صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾
بحريا ٽائون سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن پر ان باوجود ڪامورن جي ڪنن تي جونءَ ئي نٿي چري،
جيڪي ماڻهو بجريا ٽائون سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن
خلاف مختلف هنڌن تي پوليس ڪارروائي به ڪري رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جا ساڃاهه وند
توڙي قومپرست ڌريون احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۾ مصروف
نظر اچي رهيون آهن. حڪومت جي اها دعويٰ آهي ته بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد رٿا سان
سنڌ ترقي ڪندي پر جڏهن انهن رٿائن بابت قومپرست ڌرين توڙي ساڃاهه وندن کان پڇيو
وڃي ٿو ته اهي اصل حقيقتون ٻڌائن ٿا ۽ چون ٿا ته انهن رٿائن سان سنڌي اقليت ۾
تبديل ٿي ويندا ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌ تي قابض ٿي ويندي ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو، جنهن
تي هر هڪ سنڌ واسي يقين به ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ جي
وسيلن جي ڦر لٽ جاري آهي، تيل ۽ گيئس ڪمپنين ۾
به مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. پر ان باوجود ڪو به دانهن
ورنائڻ وارو نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بحريا ٽائون جي نالي سان ڪيترن ئي
منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي پر ان باوجود
ڪو به شخص انهن جي جاچ ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو. بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض
کي سنڌ جي ڪجهه ڪامورن جي حمايت به حاصل آهي. اشتهار ڏيڻ سبب ميڊيا ۾ سندس منصوبن
خلاف ٿيل احتجاجن کي به نه ڏيکاريو ويندو ۽ نه ئي اهي اخبارون سنڌ دشمن منصوبن
خلاف نڪتل ريلين جون خبرون ڇاپينديون آهن. جيئي سنڌ قومي، جيئي سنڌ محاذ سميت ٻين
ڪيترن ئي قومپرست جماعتن طرفان به بحريا ٽائون خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن پر
ان باوجود سنڌ سرڪار اهڙي سنڌ دشمن منصوبي کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيو آهي پر هاڻ سپريم
ڪورٽ بحريا ٽائون کي ملير ڊويلپمينٽ اٿارٽي طرفان الاٽ ڪيل زمينن تي ڪنهن به قسم
جي اڏاوتي سرگرمين کان روڪي ڇڏيو آهي،
جنهن کي قومپرست جماعتن سميت سڄي سنڌ واکاڻ ڪري رهي آهي پر اهڙي فيصلي کان سنڌ جا دشمن نا خوش ٿي ويا
آهن، ڇاڪاڻ ته انهن سنڌ حڪومت ويهي جهڙي ريت سنڌ جي سون جهڙي زمين کي بحريا ٽائون جي
سربراهه کي ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪئي آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي ۽ نه ئي ائين تاريخ
۾ ڪڏهن ٿيو آهي. هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان الاٽ ڪيل زمينن
جي جاچ شروع ٿي وئي آهي، تڏهن لڳي رهيو آهي ته انهن جي ڳچي ۾ قانون جا هٿ جلد پوجڻ
وارا آهن ۽ اهي ڪهڙي به ريت بچي نه سگهندا، پر جيڪڏهن جاچ نه ٿي ته بحريا ٽائون ته
ڇا ان کان ٻيا به وڌيڪ خطرناڪ سنڌ دشمن منصوبا شروع ٿي ويندا، جنهن کي روڪڻ تمام
گهڻو مشڪل ٿي ويندو. هاڻ سڄي سنڌ جون اکيون صرف سپريم ڪورٽ تي لڳل آهن، ڇاڪاڻ ته
سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي بعد سنڌ واسي وڏيون اميدون رکيو ويٺا آهن ته انهن ڪرپٽ
ڪامورن خلاف قدم کنيو ويندو ۽ انهن کي
قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جيڪو ٿيندي نظر
به اچي رهيو آهي.
هونءَ ته ڪجهه عرصي کان ملير
مان اهي به خبرون اخبارن ۾ لڳنديون پيون اچن ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن جي
آشيروارد سان بلڊر مافيا ملير جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي، مختلف وقتن تي اهي خبرون
به نشر ٿينديون رهيون آهن ته حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن
بلڊر مافيا جي چوڻ تي ڪجهه سنڌي وسندين کي ڊاهڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا پر انهن کي
به هن وقت تائين وائکو نه ڪيو ويو آهي، هونءَ ته اڳوڻي وڏي و زير سيد قائم علي
شاهه ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو هو پر ان حڪم تي به عمل نه
ٿيو ۽ وڏي وزير کي اهو فيصلو واپس وٺڻ پيو، جنهن سبب هن وقت تائين ڪراچي جي ڪا به
سنڌي وسندي ليز ٿي نه سگهي آهي، جنهن سبب بلڊر مافيا انهن ڳوٺن تي حملو ڪندا رهيا
آهن، ملير ۾ هڪ ڳوٺ کي پوليس خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت به
ڳوٺاڻن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون هيون، جنهن مان لڳي رهيو هو ته والاريل
ڪشمير ۾ اهلڪار خالي هٿين ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيا آهن. پر ان سڄي معاملي جو
عدالتن توڙي سنڌ سرڪار ڪو نوٽيس نه ورتو
هو. هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کي زمين تي اڏاوتي ڪم کان روڪيو ويو آهي
ته سنڌ جو هر هڪ شخص سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي واکاڻ ڪري رهيو آهي پر
اهو کٽڪو هن وقت به برقرار آهي ته بحريا
ٽائون ڪنهن به وقت منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته بحريا ٽائون جو
سربراهه ملڪ رياض وڏو سخي ماڻهو آهي ۽ ملڪ رياض بابت ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن عوامي
خدمتن سان وڏن وڏن سياستدان کي به نوازيو آهي ۽ ڪيترن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بنگلن سان به نوازيو
آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ ناممڪن آهي، رهي ڳالهه بحريا ٽائون جي ته جيڪڏهن ان
جي به جاچ صاف شفاف نموني ٿي ته بحريا ٽائون منصوبي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو نه ته ان منصوبي کي سنڌ سرڪار جا ڪامورا
مڪمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ نيب کي به ڪئي آهي ته هو ٻن
مهينن ۾ معاملي جي جاچ مڪمل ڪري پر اتي اها خدشا به پيدا ٿي رهيا آهن ته ڇا بحريا
ٽائون سپريم ڪورٽ جي حڪم کي مڃيندو يا وري سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏيو ويندو، ڇاڪاڻ
ته ملڪ اندر شايد اهو ڪامورو هوندو جيڪو ملڪ رياض جو حامي نه هجي ڇاڪاڻ ته اهو ئي
ملڪ رياض هو جنهن حيدرآباد ۾ الطاف حسين جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان
ڪيو هو ۽ اهو ئي ملڪ رياض آهي جيڪو وڏين
وڏين شخصيتن کي وڏا وڏا تحفا ڏيندو آهي. ماضي ۾ ملڪ رياض ۽ ارسلام اسڪينڊل به
سامهون آيو هو.
بهر حال هاڻ بحريا ٽائون تي
غير قانوني طور سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سبب بحريا ٽائون کي
اڏاوتي سرگرمين کي روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جسٽس
امير هاني مسلم ۽ جسٽس مشير عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بيئنچ ڏنو، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ، سروسز کاتي جو
سيڪريٽري، لوڪل گورنميٽ جو سيڪريٽري، نئب جو پراسيڪيوٽر جنرل، روينيوکاتي جا
عملدار، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊووڪيٽ فاروق ايڇ نائڪ،
ايڊووڪيٽ اعتراز احسن سميت ٻيا اعليٰ آفيسر پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران بئنچ ايم ڊي طرفان
43 ديهن جي سرڪاري زمين کي غيرقانوني طريقي الاٽ ڪرڻ ان جي ايڊجسٽمينٽ خلاف داخل درخواستن تي بحريا
ٽائون کي اڏاوتي ڪم روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جنهن زمين بابت حڪم
جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ ٽول پلازا کان 9 ڪلوميٽر پري ڪراچي، حيدرآباد سپر
هاءِ وي تي بحريا ٽائون جي زمين به شامل آهي، جتي اڏاوتي ڪم به هلندڙ آهي. ٻڌڻي
دوران نئب جي پراسيڪيورٽي جنرل بحريا ٽائون بابت عبوري رپورٽ مهر بند لفافي ۾ پيش
ڪئي، جهن سان گڏ دفاع واري وزارت جي ڊائريڪوٽريٽ آف سروي آف پاڪستان طرفان ڪيل
سروي رپورٽ جو نقل به گڏ هو. جڏهن ته عدالت دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو پڻ بڻايو ويو
آهي. سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو اهي ته ايم
ڊي اي طرفان بحريا ٽائون کي الاٽ ڪيل زمين جي ڪل ايراضي 9 هزار 385.185 ايڪڙ آهي. جڏهن ته رپورٽ ۾ گلابي رنگ
جي نشان ڏنل حصي کي ”اي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته بحريا
ٽائون 386.276 ايڪڙ ايراضيءَ تي اڏاوت مڪمل ڪري چڪو آهي جنهن جو رڪارڊ ايم ڊي اي
طرفان ناهي ٺاهيو ويو.
سروي رپورٽ ۾ زمين جي انهن
حصن کي به ڏيکاريو ويو آهي جن جو رڪارڊ جوڙڻ جو ڪم اي ڊي اي طرفان مڪمل نه ٿيڻ
باوجود بحريا ٽائون ان زمين تي اڏاوت ڪئي. اها زمين جنهن جو رڪارڊ ٺاهڻ جو ڪم ايم
ڊي اي طرفان مڪمل نه هجي ان تي اڏاوت جو ڪم مڪمل ٿي ويو يا اڏاوت هيٺ آهي ان جي
گڏيل ايراضي 2 هزار 771.79 ايڪڙ ٺهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بحريا ٽائون وٺ ملير
۾ 12156 ايڪڙ زمين آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي بئنچ چيف سيڪريٽري، بورڊ
آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته هو عدالت کي
مطمئن ڪن ته ڪنهن قانون تحت ايم ڊي اي کي اهو اختيار مليو ته هوءَ ان پرائيويٽ
زمين کي ان سرڪاري زمين ۾ منتقل ڪري ڇڏيو جيڪا گھٽيءَ لاءِ رکيل هئي. ڄاڻايل ٽئي عهديدار ان جو اطميمان جوڳو جواب نه ڏئي سگيا، پر هنن عدالت کي
ٻڌايو ته ايم ڊي اي وٽ اهڙو ڪي به اختيار ناهن جن تحت هو پرائيويٽ زمين کي سرڪاري
زمين ۾ بدلائي يا الاٽمينٽ ڪري سگھي. ڪراچي سپريم ڪورٽ رجسٽري جي بئنچ طرفان چيو
ويو ته اها جنهن زمين جو ڪيس هلي رهيو آهي
ان جو ڪو به حصو سنڌ حڪومت طرفان 1894 جي ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊز ايڪٽ جي
سيڪشن10(4) تحت ايم ڊي اي کي ڪڏهن الاٽ ناهي ڪيو ويو. بئنچ بحريا ٽائون کي سروي
رپورٽ ۾ نشاندهي ڪرائيندي زمين تي ڪنهن به قسم جي اڏاوت نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جي ايس يو پي
سربراهه جلال محمود شاهه آجيان ڪئي آهي ٻين قومپرست جماعتن طرفان به اهو مطالبو
ڪيو پيو وڃي ته سمورن سنڌ دشمن منصوبن کي فوري طور بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ
واسين جو مستقبل جو معاملو آهي، بحريا ٽائون سنڌين کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ جي سازش
آهي، سنڌ جي سون جي زمين کي ڀڳڙن مٺ عيوض خريد ڪري وسيلن تي قبضي جي هڪ چالاڪي
آهي، جنهن سبب سنڌ جا ساڃاهه وند هن وقت
تائين احتجاج ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ کي
گهرجي ته جيڪي به بحريا ٽائون جا منصوبا هلي رهيا آهن انهن خلاف صاف شفاف جاچ ڪري
انهن کي روڪرايو وڃي ته جئين هر هڪ ماڻهو کي انصاف ملي سگهي.
No comments:
Post a Comment