بابت سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي کوڙ ساريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر هن وقت تائين واڳ ڌڻي ديپڪ جي درد جي پيڙهاءِ کي ڏسي منهن موڙي رهيا آهن ۽ ڪو به سندس ڏک ۾ ڀرجهولو نه پيو ٿئي. جيتوڻيڪ هر هڪ شخص ديپڪ سان اسپتال ۾ ملڻ ته اچي ٿو پر سندس دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ ڪو تيار ئي نه آهي ۽ کيس رڳو سکڻا دلاسا ڏئي هليو وڃي ٿو
. افسوس ۽ حيرت جو مقام آهي ته جيترو سنڌ جي اصل وارثن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز بلند پيو ٿئي اوترو ئي زيادتيون به وڌنديون پيون وڃن ۽ سنڌ جا دشمن جيڪي هاڻي حيوانيت جون سموريون حدون اورانگهي چڪا آهن ۽ ان ڪري سنڌ اندر ظلم جي انتها ٿيندي پئي وڃي ۽ حڪمران به اکيون ٻوٽي ويهي رهيا آهن. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ اندر امن امان جي صورتحال خراب آهي پر هتان جي قانون جا محافظ امن ڪرائڻ بدران عام شهرين کي  نشانو بڻائي رهيا آهن، جيڪي ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي معصوم بيگناهه ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن، ماضي ۾ به پورهيت رسول بخش بروهي کي هڪ قانون جي عملدار  طاقت جي نشي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کي به انصاف نه ملي سگهيو هو، ان کان علاوه سنڌ ۾ ٻيا به کوڙا اهڙا سارا واقعا پيش اچي چڪا آهن جن جي به هن وقت صاف شفاف جاچ نه ٿي سگهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي ته قانون جا محافظ پنهنجي پٽي ڀائي کي بچائي وٺندا آهن ۽ انهن کي ڪا به سزا نه ملي سگهندي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ واري عمل جي سول سوسائيٽي توڙي ساڃاهه ڌرين طرفان مذمت ڪئي وئي آهي پر ڪن ماڻهن جو موقف آهي ته اهو درست عمل آهي، جنهن سان ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي پر شايد انهن ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته جيڪڏهن سنڌ پوليس غيرسياسي ٿي وڃي ۽ ڏوهارين کي پالڻ بند ڪري ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي ويندي پر هڪ طرف سنڌ پوليس جي ڪرپٽ ۽ نااهل اهلڪارن جي ڪري ڏينهون ڏينهن بدامني به وڌندي پئي وڃي ته ٻي طرف عوام جو اعتماد به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان کڄندو پيو وڃي، جيڪڏهن بيگناهن کي قتل ۽ زخمي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته پوءِ عوام جو ويساهه حڪومت توڙي انصاف جي گهرن تان ختم ٿي ويندو. 10 اپريل تي حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪارن ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ڊاڪٽر ديپڪ راج کي شريف پنهور ڄاڻائي هاف فراءِ  ڪيو هو، جنهن سبب سندس هڪ ڄنگهه به ضايع ٿي چڪي آهي، جيڪو لڳ ڀڳ گذريل 17 مهينن کان اسپتال ڀيڙو آهي پر هن وقت تائين انهن پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هتان جون عدالتون ۽ حڪمران ڊاڪٽر ديپڪ راج سان ٿيل ناانصافي جي ازالي لاءِ ان ڪڌي عمل ۾ ملوث سڀني پوليس وارن کي هاف فرائي ڪن ها ته جئين اهڙن حيوان صفت اهلڪارن کي ٻيهر ڪڏهن اهڙي ڪوڙي مقابلي جي جرئت نه ٿي ها  ۽ انهن   جي سزا کان ٻيا محفاظ سبق سکن ها پر افسوس جو حوانيت جون سڀ حدون پار ڪندڙ حيدرآباد جي پوليس اهلڪارن خلاف هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن سبب قانون جا محافظ پاڻ کي خدا سمجهڻ لڳا  آهن، جنهن سبب ديپڪ جهڙا بي گناهه ماڻهو انهن جي ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن. هونءَ ته پوليس لاءِ مشهور آهي ته  هڪ ڏيو ٻيو ڇڏيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ديپڪ ڪو پهريون شخص نه آهي جيڪو پوليس گردي جو شڪار ٿيو هجي کوڙ سارا اهڙا ٻيا به ديپڪ هوندا، جن کي ويسايو ويو آهي بس فرق ايترو آهي ته انهن کي قانون جي زور تي دٻايو ويندو آهي، جنهن سبب اهي معاملا اخبارن توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻجي نه سگهبا آهن،
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن پوليس آفيسرن ديپڪ کي دٻائڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي هوندي ان جون شاهديون به مليون آهن ته ايس ايس پي عرفان بلوچ هڪ وڪيل کي به حراسان ڪيو هو، جنهن ڊاڪٽر ديپڪ راج جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ليکڪ ديپڪ راج هڪ پروگرام ۾ چيو هو ته پوليس آفيسرن عرفان بلوچ، تنوير تنيو ۽ مسعود بنگش ۽ ٻين هاف ۽ فل فراءِ وسيلي قانون کي هٿ ۾ کنيو، جنهن تي سماج جي خاموشي المناڪ آهي،  ڊاڪٽر ديپڪ جي وني به ميڊيا کي سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي  بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙ پوليس کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، سول سوسائٽي سياسي پارٽيون ۽ واپاري پنهنجي ڪوتاهين جي ڪري خاموش آهن، وڪيل خوف جو شڪار آهن، سماج بي حس ٿي چڪو آهي، پوليس حڪمران پارٽين جي ڪمداري وارو ڪم ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ديپڪ راج جي وني ۽ سندس معصوم ٻارڙو هن وقت به انصاف لاءِ عدالتن جو در کڙڪائي رهيا آهن پر  ڪاري وردي جي محفاظن جي دلين کي سچ سمجهيو پيو وڃي ۽ سندن دانهن ڪٿي به نه پي ٻڌي وڃي. ڊاڪٽر ديپڪ کي هاف فرائي ڪري معذور بڻائيندڙ آفيسرن خلاف به تر جيتري به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر ديپڪ جي معصوم پٽ جنهن جي هٿن ۾ اڄ قلم هجي ها، جيڪو اڄ اسڪول ۾ ٻارڙن سان راند روند ڪري ها، اڄ اهو جناح اسپتال ۾ پنهنجي والد کي معذور واري حالت ڏسي رهيو آهي، ان معصوم تي ڇا گذرندي هوندي شايد ان بابت ڪنهن هن وقت سوچيو نه هوندو، ان نياڻي جي مٿان ڇا گذريو هوندو جنهن جي مڙس کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو هجي  ۽ ان کي مختلف حربن سان حراسان ڪيو ويو هجي، شايد اها تڪليف ڊاڪٽر ديپڪ جي گهر واري کانسواءِ ٻيو ڪو محسوس نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو جنهن تڪليف کان گذرندو آهي ان کي ئي ان تڪليف جو احساس ٿيندو آهي. ٻڌو آهي ته سنڌ حڪومت به ڪافي ساري تبديلي اچي چڪي آهي ۽ صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي به چيو آهي ته چهرن جي تبديلي سان پاليسيون به تبدلي ٿينديون آهن، جيڪڏهن واقعي سنڌ حڪومت ۾ هاڻ تبديلي اچي چڪي آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي به ڊاڪٽر ديپڪ راج واري معاملي جو نوٽيس وٺي هاف فراءِ ڪندڙ پوليس آفيسرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ ديپڪ جي معصوم ٻارڙي ۽ سندس گهر واري سان انصاف ڪري، جيتوڻيڪ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه انيل ڪپور جي فلم ايڪ دن ڪا سي ايم وانگر  تمام گهڻو ڦڙتيلو نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ سندس واکاڻ به ٿي رهي آهي ته پوءِ کيس پنهنجي قيمتي وقت ڪڍي جناح اسپتال ڊاڪٽر ديپڪ جي خاندان سان به ملاقات ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي صرف هڪ شخص جي زندگي جو مامرو نه آهي. ڊاڪٽر ديپڪ راج ۽ سندس خاندان جي مستقبل جومسئلو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر،  سيد مراد علي شاهه کي به ديپڪ سان انصاف ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻو پوندو نه ته سنڌ ۾ ٻيا به ديپڪ جيان نوجوان معذور ڪيا ويندا ۽ ماريا ويندا انهن کي به انصاف نه ملي سگهندو ۽ گهر اجڙندا رهندا ۽ عوام جو قانون جي محافظن تي اعتماد ختم ٿي ويندو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وزيراعظم نوازشريف کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ڪرپٽ ۽ پاڻ کي عوام جو خدمتگار بدران مالڪ سمجهندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي نه ته اهي اهلڪار پنهنجي حيوانيت سان معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن کي ماريندا رهندا. جيڪڏهن هن وقت به سول سوسائيٽي، قومپرست تنظيمن توڙي حڪمران جماعت ڊاڪٽر ديپڪ راج کي انصاف نه ڏياريو ته تاريخ کين ڪڏهن بخش نه ڪندي.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment