صاحب
خان ڀٽي
گذريل
ڪيتري عرصي کان ملڪ اندر دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي ته ٻي طرف
وري دهشتگرد آخري پساهه کڻندي پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، وزيراعظم نوازشريف
۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف به دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ پرعزم نظر اچي رهيا آهن
پر بيگناهه ماڻهن کي جان کان ماريندڙ عنصر
ڪنهن به ريت باز نه پيا اچن ۽ پنهنجي پنهنيجون ڪريل حرڪتون ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي
رهيا آهن. انهن جي انتهاپسنداڻي سوچ معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهي آهي، ڪراچي،
شڪارپور، جيڪب آباد ۾ به دهشتگردن پنهنجي ڪريل حرڪت ذريعي ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي
ماريو آهي پر انهن جو خاتمو اسان جي انتظاميه کان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، ڪوئيٽا
۾ به ماضي جيان هن سال به دهشتگردن 8 آگسٽ 2013 ع واري تاريخ ورجائيندي 70 کان
وڌيڪ معصوم شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جن ۾ بلوچستان بار جو اڳوڻو صدر باز محمد ڪاڪڙ
۽ خانگي ٽي وي چينلز جي ٻن ڪيمرامينن سميت عام شهري به شامل هئا. جڏهن ته حڪمرانن پاران ڪوئيٽا
ڌماڪي پٺيان ڀارت جي ملوث هجڻ جو بيان به ڏنو ويو پر اتي سوال اهو ئي پيدا ٿئي ٿو
ته ڇا پاڙيسري ملڪ ايڏا طاقتور آهن جيڪي ملڪ اندر آساني سان پنهنجيون ڪارروايون
ڪري رهيا آهن يا وري حڪومت امن امان جي صورتحال قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي
چڪي آهي يا وري دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ملڪ اندر ايترو ته مضبوط ٿي چڪو آهي جو حڪمرانن
کي انهن سان مقابلو ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. هڪ طرف اها دعويٰ ڪئي پئي
وڃي ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر جڏهن ڪوئيٽا جهڙا وڏا سانحا پيش اچن
ٿا ته پوءِ هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته ڇا هي چيلهه ڀڳل دهشتگرد اهڙيون
خطرناڪ ڪارروايون ڪئين ڪري رهيا آهن، جن خلاف موثر ڪارروائي ٿيڻ به لازمي آهي،
جيڪڏهن دهشتگردن جو خاتمو نه آندو ويو ته
ڪوئيٽا جهڙا سانحا پيش ايندا رهندا، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد هاڻ آسان هدف ڳولي انهن کي
نشانو بڻائي رهيا آهن، ماضي ۾ ايئرپورٽ جهڙن حساس هنڌن کي نشانو بڻايو ويندو هو پر
هاڻ عام شهرن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪوئيٽا ۾ سول اپستال ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي
۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن کي ملڪ جي مختلف
اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ
وزيراعظم نوازشريف اهو بيان ڏنو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دشمن اقتصادي راهداري رٿا
کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن دهشتگرد سي
پيڪ خلاف آهن ته پوءِ دهشتگردي جو خاتمو به حڪومتي جي ذميواري آهي. خيبرپختونخواهه
۾ مختلف وقتن تي ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ بلوچستان جي صوبائي گهرو وزير
سرفراز بگٽي بيان ڏنو هو ته هاڻ پاڪستان
افغان مهاجرن جو بار وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي جن جي عزت سان واپسي ممڪن بڻائي وڃي ٻي صورت هو
به بي عزت ڪري انهن کي ڪڍندا، تنهن باوجود حڪومت افغان مهاجرن جي واپسي کي ممڪن
بڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ عبدالقادر بلوچ چيو هو ته افغان مهاجرن جي نيڪالي ڊسمبر 2016
تائين ٿيندي پر ان تي هن وقت تائين ڪو به عمل نه ٿيو آهي. هن چيو هو ته هن وقت
تائين 30 لک افغان مهاجر واپس وڃي چڪا آهن. عبدالقادر بلوچ چيو ته افغانستان جو
امن پاڪستان سان لاڳاپيل آهي، پرامن پاڪستان مضبوط افغانستان آهي. هن وڌيڪ چيو ته
پاڪستان جو ايران سرحد تي ڪو به تڪرار ناهي، پاڙيسري ملڪ سان دوستاڻا لڳاپا آهن.
جون 2016 ع ۾ سرتاج عزيز چيو هو ته سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبن سميت ٻين
چيلينجن سبب هاڻ افغان مهاجرن جي وڌيڪ ميزباني نٿا ڪري سگهن، پاڪستان 30 سالن
تائين افغان مهاجرن جي بي مثال ميزباني ڪئي، خابرو ادارن موجب سرتاج عزيز جو چوڻ
هو ته افغانستان ۾ سياسي تبديلي سبب مهاجرن جي واپسي لاءِ ماحول بهتر آهي، جڏهن ته
وسيلن جي گهٽتائي سبب واپسي جو عمل سست هلي رهيو آهي. بهر حال افغان مهاجرن جي
واپسي جون ڳالهيون ڪيتري ئي عرصي کان ٿي رهيون آهن پر ان تي ڪو به عمل ڪرائڻ نظر
نه اچي رهيو آهي. حڪومت ملڪ ۾ موجود افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ نئين حڪمت عملي
تيار ڪئي هئي جنهن تحت 20 جولاءِ تي منعقد ٿيل گرينڊ جرڳي جي انتظامن کي حتمي شڪل
ڏني وئي هئي جنهن ۾ سفيرن جي وزارت پاران ٺاهيل حڪمت عملي تحت 20 جولاءِ تي اسلام
آباد ۾ هڪ گرينڊ جرڳو طلب ڪيو آهي جنهن ۾ افغان قبيلي جي اڳواڻن کانسواءِ افغان
وزير به شرڪت ڪئي هئي پر ان تي ڪو به عمل
ٿيندي نظر نه آيو. ڪي پي پوليس جي سربراهه
آءِ جي ناصر خان دراني به هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چي هو ته ملڪ اندر
16 لک افغان مهاجر ترسيل آهن جيڪي ملڪ لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿي سگهن ٿا. آءِ جي
بلوچستان اهو چيو هو ته ملڪ ۾ افغان مهاجر غيرقانوني ملڪ ۾ ترسي پاڪستان جي
خودمختياري کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
هڪ
طرف ملڪ اندر لڳ ڀڳ افغان مهاجرن جو تعداد 30 لک ٻڌايو پيو وڃي ته ٻي طرف ان کان
وڌيڪ افغان مهاجر ملڪ ترسيل هجڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي. ملڪ اندر اهي به بيان
سامهون اچي رهيا آهن ته افغان مهاجرن جو
سرڪاري نوڪرين تي به قبضو آهي، ڪيترائي افعان مهاجر سرڪاريون نوڪريون ڪري رهيا آهن
جڏهن ته اهي به ملڪ اندر خبرون هلي رهيون آهن ته نادرا جهڙي حساس اداري ۾ به افغان
مهاجرن جي ڀرتي ٿيل آهن، جيڪڏهن انهن خبرن ڪا به صداقت آهي ته پوءِ حڪومت لاءِ
هڪ وڏو چييلينج ان وقت بڻجي وڃي ٿو ته آخر
ڪئين اهي پناهگير هتي آباد ٿي رهيا آهن ۽
انهن پٺيان ڪهڙا هٿ آهن، جيڪي اهي هن ملڪ
اندر بنا ڪنهن اجازت جي ملڪيتون خريد ڪري
رهيا آهن. جيتوڻيڪ بلوچستان حڪومت اڳ به اهو چيو هو ته افغان مهاجر سيڪيورٽي رسڪ
آهي پر ان باوجود وفاقي سرڪار انهن جي هڪ به نه ٻڌي رهي آهي، جنهن سبب هڪ دفعو
ٻيهر ملڪ اندر ڳڻتي وارو ماحول پيدا ٿي ويو
آهي، دهشتگرد ڪڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري معصوم
شهررين کي نشانو بڻائي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ حرڪت ڪيو ويندو آهي. صوبائي سرڪار
توڙي وفاقي سرڪار اهڙن حملن جي روڪٿام
لاءِ هن وقت تائين ڪو به قدم ناهي کنيو جنهن سبب ملڪ اندر دهشتگردي جا واقعا پيش
اچي رهيا آهن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪومبنگ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري
ڇڏي آهي. پر هن وقت تائين ملڪ مان افغان مهاجرن جي واپسي
وارو معاملو اٽڪيل نظر اچي رهيو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ به افغان مهاجر آباد
آهن جن جي واپسي لاءِ قدم کڻن جي ضرورت آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن
ته افغان مهاجرن کان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ واپس ورتا وڃن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي اندر ڪيترن ئي افغان شهرين پاڻ کي خيبرپختونخواهه جو ڄاڻائي هتان جا سڃاڻپ
ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺهرائي ورتا آهن جي جي واپسي آثار تمام گهٽ نظر اچي رهيا آهن.
جيڪڏهن افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ توڙي وفاقي حڪومت قدم نه کنيو
ته پوءِ افغان مهاجر ملڪ لاءِ هڪ وڏو سيڪيورٽي چيلينج بڻجي ويندا، هونءَ ته هن وقت
به افغان مهاجر ملڪ لاءِ اندر هڪ وڏو سيڪيورٽي لاءِ رسڪ بڻيل آهن پر ان باوجود انهن جي واپسي توڙي
انهن تي نظر رکڻ لاءِ ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي، ڪراچي اندر به کوڙ سارا اهڙا
علائقا آهن جتي پوليس به ناهي وڃي سگهندي ، جن کي نوگو ايريا چئجي اهو گهٽ نه آهي،
ڪراچي
توڙي ملڪ جي ٻين شهرن جون حالتون سامهون آهن، هڪ طرف پنجاب ۾ ٻارڙن جي اغوا جون
وارداتون وڌي ويون آهن ته اتي به پنجاب پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، جيڪڏهن ڪو
اغوا ڪندڙ پنجاب اندر پڪڙجي به پئي ٿو ته ان کي پوليس شهرين کان ڇڏائي وٺي هلي وڃي
ٿي بعد انهن کي ڇڏيو وڃي ٿو،ا هڙيون ڪيتريون خبرون ميڊيا تي هلي رهيون آهن پر ان
باوجود پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف توڙي
وزيراعظم نوازشريف پنجاب ۾ ٻارڙن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي نوٽيس نه ورتو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن جون جهوليون
خالي ٿي چڪيون آهن جيڪي هن وقت به پنهنجي ٻچڙن جي واپسي لاءِ منتظر نظر اچي رهيا
آهن پر وقت جا حڪمران انهن جي ٻچن جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهن. بهر
حال ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ به هڪ وڏي دهشتگردي آهي جنهن کي پنجاب جا سيڪيورٽي ادارا
روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي ويا آهن. جيتوڻيڪ ملڪ اندر هن وقت حالتون انتهائي حساس
آهن پر ان باوجود حڪمران ٻين ملڪن تي
الزام لڳائي رهيا آهن پر انهن جي ناپاڪ
قدمن کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه پيا ورتا وڃن. جيتوڻيڪ ڪجهه عرصو اڳ هڪ جاسوس کي
به گرفتار ڪيو ويو هو پر ان وقت به حڪمران اهو ئي چئي رهيا هئا ته اها وڏي ڪاميابي
آهي ۽ ان جاسوس جي ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي ته ڪلڀوش ياديو جي جي سرڪاري رٽائرڊ
ملازم جي تصديق ڀارتي سرڪار به ڪري چڪي آهي. پر هاڻ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال
قائم ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي افغان
مهاجرن جي واپسي کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جئين ملڪ ۾ امن قائم ٿي سگهي هاڻ کوڙ
ٿيو ڪيتري افغان مهاجرن جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻ انهن ڌڻين سان به حڪمرانن کي ڳالهائڻ گهرجي جن جي
چوڻ ته افغان مهاجرن کي ملڪ اندر ترسايو هو. جيڪڏهن افغان مهاجرن جي وطن وااپسي وارو عمل شروع نه
ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگردي جا
واقعا پيش ايندا رهندا، ڇاڪاڻ ته هاڻ افغان مهاجرن کي وڌيڪ ترسائڻ دهشتگردي کي پاڻ
دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.
No comments:
Post a Comment