Pages

Wednesday, 10 August 2016

ترڪي ۾ به ڦاهي ڏيڻ جو قانون بحال ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
15 جولاءِ کانپوءِ ترڪي ۾ گرفتارين جو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي، فتح الله گولن جي تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو صحافتي ادارن  تي به پابندي  لڳائي وئي آهي، جن ۾ ٽي وي چينل، اخبارون ۽ رسالا شامل آهي ته ٻي طرف وري طيب اردگان ناڪام بغاوت جي ڪوشش کي ڪچلندڙ عوام جي ٽيڪ تي وڏا وڏا جشن به ملهائي رهيو آهي جنهن ۾ ترڪي جون اپوزيشن جماعتون به ساٿ ڏئي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن ترڪ صدر طيب اردگان استنبول ۾ ناڪام بغاوت جي ڪوشش دوران مارجي ويلن جي ياد ۾ هڪ ريلي ڪڍي  جنهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ترڪ صدر طيب اردگان، آرمي چيف ۽  وزيراعظم به شريڪ هئا جن به ريلي کي خطاب ڪيو ۽ريلي کي ناڪام بغاوت جي ڪوشش دوران مارجي ويلن ماڻهن جي نالي ڪيو  ۽ ترڪ صدر طيب اردگان اها خواهش ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن عوام مطالبو ڪيو ته هو ملڪ اندر ڦاهي ڏيڻ وارو قانون بحال ڪري ڇڏيندا. بهر حال هن وقت تائين ته ترڪي اندر ڦاهي ڏيڻ وارو قانون بحال نه ٿي سگهيو پر ان باوجود اهي خبرون آهن ته ترڪي اندر ترڪ ڪرد ويڙهاڪ ۽ ترڪي فوجي  اهلڪارن ۾ جهڙپن دوران ڪيترائي فوجي اهلڪار ۽ ڪرد ويڙهاڪ مارجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ ترڪ آرمي چيف ريلي کي خطاب ڪندي اهو چيو  آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي بغاوت ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا ۽ جمهوري عمل کي جاري رکيو ويندو ته ان وقت ئي ترڪ صدر طيب اردگان اهو بيان ڏنو ته هو فوج اندر اهڙي سوچ جو مڪمل طور صفايو ڪندا. جڏهن 15 جولاءِ تي ترڪي جي عوام ناڪام فوجي بغاوت سان مقابلو ڪيو  ۽  جانيون قربان ڪيون ته ان کي سڄي دنيا اهڙي همت تي  داد ڏئي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا اندر پهريون ڀيرو ٿيو هو. عوام فوج سان مهاڏو اٽڪائيندي جمهوريت جي ريل کي پٽڙي تان لاهڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻايو هو ۽ دنيا جي سربراهن اهي بيان جاري ڪيا هئا ته ترڪ جي عوام هڪ تاريخ لکي آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو  ۽ ترڪ عوام جو اهو قدم دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو آهي. بهر حال حال ترڪ جي عوام ته دنيا لاءِ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي پر ترڪ صدر طيب اردگان هن وقت ملڪ اندر سمورن فوجي باغين جي حامين کي ڇتڻ وارو جيڪو عمل شروع ڪيو آهي، جنهن بابت اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيترن ئي بيگناهن کي صرف صورت ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪن جا  مٽ مائيٽ باغي ڌڙن سان گڏ هئا ته ڪن کي ان لاءِ نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو ته هو  باغين جي اڪثريت واري علائقي ۾ رهندڙ هئا، جن کي شڪ جي بنياد تي نشانو بڻايو پيو وڃي. جيتوڻيڪ ترڪ صدر طيب اردگان ناڪام فوجي بغاوت کان پوءِ مختلف ملڪن جا دورا شروع ڪري ڇڏيا آهن هر هڪ ملڪ کان حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش به ڪري رهيو آهي پر کيس هن  وقت تائين ڪا خاص اڳڀرائي نه ملي سگهي آهي.  ترڪ صدر طيب اردگان روس جو به دورو ڪيو ۽ روسي صدر سان ملاقات به ڪئي. جنهن دوران به ناڪام فوجي بغاوت جي ڪوشش دوران روس جي ڪردار  جي واکاڻ به ڪئي. ان کان اڳ ترڪي صدر طيب اردگان روسي هم مصب ڏانهن اهو پيغام به موڪليو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هو تباهه ٿيل روسي جهاز جي پائليٽ جي خاندان سان همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪري ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪجهه عرصو  اڳ ترڪي ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ۽ ترڪي روس جي جهاز کي به تباهه ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن طرفان ڇتي بيانبازي به ڪئي وئي هئي جهن دوران آمريڪا به ٽيڪاڙي جو ڪردار ادا ڪندي اهو بيان ڏنو هو ته ٻنهي ملڪ کي ڇڪتاڻ وارو  رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ سان داعش کي فائدو پهچندو، بهرحال ان وقت ته ٻنهي ملڪن م ڇڪتاڻ نه گهٽي هئي پر  جڏهن ترڪي اندر  ناڪام فوجي بغاوت جي ڪوشش ڪئي و ئي ته روس ۽ ترڪي ۾ لاڳاپا بهتر ٿي ويا ۽ هاڻ ٻنهي ملڪن جا سربراهه هڪ ٻئي سان ملاقاتون به ڪري رهيا آهن  ۽  هڪ ٻئي جي حمايت ۾ بيان ڏنا پيا وڃن ته ٻي طرف وري ملڪ اندر طيب اردگان مخالفن خلاف ڪارروايون به جاري رکندو پيو اچي جنهن تي آمريڪا ناراضگي جو به اظهار ڪيو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت جي ڪوشش کانپوءِ هن وقت تائين 18000 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ  66000 هزار ماڻهن کي نوڪرين مان  ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته 50 هزار ماڻهن جا پاسپورٽ به ضبط ڪيا ويا آهن. ايتري قدر جو فوج ۾ به وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن ۽ ترڪي صدر طيب اردگان طرفان اهي بيان به ڏنا پيا وڃن ته  هو فوج مان اهڙي سوچ  جو مڪمل طور خاتمو آڻيندا ۽ بغاوت ڪندڙن کي اهڙي سزا ڏيندا جو مستقبل ۾ اهڙو قدم کڻڻ جي ڪنهن به شخص کي همت نه ٿيندي، جنهن لاءِ هو ملڪ اندر موت واري سزا جي قانون کي بحال ڪرڻ چاهين ٿا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته  270 ماڻهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي  آهي پر انهن جي هن وقت تائين ڪنهن  به تصديق نه ڪئي آهي، سوشل ميڊيا ته اهي خبرون آهن ته ڪيترن ئي  فوجي بغاوت جي حامين کي ماريو ويو  آهي، هاڻ اهي صرف افواهون آهن يا ان ڪا  سچائي آهي، ان بابت پرڏيهي خابرو ادارن هن وقت تائين ڪجهه به نه لکيو آهي. جيتوڻيڪ ترڪ صدر طيب اردگان به بار بار آمريڪا کي فتح الله گولن جي حوالي لڳي بابت درخواست ڪئي آهي پر آمريڪا هن وقت تائين ان بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي ۽  آمريڪا به بار بار اهي بيان به ڏئي رهيو آهي ته ترڪ ۾ ناڪام فوجي بغاوت پٺيان هنن جو ڪو به هٿ نه آهي. ترڪي صدر طيب اردگان استنبول ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو ملڪ مان فتح الله گولن جي تحريڪ جو مڪمل طور صفايو آڻيندا، ڇاڪاڻ ته فتح الله گولن ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث آهي ته ٻي طرف فتح الله گولن آمريڪا کي به  درخواست ڪئي آهي ته کيس ترڪي جو حوالي نه ڪيو وڃي ۽ ترڪ صدر طيب اردگان جي هڪ به ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به سازش ۾ ملوث نه آهي ۽ نه ئي سندس ناڪام فوجي بغاوت ۾ ڪو به هٿ آهي پر ان باوجود ترڪ صدر طيب اردگان ان ڳالهه تي قائم آهي ته  ترڪي ۾ ٿيل ناڪام بغاوت جي ڪوشش ۾ سمورو هٿ فتح گولن جو آهي ۽ فتح الله گولن جي حامين بغاوت جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ  ترڪي اندر فتح الله گولن جي ڀائيٽي، ويجهي مائٽن ۽ حامين کي وڏي انگ ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي پر ان باوجود فتح الله گولن طرفان ترڪي صدر خلاف ڪو به  خاص بيان نه ڏنو ويو آهي ۽ آمريڪا به فتح الله گولن واري معاملي تي نرم رويو اختيار ڪري رهيو آهي جنهن تي ترڪ صدر ڪاوڙيل نظر اچي رهيو آهي  ۽ آمريڪا کان پري به ٿيندو پيو وڃي. ترڪي ۾ فوجين ۽ ڪرد ويڙهاڪن ۾ چڪرين جو سلسلو جاري  آهي، جنهن بابت به ٻڌايو پيو وڃي ته  ناڪام فوجي بغاوت کانپوءِ ڪرد ويڙهاڪن ۽ ترڪ فوج وچ ۾ چڪرين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ترڪ فوجي اهلڪار مارجي چڪا آهن ۽ ڪرد ويڙهاڪن کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ روسي صدر ولادين پيوٽن ترڪي تي لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي  پر ان باوجود آمريڪا طرفان هن وقت تائين ترڪي ۽ روسي لاڳاپن بابت ڪو خاص بيان جاري ناهي ڪيو ويو، جنهن بابت اهو چوڻ ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي ملاقات آمريڪا جي آشيروارد سان ٿي آهي ته اهو وقت کان اڳ هوندو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ترڪي يورپي يونين ۾ شموليت ڪرڻ به ڀڄ ڊڪ شروع ڪري ڇڏي آهي ته ٻي طرف وري ملڪ اندر ڦاهي واري سزا جي قانون کي بحال ڪرڻ جي حمايت به ڪري رهيو آهي تنهن مان لڳي پيو ته ترڪي يورپي يونين ۾ شامل نه ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته يورپي يونين ۾ ڦاهي واري سزا ته پابندي لڳل آهي. جنهن بابت ترڪ صدر کي اڃا وڌيڪ سوچڻو پوندو، جيڪڏهن ترڪ صدر طيب اردگان ملڪ اندر ڦاهي واري قانون جي بحالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ترڪي ڪنهن به صورت ۾  يورپي يونين ۾ شامل نه ٿي سگهندو، جيڪو پڻ ترڪ صدر لاءِ  هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي. جيوتڻيڪ ترڪي ۾ مخالفن کي ڪچلڻ جو سلسلو زور ۽ شور سان جاري آهي پر  ان باوجود طيب اردگان جو مختلف ملڪن سان لاڳاپا بهتر رکڻ اهو ثابت ڪري رهيوآ هي ته ترڪ صدر طيب اردگان هاڻ ٻين ملڪن سان ڪنهن به صورت ۾ ڇڪتاڻ نه چاهيندو جئين ماضي ۾ روس ۽ ٻين ملڪن سان ورتاءُ ڪيو آهي ان کي ٻيهر نه ورجائندو.رهي ڳالهه ڦاهي ڏيڻ واري قانون جي بحالي جي ته ترڪ صدر ان بابت ٿورو واضع به ڪيو آهي ته جيڪڏهن عوام چاهيو ۽مطالبو ڪيو ته هو  ڦاهي جي سزا واري قانون کي بحال ڪندا، جيڪو پڻ ترڪ صدر طيب اردگان لاءِ هڪ وڏو چيلنج بڻجندو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment