Pages

Wednesday, 7 September 2016

ڪراچي صورتحال ۽ رائيونڊ ڏانهن وڌندڙ مارچ

صاحب خان ڀٽي
شايد 1992ع کان پوءِ ڪراچي جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ٿيو  آهي جو ايم ڪيو ايم سميت سموريون پارٽيون هڪ ڀيرو ٻيهر ريليون ۽ احتجاج ڪري رهيون آهن نه ته ماضي ۾ لنڊن واري شخص جي اجازت کانسواءِ ڪراچي ۾ سياسي پارٽين  کي احتجاج، جلسو يا ريلي ڪڍڻ جي هميت نه ٿيندي تنهن لاءِ انهن کي لنڊن واري شخص کان اجازت وٺڻي پوندي هئي ۽ اها لنڊن واري شخص جي واحد پارٽي هئي جيڪا ڪنهن به سياسي پارٽي جي حق ريلي ڪڍڻ کان نه ڪيٻائيندي هئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حمايت به متحده ريلي ڪڍي هئي ۽ مشرف جي حمايت ۾ به ماضي ۾ ريليون ڪڍيون ويون هيون، پر ڪراچي اندر وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ شايد ڪنهن به سياسي پارٽي کي لنڊن واري شخص کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پئجي رهي آهي، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، سني تحريڪ ۽ ٻيو کوڙ ساريو سياسي جماعتون به هاڻ ڪراچي ۾ بنا ڪنهن خوف جي جلسا ڪري رهيون آهن. عمران خان به جلسا ڪري رهيو آهي ۽ ڪراچي متحده سربراهه جون تصويرون هٽايون ويون آهن. اڳ ڪراچي ۾ متحده سربراهه جون تصويرون نظر اينديون هيون ۽ هاڻ فاروق ستار ۽ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفي ڪمال جون تصويرون لڳايون ويون آهن، فرق ايترو آهي جو اڳواڻ ته اهي ئي آهن پر صرف ايترو آهي جو ڪجهه متحده اڳواڻن پنهنجي قائد کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان مرده بعد نعرا لڳائيندڙن کي ٻڌڻ سان گڏ انهن ماڻهن جا به نعرا ٻڌا وڃن جيڪي پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻي رهيا آهن ۽  فاروق ستار طرفان اهو بيان به ڏنو ويو ته پارٽي جي آفيسن کي ته ٽوڙي سگهجي ٿو پر ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٽوڙي نٿو سگهجي. هڪ طرف فاروق ستار کان ويندي مختلف اڳواڻ پارٽي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهو وري شهر ۾ بينر لڳائي رهيا آهن جن ۾ متحده سربراهه جي حمايت نعرا لکيل هئا، جيڪي ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد نامعلوم ماڻهن لاهي ڇڏيا،
 اهي بينر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ريگل چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ لڳيا ويا هئا. ان بينرن بابت هڪ وڏي عجب ڳالهه به سامهون آئي آهي ته بينر ڏينهن ڏٺي جو لڳايا ويا  هئا ۽ بينر لڳائيندڙن جون تصويرون به سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ نه اچي سگهيا آهن جنهن مان هڪ دفعو ٻيهر اهو شڪ ظاهر ٿي ويو آهي ته شايد اهي بينر فرشتن نه لڳايا هجن. بهر ها. بهرحال ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر قانون لاڳو ڪندڙ انهن فرشتن کي ڳولي سامهو آڻي ڇڏيندا، پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جنهن وقت اهي بينر لڳايا ويا ان وقت کين ڪنهن به نه ڌٺو ۽ نه ئي پوليس کي بروقت خبر پئجي سگهي آهي، هونءَ  ته ايم ڪيو ايم جون عيرقانوني آفيسون ڊاهڻ وارو عمل جاري ۽ ساري آهي پر ان سان گڏ اهڙي چاڪنگ ڪرڻ به هڪ سواليا نشان بڻجيي وڃي ٿو ته آخر اڃا به ايم ڪيو ايم ۾ عسڪري ونگ موجود آهي، جن جو هن وقت به لنڊن سان تعلق آهي. جيڪي اهي اڄ به پنهنجي قائد سان وفاداري نڀائي رهيا آهن، جئين 1992ع ۾ نڀائي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته انهن بينرن سان پراڻي تاريخ به ياد اچي رهي آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته 1992ع ۾ به ايم ڪيو ايم اهڙي نموني ڌڙا بندي جو شڪار ٿي هئي ۽ اهي ڌڙا هڪ ٻي جي سخت مخالف ٿي ويا هئا، ايتري قدر جو اهي ڌرڻا پنهنجا هڪ ٻي جا ماڻهو به ماريندا هئا. ان وقت نعرا هنيا ويندا هئا ته جيڪو قائد جو غدار آهي، اهو موت جو حقدار آهي ۽ هاڻ به اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي، هونءَ ته بنير لڳائيندڙ نامعلوم ماڻهن جي خلاف سرڪاري فرياد تي پريڊي جي مختلف ٻن هنڌن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ڌمڪيو ڏيڻ ۽ متحده جي باني جي حق ۾ بينر لڳائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. بهرحال هن ڀيري قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به تمام گهڻو حرڪت ۾ نظر اچي رهيا آهن جنهن سبب ڪراچي جون رونقون واپس ورندي نظر اچي رهيون آهن پر ڪنهن ڪنهن وقت اهڙو ڪارروائي ڪئي وڃي ٿو جو هڪ دفعو ٻيهر اها ساڳي دهشيت  ٻيهر قائم ٿي وڃي، ان جو ٽريلر 22 آگسٽ ته به آيو هو، جنهن جا نتيجا اڄ متحده ڀوڳي رهي آهي ۽ متحده جي مختلف  اڳواڻن طرفان بيان ڏنا پيا وڃن. 
ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف سربراهه  جلسو ڪرڻ جي نشرت پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان 24 سيپٽمبر تي رائيوننڊ ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر سياسي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي،  جيڪڏهن واقعي 24 سيپٽمبر تي رائيونڊ ۾ رڌرڻو رڳو ته نواز ليگ جا ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن آمهون سامهو ٿي سگهن ٿي، هونءَ ته ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿي ويا آهن، ڪڏهن بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪڏهن  وري ڪي پي ۾ ڌماڪا ڪيا پيا وڃن، اهڙي صورتحال هئڻ باوجود به هتان جا سياستدان دهشتگردي جي خاتمي ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن واري سياست ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، ڪي پي ۽  بلوچستان جون  به حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، هڪ طرف ملڪ  ۾ پرڏيهي مداخلت جو به انڪشاف ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪلڀوشن جهڙا را جا ايجنٽ به گرفتار ڪيا پيا وڃن. 8 آگسٽ 2016 تي به ڪوئيٽا۾ سول اسپتال اندر آپگهاتي ڌماڪيو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ وڪيلن ۽ صحافين سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، جنهن بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي ملڪ اندر ڪومبنگ آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو هن وقت به جاري آهي، هن آپريشن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڏوهاري ماڻهو به شامل آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جنهن ڏينهن کان ضرب عضب آپريشن شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان دهشتگرد هاڻ آسان هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، وزيراعظم نوازشريف طرفان به بيان جاري ڪيو ويو هو ته هاڻ دهشتگرد آخري پساهه کڻي رهيا آهن.آرمي چيف جنرل راحيل شريف طرفان به آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو  ويو هو.
ڪوئيٽا سانحي جو ڏک اڃا وسرو ئي نه هو ته مردان ۾ دهشتگردن ڌماڪا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا شهيد ۽  50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا. جنهن بابت ٻڌايو ويو هو ته پهريون ڌماڪو عدالت جي گيٽ وٽ آپگهاتي بمبار دستي بم اڇلايو ڪيو هو، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو  آپگهاتي هو. مردان سانحي بابت ڊي آءِ جي مردان چيو هو ته پوليس  آپگهاتي حملي آور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته  هن پوليس مٿان دستي بم اڇلايو. جنهن ۾ اهلڪار زخمي ٿيا. جڏهن ڪوئيٽا  سانحو  ٿيو ته ان وقت ملڪ جي سمورن سياستدانن طرفان مذمت ڪئي وئي هئي ۽ جڏهن مردان ۾ به ماڻهن کي ماريو ويو ته ان وقت به سمورن سياستدانن صرف مذمت ڪئي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون   واقعو نه هو پر ان کان اڳ به ڪيترائي سانحا پيش اچي چڪا آهن پر ان باوجود هتان جا حڪمران عسڪري قيادت سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا  ڪندي نظر نه اچي رهيا آهن. جنهن جو فائدو دهشتگرد حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي ناپاڪ اردن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال  ڪرڻ ئي آهي ته پوءِ سياسي  قيادت کي عسڪري قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته  سياستدان عوام جي طاقت سان دهشتگردن کي مات ڏئي سگهن ٿا، جيڪڏهن هن  ڏکئي وقت ۾ سياستدانن ذاتي اختلاف نه وساريا ته پوءِ  دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندا  رهندا ۽ اهي دهشتگرد عام ماڻهن کي پنهنجو نشانو بڻائيندا جنهن سبب اڄ سياسي قيادت جي اها ذميواري بڻجي ٿي ته اهي احتجاج واري سياست ڇڏي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جئين  اسان جا سيڪيورٽي فورسز  اهلڪار دهشتگردن کي منهن ڏيڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب ٿي وڃن، جيڪڏهن هن وقت به سياسي قيادت اک نه کولي ته دهشتگرد ۽ را جا ايجنٽ ملڪ ۾ سرگرم ٿيندا رهندا ۽ هتان جون حالتون خراب ڪندا رهندا. 
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا 24 سيپٽمبر کان اڳ نواز سرڪار پي ٽي آءِ جا مطالبا مڃي ٿي يا وري هن معاملي کي اڃا وڌيڪ اڳتي هلائڻ لاءِ  ڇڪتاڻ واري سياست کي اڳڪٿي وڌائڻ چاهيندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ نٿو لڳي ته نواز سرڪار ڪو بني گالا  ۾ وڃي مارچ يا ڌرڻي جو مطالبو ڪري، باقي رهي ڳالهه پي ٽي آءِ جي ته اها جماعت هاڻ باقاعده اعلان ڪري  چڪي آهي، سيپٽمبر  ۾ جيڪو مارچ رائيونڊ وڃي رهيو آهي، ان سان ملڪ اندر ڇڪتاڻ جو پڻ خدشو آهي، جنهن سبب هاڻ حڪومت لاءِ هڪ ڀيرو وڌيڪ مسئلا پيد اٿي  رهيا آهن. هاڻ  صرف ان وقت جو انتظار اچي بچيو آهي ته حڪومت هاڻ مفاهمت وارو دڳ استعمال ڪندي يا سياسي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رائيونڊ واري مارچ کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرائيندي.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment