Pages

Thursday, 8 September 2016

خوف جي چادر ويڙهيل ڪراچي جا شهري

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر خوف پکيڙيندڙ عنصر سرگرم ٿي ويا آهن، جنهن سبب شهرين ۾ ٻيهر خوف پکڙجي ويو آهي، هڪ طرف هن شهر ۾ نامعلوم ماڻهو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن ته ٻي طرف وري هتان جي سياسي پارٽين ۾ به ڀڃ ڊاهه هلي رهي آهي، جنهن سبب ڪراچي شهر ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، هر هڪ شهري هاڻ اهو ئي سوچي رهيو آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي؟  پر شايد ان بابت نه ته حڪمرانن کي خبر آهي ۽ نه ئي وري عوام کي ڪجهه  معلوم ٿي رهيو آهي، جنهن سبب سڄي شهر ۾ خوف واري فضا قائم ٿيندي پئي و ڃي. جيتوڻيڪ متحده اڳواڻ فاروق ستار لنڊن جي شخص سان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪو آهي پر اڄ به شايد ان شخض جو هتي دٻ دٻو هلي رهيو  آهي، جنهن سبب سندس پوئلڳ هڪ دفعو ٻيهر سندس ڏيکاريل واٽ تي هلي رهيا آهن. جيڪي پنهنجي ماضي واري طاقت کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر اهي عنصر ڪراچي جون حالتون ٻيهر خراب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، جهڙي ريت هاڻ هو پنهنجي سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت به انهن عنصرن کي چاڪنگ ۽ بينر لڳائڻ واري عمل کان نه روڪيو ويو ته ڪراچي اندر ٻيهر خون ريزي ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ هتان جي قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ۽ انهن عنصرن کي وائکو ڪرڻو پوندو، جيڪي اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث آهي، جئين جئين وقت گذرندو پيو وڃي، تئين تئين هن شهر ۾ لنڊن واري شخص جي حمايت ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ متحده جي باني جي حمايت ۾ بينر لڳائڻ جي ڪنهن کي به همت نه ٿي رهي هئي، ۽ هاڻ اهي بنا ڪنهن خوف جي بينر لڳائي رهيا آهن، جنهن بابت نه ته قانون لاڳو ادارن کي خبر پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي وري عام شهري انهن ماڻهن کي ڏسي رهيا آهن، جنهن سبب اهي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن،
هونءَ ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به  بينر هڻڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر ان باوجود نه ٿو لڳي ته اهو معاملو اتي ئي لئه مٽي ٿي ويندو، هونءَ ته ڪراچي  ۾ رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي ويا هئا پر افسوس جو متحده جي باني جي 22 آگسٽ واري بيان کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جا شهري خوف ۾ مبتلا نظر اچي رهيا آهن، 22 آگسٽ واري معاملي کانپوءِ  متحده سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي ۽ اهي ئي ماڻهو اڄڪلهه پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳائي رهيا آهن ۽ هر هڪ اهو ئي چئي رهيو آهي ته  نعرا هڻندڙن سان گڏ نعرا هڻائيندڙ خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ هلندڙ چاڪنگ ۽ لڳندڙ بينرن مان به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻ حالتون هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿيڻ طرف وڃي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ هاءِڪورٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جيڪي متحده سربراهه جي حمايت ۾ بينر لڳايا ويا هئا ان کانپوءِ گذريل ڏينهن انهن بينرن جي مخالفت بينر لڳايا ويا آهن، جن ۾لکيل هو ته جيڪو وطن جو غدار آهي، اهو موت جو حقدار آهي،  هڪ طرف متحده جو پراڻو نعرو  جيڪو قائد جو غدار آءِ  اهو موت جو حقدار آ “ ٻيهر ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن سبب شهرين کي ماضي ياد اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ شهر کي رت سان وهنجاريو ويو هو ۽ اهڙي چاڪنگ ۽ اهڙا نعرا ان وقت به ٻڌڻ ۾ آيا هئا ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ڪجهه ڀتا خور سرگرم ٿي ويا آهن، جيڪي ڀتو  نه ڏيڻ تان گاڏين کي باهيون ڏئي رهيا آهن، جنهن جو انڪشاف به ڪراچي پوليس پاڻ ئي ڪيو آهي ته جن به گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون انهن کان ڀتو  گهريو ويو هو،  لياري جي لي مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل  ماڻهو بس کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، جنهن بابت پوليس ٻڌايو ته ڀتو نه ڏيڻ تان بس کي باهه ڏني وئي، ايتري قدر جو نيو ڪراچي، لانڍي ۽ فيڊرل بي ايريا وارن علائقن ۾ به هڪ ٽرڪ سميت چار گاڏين کي باهه ڏني وئي ۽ اهي ڪارروايون سڄي رات ۾ جاري رهيون،  جنهن بابت سوچي اهو محسوس ڪري سگهجي پيو ته ڪو ته آهي، جيڪو متحده باني کي جئرو رکڻ لاءِ ايڏو جتن ڪري رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي  مشن  تي ڪم ڪري رهيو  آهي، جنهن خلاف حڪومت ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي.
ڪراچي اندر جهڙي ريت بينر لڳائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن مان اهو اندازو به آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ۽  مستقبل  ۾ ڀتي خور ۽ دهشتگرد ٻيهر سرگرم ٿي ويندا، جيڪي آپريشن کان اڳ پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا هئا.  جڏهن کان ڪراچي شهر ۾ متحده سربراهه جي حمايت  بينر لڳا آهن ته ان جي ٻئي ڌينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڪستان جو غدار آهي اهو موت جو حقدار آهي جا بينر به لڳا آهن، اهڙي صورتحال بعد ڪراچي جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات گاڏين کي باهيون به ڏنيون ويون ٽن بسن ۽ هڪ ٽرڪ کي به باهه ڏني وئي هئي ۽ ٻڌايو ويو ته بسن کي باهيون ڀتي نه ڏيڻ تان ڏنيون ويون. اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪراچي جا شهري هڪ دفعو ٻيهر خوف ۾مبتلا ٿي ويا آهن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ته جئين شهرين ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿي سگهي. هونءَ ته صرف سنڌ جي راجڌاني ڪراچي ۾ اهڙا بينر لڳا آهن پر شايد اهي حيدرآباد تائين به وڌي سگهن ۽ اتي به جئين ڪراچي ۾ بسن کي باهه ڏني وئي اتي به حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. ان قانون لاڳو  ڪندڙ ادارن کي ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ چرپر تي اڃا وڌيڪ نظر رکڻي پوندي ته جئين امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جنهن ڏينهن کان متحده جي باني سان تعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي، تنهن ڏينهن کان سڄي شهر ۾ هڪ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، هر ماڻهو اهو سوچي رهيو آهي ته متان ڪٿي ماضي واريون حالتون پيدا ٿي وڃن، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ڪراچي شهر ۾ جيڪي به چاڪنگ ٿي آهي، انهن جي جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.
هڪ طرف سياستدان ڪراچي ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري خوف واري فضا به قائم آهي ۽ اها خوف جي فضا ان وقت ئي ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن ته انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪي ڌمڪين وارا بينر لڳائي رهيا آهن ۽ چاڪنگ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهن عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويو ته ماڻهو خوف ۾ ورتل رهندا، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار لاتعلقي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي پر ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته لنڊن وارو شخص سندس فيصلي مان ناخوش  آهي ۽  اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته متحده جي باني پاڪستان رابطا ڪميٽي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر کيس ڪو به جواب نه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي سندس ڪو فون کڻڻ لاءِ تيار آهي. ميڊيا ۾ اهي به خبرون آهن ته اهڙي عمل کان پوءِ ڪراچي ۾ چاڪنگ ۽ بينر لڳائڻ وارو سلسلو شروع ٿيو جنهن بابت نه ته هن وقت تائين قانون لاڳو ڪندڙن ادارن ڪا خاص ڪارروائي ڪئي آهي ۽ نه ئي  هن وقت تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.  جيڪڏهن هن وقت تائين اهي ماڻهو وائکا ناهن ٿي سگهيا جن ڪراچي ۾ بينر لڳايا ۽ شهر جون  حالتون خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ته پوءِ آخر گذريل رات جيڪي ڀتي نه ڏيڻ تان گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون انهن جا جوابدار به گرفتار نه ٿيندا.تنهن لاءِ ضروري آهي، امن قائم ڪرائڻ لاءِ  قانون لاڳو ادارن کي ڪارروائي ڪري انهن عنصرن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment