صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هڪ طرف بجلي ۽ گيس جو بحران آهي ته ٻي طرف وري حڪمران
به مختلف چيلينجز کي منهن ڏيندي نظر اچي رهيا آهن، نوازسرڪار به پاناما ليڪس ۽
نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل هئي جنهن مان اها به پنهنجي جند آجي ڪرائيندي نظر اچي رهي آهي.پاناماليڪس
تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم نوازشريف کان مطالبو ڪري رهيو هو ته
سندس آفشور ڪمپنين جا به انڪشاف ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو عمران خان کان پارٽي
فنڊنگ بابت به سوال ٿي رهيا آهن پر ان باوجود تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان
نوازسرڪار کي پاناما ليڪس واري معاملي تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، پاناما
ليڪس وارو معاملو اڃا ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري نيوز ليڪس وارو معاملو نواز
سرڪار جي ڳچي ۾ اچي پيو هو، جنهن مان به
نواز ليگ پنهنجي جند آجي ڪرائيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ڊان ليڪس تي
حڪومتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو ته ان وقت آءِ ايس پي آر طرفان ان کي رد ڪيو ويو
هو پر بعد ۾ ان ٽويٽ کي واپس ورتو ويو، ائين لڳي رهيو آهي ته آهستا آهستا نواز
سرڪار بحرانن مان ٻاهر نڪري رهي آهي،
سپريم ڪورٽ جي پاناما فيصلي تي به نوازسرڪار طرفان مٺايون
ورهايون ويون هيون ۽ نوازسرڪار طرفان اهو بانور ڪرايو ويو ته هاڻ هو پاناما به
پنهنجي جند آجي ڪرائي چڪا آهن پر افسوس ان تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي ۽ اها سڄي
معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، هن وقت نوازسرڪار پاناما ليڪس ۽ نيوز ليڪس واري معاملي
تي مطئمن نظر اچي رهي آهي پر جن ماڻهن به وزيراعظم نوازشريف کان پاناما ليڪس
معاملي تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو ان کي نواز ليگ اڳواڻ درست عمل نه سمجهي رهيا
هئا ۽ ڪجهه ته اهو به چئي رهيا هئا ته وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو آئين جي
خلاف آهي پر انهن ماڻهو اهو نه ٻڌايو ته جڏهن يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هو، ان وقت
نواز ليگ طرفان يوسف رضا گيلاني کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪهڙي آئين تحت ورتو ويو
هو. جڏهن سپريم ڪورٽ يوسف رضا گيلاني خلاف ڪيس هلي رهيو هو ته ان وقت هو سپريم
ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو پر وزيراعظم نوازشريف هن وقت تائين سپريم ڪورٽ نه ويو آهي ۽ نه
اڳوڻو صدر پرويز مشرف عدالت پنهنجي ڪيسن جي پيروي لاءِ پهتو آهي.
بهرحال اهي عدالت ۾ پيش ٿين يا نه ٿين پر يوسف رضا گيلاني
عدالت ۾ پيش ٿي اهو ثابت ڪيو هو ته قانون سڀ کان مٿانهون آهي، افسوس جو اهو ٻيو
ڪير هن وقت تائين ثابت نه ڪري سگهيو آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي
ته پاناما ليڪس معاملي تي وزيراعظم رهجي ويل ڪجهه مهينن لاءِ استعيفيٰ ڏيندو يا
وري آصف علي زرداري جيان پنهنجي عهدي جو مدو پورو ڪندو. هاڻ اهو ته وقت ئي
ٻڌائيندو ته رهجي ويل ڪجهه مهينا نواز سرڪار ڪهڙي ريت مڪمل طور پورا ڪري سگهي ٿي،
جيڪڏهن هن وقت نوازسرڪار جيڪي به قوم سان واعدا ڪيا آهن، اهي پورا ڪري ٿي ته پوءِ ايندڙ
وقت ۾ به کيس وڏي تعداد ۾ ووٽ ملي سگهن ٿا، اهو ان ڪري به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جڏهن کان نواز سرڪار اقتدار ۾ آئي آهي تنهن
ڏينهن کان ڪراچي مان دهشتگرد ڀڄي ويا آهن نه ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ دهشتگردن جي
حڪومت قائم هوندي هئي، دهشتگردي سان ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ وارا واقعا تمام ٿي
رهيا هئا ۽ امن امان جي صورتحل انتهائي خراب ٿي وئي هئي پر ان باوجود ان وقت
پيپلزپارٽي ڪي به قدم نه کنيا هئا،
جيڪڏهن ان وقت
پيپلزپارٽي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ها ته جئين ڪراچي ۾ اڄ امن قائم آهي،
ان وقت قائم هجي ها ۽ شهر روز روز بند نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري ماڻهو دهشتگردي ۽
بدامني مان بيزار ٿين ها، هن وقت ڪراچي جون حالتون تمام گهڻو سڌري ويون آهن ۽
ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. بهرحال هن وقت نوازسرڪار جن به مسئلن کي
منهن ڏئي رهي آهي انهن مان آهسي آهستي پنهنجي جند آجي ڪري رهي آهي پر هن وقت به
جندال جي ملاقات بابت تمام گهڻا سوال ٿي رهيا آهن جن کي نوازسرڪار درست نموني ماڻهن کي ٻڌائي نه سگهي
آهي. جڏهن نوازسرڪار ڊان ليڪس بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ان وقت ٽويٽ جاري ڪيو
ويو هو جنهن تي وفاقي گهرو وزير چيو هو ته ٽويٽ زهرقاتل آهن. هاڻ وري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به
ساڳيو ئي بيان ڏنو آهي، جڏهن ته اعتزاز احسن چيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪي به
ملاقاتون ٿي رهيون آهن انهن جو مقصد مريم نواز کي بچائڻ آهي،
هونءَ ته سينيٽر اعتزاز احسن جا بيان ته نوازسرڪار کي تمام گهڻو پريشان ڪندا
هوندا پر جيڪو به ڪجهه چئي رهيوآهي انهن کي ماڻهو تمام گهڻو ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن
ڇاڪاڻ ته سندس بيانن سان نوازسرڪار تمام
گهڻو پريشان به ٿي رهي آهي. شايد ٻين ماڻهن کي به اعتزاز احسن کي ناپسند هجن.جڏهن
نوازليگ جو تختو اونڌو ڪيو ويو تنهن ڏينهن کان ملڪ بحرانن جي ور چڙهندو شروع ٿي
ويو هو، مشرف دور ۾ دهشتگردي، ڌارين جي لوڌ ۽ بجلي جي بحران تمام گهڻو ٿي ويو هو، ان
وقت اهو تاثر ظاهر ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڊيم هجن ها ته بجلي جي جو بحران پيدا نه ٿئي
پر ان وقت جڏهن گيس جو بحران شروع ٿيو ته اهو نه چيو ويو ته جيڪڏهن ڊيم هجن ها ته
گيس جو به بحران پيدا نه ٿئي ها، اهو ان ڪري نه چيو ويو ته پاڻي سان گيس پيدا ڪرڻ
ان وقت جي حڪومت لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هجي ها، هونءَ ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جون
دانهون ان وقت شروع ٿيون جڏهن وڏن ڊيمن جو منصوبو جوڙيو ويو هو ۽ ننڍن صوبن کي
پاڻي گهٽ فراهم ڪيو ويو هو، ان وقت به وڏن ڊيمن کي ٺاهڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي هئي پر
ننڍن صوبن کي ان تي تمام گهڻا خدشا هئا، هن وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس جو بحران
تمام گهڻو وڌي ويو آهي، هڪ طرف سخت گرمي آهي ته ٻي طرف وري بجلي جي بندش ماڻهن جو
جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،
نوازسرڪار ته پنهنجا بحران ختم ڪري رهي آهي پر عوامي مسئلن
کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نه پيو کنيو و ڃي. اهو سبب آهي جو اڄ ملڪ بحرانن
مان نه نڪري سگهيو آهي، جيڪڏهن صرف پنهنجا مسئلا ئي حل ڪندا رهندا ته پوءِ آخر
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪير ايندو يا عوامي
مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻي ملڪ کي ٺيڪو ڏنو ويندو.هونءَ ته نوازسرڪار جي حڪومتي
مدي کي پورو ٿيڻ ۾ ڪجهه عرصو ئي رهجي ويو آهي پر انهن سڄي عرصي ۾ بجلي ۽ گيس جي
بحران تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ننڍن صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا
آهن. تحريڪ انصاف هجي يا پيپلزپارٽي يا وري ٻي ڪا سياسي جماعت سموريون پارٽيون هڪ
ٻي خلاف بيانبازي ۾ مصروف نظر اچي رهيون آهن. جڏهن کان تحريڪ انصاف سربراهه پاناما
معاملي کي عدالت ۾ کڻي ويو آهي تنهن کان سندس خلاف ڪيس هلڻ شروع ٿي ويا آهن، هڪ
طرف مٿس پارٽي فنڊن ته ٻي طرف بني گالا ڪيس
هلي رهيو آهي، جنهن سبب سندس سڄو ڌيان نوازشريف جي کان هٽي ڪري ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي ويو آهي.
No comments:
Post a Comment