صاحب خان ڀٽي
مسلمان ملڪن کي جنگ جي ورچاهيندڙ تنظيم داعش خلاف آمريڪا، يورپ، ترڪي، ايران ۽
سعودي عرب توڙي ٻيا اتحادي ملڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا آهن ۽ داعش جي دهشتگردن کي ڪچلڻ لاءِ ڪارروايون به ڪري
رهيا آهن، شام، عراق، افغانستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ القاعده سان گڏ داعش کي
به چٿڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪڏهن
اتحادي فوج افغانستان ۾ اسپتالن مٿان بمباري ڪري رهي آهي ته ڪڏهن وري شام جي آبادي
وارن علائقن ۾ گولا اڇلايا وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم شهري اجل جو شڪار ٿي
رهيا آهن پر گڏيل قومن جو ادارو خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي رهيو آهي، عراق جي
بغداد ۽ شام جي حلب شهر ۾ اتحادي فوجي تمام گهڻو سرگرم آهن، جنهن سبب اتي حملا روز
جو معمول بڻيل آهن، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان افغانستان، عراق ۽ شام مان اهي خبرون
اچي رهيون آهن ته انهن ملڪن ۾ عام شهرين کي به نشانو بڻايو وڃي ٿي، جنهن جي گڏيل
قومن پڻ رپورٽ به جاري ڪئي آهي پر ان باوجود اتحادي فوج جي ڪاررواين ۾ ڪا به گهٽتائي
نه اچي رهي آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادي روز اهي بيان ڏيڻ پورا نظر اچي رهيا آهن ته
هنن داعش کي ڪافي حد تائين ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود داعش جا شدت پسند
پنهنجين سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ ڪو وڏو سانحو پيش
ايندو آهي ته ان وقت مختلف خابرو ادارا اهي خبرون
نشر ڪندا آهن ته شدت پسند تنظيم ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، جئين ماضي ۾
القاعده ۽ طالبان جي بابت چيو ويندو هو، پاڪستان ۾ ڪوئيٽا سانحي جي داعش سميت ٽن شدت پسند تنظيمن ذميواري قبول ڪئي هئي،
بهرحال ان بابت هن وقت تائين حڪومت ڪا به
اڳڀرائي حاصل نه ڪري سگهي آهي پر ٻين ملڪن ۾ جڏهن ڪو دهشتگرد حملو ٿيندو آهي ته ان جو پٽڪو داعش يا طالبان کي پارايو ويندو آهي. سعودي عرب ۾ به جڏهن
آمريڪي قونصل خاني ويجهو ڌماڪو ٿيو ته ان جي ذميواري به داعش ئي قبول ڪئي هئي ۽
بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ به هڪ هوٽل تي دهشتگردن حملو ڪيو هو ته ان جي
ذميواري به داعش ئي قبول ڪئي هئي، بهر حال ڪو به ماڻهو دهشتگردن جي حمايت نه ڪندو ۽
نه ڪنهن دهشتگرد جي حمايت ڪرڻ به گهرجي ، ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جو قاتل سموري انسانيت
جو قاقتل هوندو آهي، جنهن سبب دهشتگردن کي
چٿڻ سيڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي پر دهشتگردن جي خاتمي سان گڏ معصوم شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ به سيڪيورٽي ادارن
جي ذميواري هوندي آهي پر شام جي حلب شهر، عراق جي گادي واري شهر بغداد ۽ افغانستان
۾ معصوم شهرين کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جون خبرون اخبارن جون زينت بڻيل
آهن.
اڳ اتحادي فوج گوليون ۽ بارود ذريعي شهرن تي حملو ڪندي هئي پر هاڻ اتحادي فوج
طرفان زهريلي گيس ڪلورين جي استعمال جو به انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري
رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شامي فوج ۽ اتحادي فوج حلب شهر ۾ ڪلورين
گيس جو استعمال ڪيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ساهه واري بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو ۽
زهريلي گيس سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي به چڪا
آهن، جنهن بعد گڏيل قومن به معاملي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته جيڪڏهن حلب شهر ۾ ڪلورين گيس جو استعمال
جو کين ڪو به ثبوت مليو ته اهو جنگي ڏوهه قرار ڏنو ويندو. جيتوڻيڪ پرڏيهي خابرو
اداري اهي فوٽيجز به نشر ڪيا آهن جن ۾ متاثر ماڻهن کي اسپتال اندر ساهه ۾
مبتلا ڏيکاريو ويو آهي پر ان باوجود گڏيل
قومن پاران جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآ هي. هونءَ ته گڏيل قومون ماضي ۾ به ڪيتريون
رپورٽون جاري ڪيون آهن پر انهن کي روڪڻ لاءِ ڪو به هن وقت تائين قدم نه کنيو ويو
آهي، صرف گڏيل قومن طرفان مذمت ڪئي ويندي آهي. گڏيل قومن طرفان اها به رپورٽ جار ي
ڪئي وئي هئي ته اتحادي فوج بمباري سبب هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي
زخمي به ٿيا آهن. ايتري قدر جو ان رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته اتحادي فوج جي بمباري ۾ رضاڪار به مارجي ويا
آهن جيڪي متاثر ماڻهن کي امدادي سامان پهچائڻ ۾ مصروف هئا. جيتوڻيڪ شامي فوج ۽
اتحادي فوج اها دعويٰ ڪئي رهي آهي ته هو داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ شام، عراق ۽
افغانستان ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر اهي ڪارروايون گذريل ڪيتري عرصي کان
هلنديون پيون اچن جن ۾ هڪ ٽڪي جو به فائدو نه ملي سگهيو آهي، رهندو هزارين ماڻهو
پنهنجي جانين تان هٿ کڻي چڪا آهن. هاڻ جڏهن جي شهر حلب ۾ ڪلورين گيس جو استعمال ڪيو ويو آهي ته ان وقت به گڏيل قومن
جو به اهو چوڻ آهي ته کين داعش جي اثر هيٺ آيل علائن ۾ڪلورين گيس جي استعمال جا
ثبوت مليا آهن، جن بابت هو جاچ ڪري رهيا آهن، ٻي طرف باغين پرڏيهي کي ٻڌايو آهي ته
حلب ۾ ڪلورين گيس جي استعمال سبب 4 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
گڏيل قومن ۾ شام جي خاص ايلچي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪلورين گيس جي تصديق ٿي وئي ته
اهو جنگي ڏوهه جي برابر هوندو. ٻڌايو پيو وڃي ته 2013ع ۾ به شام جي شهر حلب ۾ ڪلورين
گيس جي استعمال جون شاهديون مليون هيون. سراقب واري علائقي ۾ شامي حڪومت جي هيليڪاپٽرن رهائشي
علائقن تي ڪيميڪل حملو ڪيو هو. جنهن جي
شامي حڪومت ترديد ڪئي هئي.
23 جولاءِ 2016ع ۾ اسد حڪومت جي حامي فوج ۽
باغين وچ ۾ ويڙهه دوران 950 عام شهري مارجي ويا هئا. جنهن بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو
هو ته انهن ماڻهن کي حڪومتي جٿن ۽ باغين هڪ زمين جي پلاند تان قتل ڪيو هو، انهن
مان 500 کان وڌيڪ شهري شامي فوج جي بمباري ۽ هوائي ڪارروائي ۾ مارجي ويا هئا. جڏهن
ته ٻيا ڪيترائي ماڻهو حڪومت مخالف جٿن هٿان اجل جو شڪار ٿيا. 22 اپريل 2016 ع ۾
شامي فوج طرفان به مختلف علائقن تي بمباري
ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ به ڪيترائي معصوم شهري اجل جو شڪار ٿيا هئا، جن بابت ٻڌايو
ويو هو ته ان حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ٻارڙا به شامل هئا. گڏيل قومن
طرفان به اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته اتحادي فوج متاثر ماڻهن جي خدمت ڪندڙن کي
نشانو بڻايو آهي جيڪي ماڻهن جي مدد ڪري رهيا
هئا، جن ڊاڪٽر پڻ شامل هئا. پهرين جون 2016ع ۾ ترڪ فوج شام اندر ڪارروائي ڪري
دهشتگردن جي ٿاڪن کي تباهه ڪيو هو،جنهن جي نتيجي ۾ 14 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي
هئي . جڏهن ته 7 جون 20016ع ۾ شامي فوج ۽ ترڪ فوج بمباري ڪئي هئي جنهن جي
نتيجي ۾ 32 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا. 2015ع ۾ به شام اندر بمباري ڪئي وئي هئي جنهن
دوران به اها دعويٰ ڪئي هئي ته 100 دهشتگردن کي ماريو ويو پر اهو نه ٻڌايو ويو هو
ته ان بمباري ۾ ڪيترا معصوم اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو زخمي ٿيا
هئا. 100 دهشتگردن کي مارڻ واري دعويٰ کي
شامي حڪومت توڙي اتحادي فوج وڏي ڪاميابي قرار ڏنوهو، تنهن باوجود هن وقت تائين شام
اندر ڪو به امن قائم نه ٿي سگهي آهي. ڪجهه ملڪ اهو به چئي رهيا آهن ته شام اندر اسد حڪومت جا حامي ۽
باغين وچ ۾ جهيڙو جو فائدو آمريڪا ۽ سندس اتحادي حاصل ڪري رهيا آهن، پيٽرول
سميت ٻين معدني وسيلن تي به هاڻ حڪومت جو ڪو
به قبضو نه رهيوآهي ۽ پيٽرول جي گهٽ پيدا وار سبب شام جون حالتون انتهائي خراب ٿينديون
پيون وڃن. شام ۽ عراق ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ڪيترائي زخمي
به ٿيا آهن پر ان باوجود اتحادي شام توڙي افغانستان مان نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺي
رهي آهي، القاعده ختم ٿئي ٿي ته طالبان پيدا ٿي وڃن ٿا، هاڻ جڏهن طالبان کي چٿڻ
وارو عمل مڪمل ٿيڻ وارو هو ته داعش نالي هڪ ٻي تنظيم اڀري وئي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ
لاءِ هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا توڙي سندس اتحادي سرگرم نظر اچي رهيا آهن. بهر حال امن
قائم ڪرائڻ گڏيل قومن جي ذميواري آهي پر ان سان گڏ جيڪي معصوم ۽ بي گناهه ماڻهو
شام ۽ عراق اندر مارجي رهيا آهن انهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن،
ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت شام اندر شامي فوج ۽ اتحادي فوج بمباري دوران ڪلورين گيئس جو
استعمال به هڪ وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن کي فوري طور
قدم کڻڻ گهرجن ته جئين زهريلي گئس استعمال ڪندڙ فوجي اهلڪارن سخت ڪارروائي ڪئي وڃي
۽ جن انهن کي زهريلي گئس استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو انهن کي به برطرف ڪيو وڃي ته جئين
ڪو ٻهير اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي جنهن سان معصوم شهري اجل جو شڪار ٿين، ڇاڪاڻ ته
شامي فوج جي ڪلورين گيس استعمال سان معصوم ٻارڙن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي
ساهه جي مرض به مبتلا ٿي ويا آهن پر ان باجود شامي حڪومت اهڙين حرڪتن کان باز نه
اچي رهي آهي.
No comments:
Post a Comment