Pages

Tuesday, 6 September 2016

جمهوريت تي ٻيهر ڇانيل ڪارا ڪڪر
صاحب خان ڀٽي
ڪجهه عرصو ملڪ اندر اهي ڳالهيون هلي رهيون ته جمهوريت لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تمام گهڻو اهم آهن ، پر اهي ڪجهه ڏينهن گذريا ويا هئا ۽ جمهورت مٿان جن ڇانيل ڪارن ڪڪرن جو ذڪر ٿي رهيو هو اهي به ٽري ويا هئا، پر هاڻ اهي جمهوريت مٿان ڪارا ڪڪر هڪ دفعو ٻيهر ڇانيل نظر اچي رهيا آهن ۽ هاڻ اهو ٿيندي نظر به اچي رهيو آهي ته واقعي جمهوريت لاءِ  ايندڙ ڏينهن انتهائي اهم آهن، پيپلزپارٽي جي هڪ اڳواڻ به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڏيهه آمد جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته نوازسرڪار خلاف سموريون مخالف پارٽيون هڪ پليٽ طرف گڏ ٿي ويندو، هونءَ به پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به نوازشريف خلاف احتجاج جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ تحريڪ انصاف طرفان به پيپلزپارٽي کي احتجاجن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني وئي هئي، بهرحال هاڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آمد بعد اها خبر پئجي ويندي ته ڇا آصف علي زرداري نوازشريف جو ساٿ ڏيندو يا نه. هڪ طرف پاڪستان  عوامي تحريڪ جو سربراهه طاهر القادري ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نوازشريف جي احتساب لاءِ احتجاجي ڌرڻا هڻي رهيا آهن ته ٻي طرف وري شيخ رشيد به  ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ نواز سرڪار جي سخت مخالفت ڪري رهيو آهي، پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف سمورين جماعتن کي هڪ پليٽ فارم گڏ ڪرڻ تي ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي۽ ان جو وڏو سبب اهو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  سردار اياز صادق تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران جي قومي اسيمبلي جي رڪنيٽ ختم ڪرڻ وارو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو ۽  پي ٽي آءِ ۽ شيخ رشيد جي ريفرينس کي رد ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اياز صادق چيو ته ميمبرن جي نااهلي جا 8 ريفرينس آيا، جن کي هن اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيا ۽ اهو به چيو ته نااهلي جو فيصلو، هو نه پر اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسپيڪر اياز صادق اهو به چيو ته  آئين کيس پنهنجي سمجھداري سان فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، جيڪو ڪجھه لکيو اهو درست آهي. جن ريفرنسز ۾ نا اهلي جو سوال هوندو، اهي اڳتي اماڻيا ويندا. 
جڏهن ته ريفرينس جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر طرفان اسيمبلي مان واڪ آئوٽ به ڪيو ويوهو.جڏهن ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اسپيڪر جي ڪردار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن  کي شيخ رشيد مڪمل طور رد ڪندي  پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه به ماڊل ٽائون سانحي جي  جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ  جي  اپيل ڪئي آهي ته ٻي طرف وري عوامي مسلم جي سربراهه شيخ رشيد به عمران خان خلاف ريفرينس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چيف جفسٽس کان اپيل ڪئي ته آئيني حل ڳوليو  وڃي، جيڪڏهن حل نه ڳوليو ويو ته پوءِ اهڙيون حالتون ٿي وينديون جنهن سان غير  آئيني قدم کنيو ويندو ۽  ان حالتن کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو، جنهن ريت قومي اسيمبلي ۾ ريفرينس رد ڪيا ويا ۽ منظور ڪيا ويا آهن تنهن مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت پاڻ ئي اليڪشن ڪميشن کي تبديل ڪرڻ ارادو ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جيڪڏهن نااهلي  وارو ريفرينس جيڪڏهن ميمبرن جي خلاف آيو ته پاناماليڪس معاملي جي احتجاجن کانپوءِ وري اليڪشن ڪميشن خلاف به ملڪ اندر احتجاجي ڌرڻا شروع ڪيا ويندا، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته به سياست ضرور چمڪائي ويندي، ڇاڪاڻ ته اسپيڪر هڪ طرف وزيراعظم جي نااهلي جو ريفرينس رد ڪيو آهي ته ٻي طرف وري شيخ رشيد ۽ عمران خان جي ريفرينسز کي رد ڪيو آهي جنهن صاف ظاهر آهي ته اهو موقعو مخالف ڌر ڪڏهن پنهنجي هٿن کان نه وڃائيندا، هونءَ به پاناماليڪس معاملي تي مخالف ڌر احتجاج ڪري ڪري ٿڪجندي نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻ انهن کي نئون جواز  به ملي رهيو آهي ۽ پراڻي ٿيندڙ راڳ ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي  ريفرينس موڪلڻ واري معاملي نواڻ آڻي ڇڏي آهي، لڳي رهيو آهي ته نواز سرڪار پاڻ ئي پاناماليڪس گاني کي ريمڪس ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ريفرينس ۽ پاناماليڪس معاملي تي احتجاجي ڌرڻن جي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو. ا
ن سڄي صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف مخالف پارٽين کي سندس حڪومت جو تختو ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، هونءَ ته ڪجهه عرصو ئي سندس حڪومت کي باقي رهيو آهي، اهو مڪمل ٿيندي نظر به اچي رهيو هو پر هاڻ  ريفرينس واري معاملي کانپوءِ اهو ممڪن ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن واقعي وزيراعظم پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ مخالف تنظيمن کي به ان تي ٿورو غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هن ڀيري بنا ڪنهن جواز جي نوازشريف جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته وري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري سياست شروع ٿي ويندي، هر حڪومت ۾ سياستدان هڪ ٻيئن جون ڄنگهون ڪڍڻ جي پٺيان لڳيل هوندا ۽ ملڪ اندر ترقياتي ڪمن بدران حڪمران پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ لڳل رهندا، جيڪڏهن هن ڀيري نوازشريف کي صرف سال جي مدي لاءِ عهدي تان هٽائي ويو ته بهتر نه ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت ڪري ته بس فرق ايترو رهندو جو ماضي آمر اچي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندا هئا ۽ هاڻ اڄ جا سياستدان اهڙي عمل کي مڪمل ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهن. پاڪستان عوامي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري به ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪمرنن کي لٽيل دولت ٻاهر ملڪ موڪلڻ جي حوالي سان جواب ڏيڻو پوندو. طاهر القادري اهو به چيو ته احتجاجن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. اڃا وڌيڪ مرحلا  باقي آهن، جيڪي سندس مٺ ۾ آهن. جڏهن هو چاهيندو ته هو مٺ کي کولي ڇڏيندو. هاڻ  اسان کي به ڊاڪٽر طاهر القادري جي مٺ کلڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو ته آخر احتجاج کانپوءِ  ٻيا 2 ڪهڙا مرحلا آهن، جنهن سان هو حڪومت تي اڃا وڌيڪ دٻاءُ وجهي سگهندو. بهرحال هڪ ڳالهه ته واضع ٿي رهي آهي  نوازسرڪار پنهنجو دڳ پاڻ ئي بند ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ سرڪار جي حمايت ۾ هاڻ نالي ماتر ڪجهه جماعتون بچيون آهن، ماضي ۾ پيپلزپارٽي نواز سرڪار جي حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي پر هاڻ اها به  تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جهڙي ريت مخالف جماعتون نوازشريف خلاف گڏ ٿي رهيون آهن ۽ تنهن مان لڳي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف خلاف اڃا وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي ويندو، ان کان وڌيڪ سوچڻ جي اها به ڳالهه آهي ته هاڻ جڏهن طاهر القادري ۽ شيخ رشيد آرمي چيف کي اپيل به ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ ان جو رد عمل ڪهڙو ايندو ؟  جنهن بابت مختلف تجزيه نگار مختلف تجزيو به ڪري رهيا آهن، ڪجهه چئي رهيا آهن ته حڪومت  خلاف گهيرو هاڻ تنگ ٿيندو ويندو ۽ ايندڙ هڪ ٻه مهينا نوازسرڪار لاءِ انتهائي اهم هوندا.
 sahibalisindhi@yahoo.com
 

No comments:

Post a Comment