Pages

Saturday, 3 September 2016

لنڊن جو اڪيلو ٿي ويل شخص

صاحب خان ڀٽي
اڄڪلهه ملڪ اندر لنڊن جي شخص جو ذڪر وڏي زور ۽ شور سان ٿي رهيو آهي، هر طرف ان ئي شخص جا چرچا آهن، مختلف پروگرامن به ان ئي شخص  بابت بحث ٿي رهيو آهي،  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ويندي حڪمرانن تائين سمورن کي لنڊن وارو شخص ياد اچي رهيو آهي، ڪجهه چئي رهيا آهن ته برطانيا کي پنهنجي شهري  خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ته ڪجهه مطالبو ڪري رهيا آهن ته لنڊن واري شخص کي انٽرپول ذريعي گهرائي سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هتان جي حڪومت ان خلاف ڪارروائي ڪندي يا وري جئين جئين وقت گذرندو ويندو ، تئين تئين ان معاملي ۾ ٺاپر اچي ويندي ۽ پاڪستان مردا باد جا نعرا هڻندڙن کي بخش ڪيو ويندو. في الحال جيڪي ڪارروايون ٿي رهيو آهن اهي صرف آفيسن ڊاهڻ ۽ لنڊن کان پاڪستان مخالف بيان ڏيندڙ خلاف ڪارروائي جي مطالبي تائين محدود آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لنڊن واري شخص به اهو ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ته  22 آگسٽ 2016 ع سندس لاءِ وڏو امتحان ثابت ٿيندو ۽ هن اهو به ڪڏهن نه سوچيو هوندو ته 22 آگسٽ تي سندس پوئلڳ ئي کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا ۽ ڏکئي وقت کيس اڪيلو ڇڏي ويندا، پر هاڻ جڏهن سندس تنظيم  خلاف سنڌ جي راجڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي ۽ آفيسون به ڊاٿيون پيون وڃن ته ان وقت شايد کيس احساس ضرور ٿيو هوندو ته  ڏکئي وقت ۾ پنهنجا ڏور ٿيندا آهن يا ڌاريا پري هليا ويندا آهن. اهو به ڏينهن هو جڏهن سندس ڪراچي ۾ قائم ڪيل هيڊ ڪوارٽر تي پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري کان ويندي نواز ليگ جا اڳواڻ حاضري ڀريندا هئا ايتري قدر جو اڳوڻو آرمي چيف پرويز مشرف به سندس تعريف ڪندي نه ٿڪبو هو. اڳوڻو چيف جسٽس افختار چوڌري به اهو بيان ڏيندو هو ته ايم ڪيو ايم جهڙي ڪا به پارٽي نه آهي ۽ ميڊيا ۾ ويٺل سندس ذهنيت جا حامي به ڀائي ڪا بيان  آيا هي، ڀائي ڪا بيان آيا هئا چئي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا، ايتري قدر جو لکين روپين جا اشهتار وڃائي اهي چينل ان لنڊن واري شخص کي ڪوريج ڏيندا هئا ۽ اهو لنڊن وارو شخص فون تي ٻه کان ٽي ڪلاڪ مهاجرن کي خطاب ڪندو هو ۽ انهن ٽي وي چنلن کان هيڊ لائنز ۽ اشتهار وسري ويندا هئا .
 جڏهن اهو لنڊن وارو شخص پنهنجي خراب ٻولي وارو خطاب ختم ڪندو هو ته مختلف چينلن تي ويٺل سندس حمايتي ناليواري اينڪر اهو تجزيو ڪندا هئا ۽ مهاجرن سان ناانصافي جون دانهون ڪندا هئا پر افسوس انهن مداري اينڪرن کي سنڌ جي بيروزگار ۽ پيڙهيل عوام جو خيال نه ايندو هو ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ به ياد نه ايندي هئي ۽ پاڻ کي عوام جو مددگار سمجڻ لڳندا هئا، اهڙن مداري اينڪرن کي صرف متحده  سان ئي ناانصافيون ٿيندي نظر اينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو لنڊن وارو شخص شراب ۾ ٽُن ٿي سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندو هو ته ڪڏهن وري سنڌين کي ڪراچي ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو ۽ اهي ڌمڪيون ڪنهن خط ذريعي نه ڏنيون وينديون هيون ۽ نه ئي وري گهر گهر وڃي ڏنيون وينديون هيون، اهي ڌمڪيون ٽي وي چنيل تي لائيور نشريات دوران ٽيليفونڪ خطاب دوران ڏنيون وينديون هونديون هيون، نه ته صوبائي حڪومت ان شخص جي خطاب تي پابندي لڳائيندي هئي ۽ نه ئي وفاقي سرڪار ان جو نوٽيس وٺندي هئي ۽ نه هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ ايندا هئا. شايد ڪنهن اهو سوچيو به نه هو ته جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ٿيو هو ان ئي سنڌ اسيمبلي کي ڪراچي مان پٽي وڃڻ جون ڍمڪيون  ڏنيون وينديون،  افسوس جو ان ڳالهه به وڏو  ٿيندو هو ته جڏهن لنڊن وارو شخص هڪ فون ڪندو هو ته هتان جا ڪجهه قومپرست ۽ سياستدان وڃي نائن زيرو تي حاضري ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته  هي آهي لنڊن وارو شخص هلالي پٽ آهي ۽ ان ئي هلالي پٽ ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو ۽ ڪراچي شهر کي يرغمال بڻايو ۽ ان شخص جي اشاري سان هر هڪ ڪم ٿيندو هو.
ايتري قدر جو پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جهڙو اڳواڻ به نماز پڙهڻ کان اڳ الطاف کان پڇڻ جي زحمت ڪئي هئي، اهي ڏينهن به ياد آهن، جن ڏينهن ۾ اهو لنڊن وارو شخص جڏهن ڪاوڙبو هو ته ڪراچي جون حالتون ايتريون ته خراب ٿي وينديون هيون جو هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڪنٽرول نه ڪري سگهندا هئا ۽ هرطرف باهه ۽ باهه هوندي هئي، گاڏيون ساڙيون وينديون هيون،  رستن تي  بي گناهه ماڻهن کي ماريو ويندو هو ۽ سوشل ميڊيا تي اهي ماڻهو پوسٽون رکندا هئا ته اب تو آجا..... پر ان وقت به ڪير به انهن جي ٻڌڻ وارو نه هوندو هو، هي اهو  ئي لنڊن وارو شخص هو جنهن کي پرچائڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي پنهنجي هڪ  اڳواڻ  کي گهرو وزارت تان هٽائڻو پيو هو، ان جو ڪهڙو سبب هو ۽ لنڊن واري شخص جا مطالبا ڪهڙا هئا ؟ اهي عوام کي نه ٻڌايا ويا هئا پر ايترو سڀني کي ياد هو ته جڏهن به اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏيندو هو ته ڪراچي ۾ شهرين جي جان ۽ مال داءُ تي لڳي ويندو هو، بند پيل دڪانن کي کولي باهه ڏني ويندي هئي رستي ويندڙ ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويندو هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نظر ته ايندا هئا پر  ان وقت به لنڊن واري شخص جا پوئلڳ پنهنجي ڪاررواين ۾ مصروف رهندا هئا، جيڪڏهن ڪو صحافي لنڊن واري شخص خلاف ڳالهائيندو هو ته ان کي ايتريون ته ڌمڪيون ملنديون هيون جو اهو ٽي وي چينل ڇڏڻ سان گڏ ملڪ ئي ڇڏي ويندو هو، جڏهن به ڪراچي شهر جون حالتون خراب ٿيون ته ان وقت اهو چيو ويندو هو ته نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب شهر بند ٿي ويو، لنڊن واري شخص جي ٻي به وڏي هڪ دهشت هوندي هئي، فطري جون پرچيون ۽ قرباني جون کلون، سڀني کي خبر هوندي هئي ايتري قدر جو  هتان جي حڪمرانن کي به خبر هوندي هئي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ کلون گڏ ڪير ڪندو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ ڌمڪين ذريعي فطري جون پرچيون ڪهڙي پارٽي ڏيندي هئي پر چوندا آهن ته قانون انڌو هوندو آهي ۽ ان جو ثبوت لنڊن واري شخص جي ڪراچي جي بادشاهت دوران ڏٺو هيوسين. لنڊن واري شخص جي حڪم تي ڪراچي ۾ هر هڪ دڪاندار کي فطري جون پرچيون ڏنيون وينديون ان تي رقم به ان حساب سان طئه ڪيل فطرو هونديون هو پر اها هڪ پرچي دڪاندار يا هر هڪ گهر کي نه ڏني ويندي هئي پر پچين جا بنڊن ڏنا ويندا هئا،
ڪجهه ماڻهو لنڊن واري شخص جو آشيروارد حاصل ڪرڻ لاءِ پرچيو ورهائيندو هو ته ڪجهه وري ماڻهو انهن کي گهرائي پئسا ڏيندا هئا، شايد ئي ڪراچي جي اها مارڪيٽ بچي هجي جنهن مارڪيٽ جو يونين صدر لنڊن واري شخص جي پارٽي جو نه هجي ۽ اهو  لنڊن وارو شخص انهن کي اها ذميواري ڏيندو هو ته سڄي مارڪيٽ مان فطرو گڏ ڪري پهچائي ۽ اهو مارڪيٽ جو صدر ڏنل پنهنجو فرض بخوبي سان سرانجام ڏيندو هو، شايد اهو ڪم اڄ به جاري هجي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ٿورو ان لنڊن واري شخص جو خوف ختم ٿي چڪو آهي پر اڄ به نام نهاد ميڊيا تي ويٺل اينڪر ان شخص کي کير سان ڍوٿل قرار ڏئي رهيا آهن ۽  سڄي باهه وڃي سنڌ جي ورهاڱي تي وڃي پهچائن ٿا. ان لنڊن واري ڀائي جا اهي ڏينهن به ياد آهن، جن ڏينهن ۾ايم ڪيو ايم جا سيڪٽر ۽ يونٽ انچارج ماڻهن کي گهرن ۽ دڪانن مان زبردستي ڪڍندا هئا ۽ پنهنجي ريلين ۽ جلسن ۾ شريڪ ڪرائيندا هئا،جيڪو شخص انهن سان وڃڻ کان انڪار ڪندو هو ته انهن تي تشدد ڪيو ويندو هو ۽ سمورو حال هتان جي حڪمرانن کي معلوم هوندو هو، اهي خبرون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ته ڪراچي واٽر بورڊ کان ويندي ڪراچي پوليس ۾ لنڊن واري شخص پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪارايا هئا، ايتري قدر جو لنڊن واري شخص جي پارٽي طرفان ڪراچي شهر لاءِ سٽي وارڊ به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي اڪثريت ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا ۽ انهن کي ان وقت هٿيار به ڏنا ويا هئا ۽ ان جو بار به سنڌ حڪومت تي وڌو ويو هو، هڪ طرف جيڪا پيپلزپارٽي چوندي هئي ته نوڪرين تي پابندي آهي ته ٻي طرف وري لنڊن واري شخص کي خوش ڪرڻ لاءِ هر هڪ مطالبو تسليم ڪري وٺندي هئي. ايتري قدر جو لنڊن واري شخص جي حڪم تي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ٻٽو نظام به لاڳو ڪيو هو، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي ۽ هرطرف اهي نعرا لکيل نظر ايندا هئا ته تو سنڌ کپائي زرداري، اهڙيون پوسٽون فيس بڪ تي به نظر اينديون هيون پر حڪمران اهو چوندا هئا ته لنڊن وارو شخص درست آهي. جڏهن ذوالحج واري عيد ايندي هئي ته ڪراچي کان ويندي حيدرآباد تائين هر هڪ کي گهر ۾ وڃي اهو ٻڌايو ويندو هو ته جيڪڏهن جانور جي کل هيڏي هوڏي ٿي ته پوءِ چڱو نه ٿيندو. ايتري قدر جو مولوي کي به همت نه ٿيندي هئي ته وڃي ماڻهن کي چئي ته قرباني جي کل کيس ڏني وڃي. اهو خوف لنڊن واري شخص جو نه هوندو هو پر هن ملڪ اندر ويٺل ۽ کيس سجدو ڪندڙ هتان جي حڪمرانن جو هوندو هو. ڇاڪاڻ ته جتي گهرن مان زبردستي عورتن ۽ مردن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ ان شخص جي زبردستي خطاب ٻڌارايو وڃي ۽ ان دوران اسان جا حڪمران چون ته واهه ڇا ته عوام آئي آهي، ته ان وقت لنڊن واري شخص کان ايترو خوف محسوس نه ٿيندو هو پر هتان جي قانون کان ۽ حڪمران کان محسوس ٿيندو هو،
ڀتي خوري کان ويندي ٽارگيٽ ڪلنگ تائين جيڪي به وارداتون ٿيون ان جا ثبوت اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به پيش ڪيا هئا ۽  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته هن حساس ادارن کي معلومات ڏني آهي ۽ اهو به بيان ڏنو  هو ته هو جنهن به ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ٿو ته ملڪ رحمان انهن کي ڇڏرائي وڃي ٿو. جيڪڏهن ان وقت جو وفاقي گهرو وزير ٽارگيٽ ڪلرز جي پٽ ڀرائي ڪري ته آخر عوام کي ڪهڙي ريت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اعتماد بحال ٿي ها. جنهن سبب ڪنهن به شخص همت نه ٿيندي هئي ته اهو وڃي لنڊن ۾ ويٺل شخص جي ڀتي خورن جي دانهن ڏئي، يا وري انهن کي اهو به خوف هوندو هو ته جن پوليس آفيسرن ڏي هو دانهن کڻي وڃي رهيا آهن اهي انهن کي رستن تي بيهي سلام ڪندا ۽ انهن جي هيڊ ڪوارٽر تي پيش ٿيندا آهن ته اهي ساڻن ڪهڙو انصاف ڪندا. جڏهن مهاجر  صوبي جي تحريڪ شروع ٿي هئي ته ان وقت پيپلزپارٽي جي ڪجهه اڳواڻن کي ڪراچي ڇڏڻ جون ڌمڪيون مليون هيون، جنهن تي اهي تمام گهڻو پريشان ٿي ويا هئا ۽ ان وقت قومپرست جماعت جي بهار اڳواڻ چيو هو ته ڪجهه به ٿي پئي هو انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندا، جڏهن لنڊن جي شخص جي حڪم تي جن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ڪراچي ڇڏڻ جو ڌمڪيون مليون هيون ته ان وقت جهڙي ريت اهي خوف ۾ وٺجي ويا هئا، شايد ئي  ڪنهن اهڙو خوف محسوس ڪيو هجي.  تڏهن انهن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن  محسوس ڪيو هوندو ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن لنڊن واري شخص جي حڪم تي مهاجر صوبي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ته ان وقت جڏهن هڪ صحافي ڌرڻي ۾ شريڪ هڪ عورت کان پڇيو ته ڇا توهان مهاجر آهيو ته هن جواب ۾ چيو هو ته مهاجر نه آهي پر هوءَ هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي آهي  ڪجهه ماڻهن سمورن فيڪٽرين ملازمن کي ٽرڪن ۾ وجهي هتي آندو آهي، اهو ڪو پهريون واقعو نه هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا لنڊن واري شخص جي حڪم تي ماڻهن کي فيڪٽرين توڙي دڪانن مان زبردستي احتجاجن ۽ خطاب ٻڌائڻ لاءِ  ڪڍيو ويندو هو.  هي اهو لنڊن وارو شخص آهي جنهن ڊگري رکندڙ نوجوانن کي اهو يقين ڏياريو هو ته مهاجر هڪ قوم هوندي آهي ۽ انهن پڙهيل لکيل ماڻهن سندس چيل لفظن کي لبيڪ چيو هو، ڪجهه ماڻهو مهاجر سڏرائڻ  تي شرم محسوس ڪندا آهن پر افسوس جو لنڊن واري شخص جي خاطري بعد اهي پڙهيل لکيل ڊگري هولڊر به مهاجر کي  هڪ قوم سمجهيو، لکيو ۽ پڙهيو ،
ايتري قدر جو هتان جي حڪمرانن به هجرت ڪري آيلن جي همدردي ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي اهو دلاسو ڏنو ته واقعي مهاجر  هڪ قوم ئي آهي، پر هنن اها ڪوشش نه ڪئي ته مهاجرن کي سمجهائي سگهن ته هاڻ اهي پاڪستاني آهن. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته انهن پڙهيل لکيل ماڻهن به مهاجر لفظ جي معنيٰ  نه سمجهي ۽ نه ئي مهاجر لفظ جي معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ اڀياس ڪيو، جنهن سبب اڄ به اهي لنڊن جي شخص جي چيل لفظن تي لبيڪ ڪريو ويٺا آهن.  بهرحال  جيڪڏهن مهاجر قوم هجي ها ته شامي، لبيا، فلسطيني ۽ عراق مان لڏ پلاڻ ڪري ويل ماڻهو پاڻ کي مهاجر نه سڏرائن ها ۽ نه ئي انهن کي دنيا رفيوجيز ڪري سڏيو وڃي ها ۽ نه ئي گڏيل قومون انهن کي پناهگير سمجهي مدد ڪري ها. هاڻ ته لنڊن واري شخص جو  بحث اڳ کان به وڌيڪ ٿي رهيو آهي،  22 آگسٽ جي واقعي بعد اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي صرف لنڊن واري شخص جو  ذڪر هلي رهيو آهي. قانون به حرڪت ۾ اچي ويو آهي، آءِ ايس پي آر به بيان جاري ڪيو آهي 5 هزار ڪلو ميٽر فاصلي تي ويٺل شخص پاڪستان مخالف بيان ڏئي رهيو آهي، جنهن کي بخش نه ڪبو، سياستدان به لنڊن واري شخص خلاف بيان ڏئي رهيا آهن ۽ اهو به چئي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم تي پابندي نه لڳائي وڃي سڄو ذميوار لنڊن وارو شخص آهي، پر افسوس جو انهن سياستدانن کي ڪير سمجهائي ته اهو لنڊن وارو شخص اچي پاڻ ڪراچي ۾ قتل نه ڪندو هو ۽ نه ئي لنڊن وارو شخص ماڻهن کي گهرن ۾ زبردستي ڪڍندو هو ۽ نه ڀتو وصول ڪندو هو ، ڀلي کڻي حڪم لنڊن مان جاري ڪندو  هو پر ڪارروايون ته هتان جا ئي ماڻهو ڪندا هئا جيڪي کيس روحاني پيءُ چوندا هئا، اهي اڄ ڪاٿي آهن، جيڪڏهن ان شخص جو ايڏو خوف هو ته اهو پاڻ لنڊن مان اچي اهو خوف نه ڦهلائيندو هو، هتان جا متحده جا اڳواڻ ئي بيان ڏنا هئا ته حالتون خراب ٿينديون هيون، اڄ جڏهن قانون حرڪت ۾ آيو آهي ته سمورا متحده جا اڳواڻ لنڊن واري شخص سان لاتعلقي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ مصطفيٰ ڪمال جهڙا ته لنڊن واري کي ذليل به ڪوٺي رهيا آهن، جيڪڏهن لنڊن واري شخص کي ذليل چئي ۽ ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ سان اهي پاڪ صاف ٿي وڃن ٿا ته پوءِ  اهڙو موقعو طالبان ۽ ٻين دهشتگردن تنظيمن کي به ڏيڻ گهرجي نه ته جيڪي به قاتل ۽ ٽارگيٽ ڪلر آهن، انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ جنهن پاڪستان کي مرده باد چيو آهي ان پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي ۽ جيڪي به ان پارٽي ۾ شامل هئا ۽ آهن انهن خلاف به جاچ ڪري انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پر اهو ممڪن تڏهن ئي ٿيندو جڏهن تعصب وارو رويو ۽ ٻٽو معيار ختم ٿيندو؟.

No comments:

Post a Comment