صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ دهشتگردي سبب امن امان جي
صورتحال خراب آهي، جنهن سبب اغوائن جون وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب
ملڪ ۾ هڪ خوف واري لهر ڇانيل آهي، ماضي ۾ ڀتاخوري ۽ دهشتگردي عروج تي هئي جنهن خلاف
سڪيورٽي فورسز اثرائتو قدم کڻي ان تي ضابطو آندو پر هاڻ وري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد
سرگرم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ان جو مثال ملڪ ۾ وڌندڙ اغوائن جون وارداتون آهن،
ڪجهه عرصو اڳ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي
به سڪيورٽي فورسز ڪجهه عرصي بعد بازياب
ڪرايو، ان کان پوءِ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير کي لاهور
مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي به ڪجهه عرصي بعد بازياب ڪرايو ويو هو، اهي ڪي عام
ماڻهو نه هئا ۽ نه ئي ڪي پورهيت جي اولاد هئا پر
اهم سياستدانن جو اولاد هئا، انهن کي به دهشتگردن اغوا ڪيو ويو هو،هونءَ ته ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف
ڪارروايون هلي رهيون آهن، جنهن سبب امن امان جي صورتحال قائم به ٿي آهي پر افسوس
جو هن وقت تائين دهشتگردي مڪمل طور ختم ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، ان جو سڀ کان
وڏو سبب ڌارين جي لوڌ به آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ پ پ جي سينيٽر رحمان ملڪ چيو هو ته
کيس ڌارين جي سڃاڻپ ڪارڊن بابت ڳالهائڻ تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ان مان صاف ظاهر
آهي ته دهشتگرد اڄ به هن ملڪ ۾ موجود آهن
جيڪي اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جهڙي شخص کي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهڙين شخصيتن کي به ڌمڪيون ملنديون هجن
ته عام ماڻهو جو ڇا حشر هوندو ۽ دهشتگرد
عام ماڻهن سان ڪهڙو ورتا ڪندا هوندا، ان جو اندازو ته تازو ٿيل ملڪ اندر
دهشتگردي جي لهر مان به لڳائي سگهجي ٿو. هن و قت هڪ طرف سرحدي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي
ته مٿان وري اغوا جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ان وقت جي چيف جسٽس سنڌ هاءِڪورٽ
جي پٽ سيد اويس علي شاهه کي به ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي فوجي آپريشن
بعد ڪي پي جي ضلعي ٽانڪ مان بازياب ڪرايو ويو هو، سيد اويس علي شاهه جي اغوا بعد
سڄي ملڪ ۾ هڪ خوف واري لهر پکڙجي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انصاف فراهم ڪندڙن جي
اولاد به محفوظ نه هجي ته عام ماڻهو ڪئين پنهنجي ٻچن جي تحفظ کي يقيني بڻائي
سگهندا، بهرحال هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته ماڻهن کي اغوا ڪندڙ دهشتگرد ايڏا
ته طاقتور آهن جو ڏينهن ڏٺي به ڪنهن نه ڪنهن کي اغوا ڪري هليا وڃن ٿا ۽ آساني سان
هڪ صوبي کان ٻي صوبي تائين مغوين کي به منتقل ڪري وٺن ٿا ۽ رستي ۾ ڪٿي به اهي ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ور نه ٿا
چڙهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن غلام قادري مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري پراسرار نموني
گم ٿي ويا هئا ته ان وقت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو هو ته کين خدشو آهي ته متان انهن اغوا ٿيل ماڻهن کي افغانستان ۾ وڪرو نه ڪيو وڃي
۽ پيپلزپارٽي طرفان قومي اسيمبلي ۾ به ماڻهن جي گمشدگين خلاف آواز به اٿاريو ويو
هو، هن وقت به ڪيترائي اهڙا ماڻهو گم آهن جن جو هن وقت تائين ڪو به پتو نه پئجي
سگهيو آهي ۽ نه سنڌ سرڪار انهن ماڻهن سان
ڪو رابطو ڪيو آهي، جن جا پيارا گم ٿي ويا آهن،
جيتوڻيڪ هن وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها ساٿي
جيڪي ڪجهه ڏينهن کان گم هئا، انهن کي بلوچستان مان بازياب ڪرايو ويو آهي پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار سنڌ اندر سڪيورٽي
انتظامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو آهي، جيڪڏهن سنڌ اندر سڪيورٽي انتظام
سخت هجن ها ته اهي اهم شخصيتون اغوا نه
ٿين ها ۽ نه ئي پيپلزپارٽي کي احتجاج ڪرڻ جي ضرورت پئي ها، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ
مان وڪاش ۽ ڪانتيش نالي ٻن نوجوانن کي به اغوا ڪيو ويو هو، جن کي مقابلي بعد
بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو احتجاج ڪري
رهيا آهن ته سندن پيارا گم آهن ۽ اهڙيون خبرون مختلف اخبارن ۾ رپورٽ به ٿينديون
رهيون آهن پر هن وقت تائين نه ته صوبائي سرڪار ڪو قدم کنيو آهي ۽ نه ئي وري وفاقي
سرڪار طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ اغوا جي وارداتن جي روڪٿام لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي
آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا وڃن ها ته اغوا ڪندڙ ٽولن
کي ايتري جرئت نه ٿئي ها ته اهي ڏينهن ڏٺي ماڻهن کي اغوا ڪري ٻين صوبن ڏانهن منتقل
ڪري ڇڏين ها. هڪ طرف دهشتگردي ته ٻي طرف وري ماڻهن جي اغوا جي وارداتن ماڻهن کي
خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن حڪمرانن جا ويجها ماڻهو گم ٿين ٿا ته
انهن جي گمشدگين لاءِ ايوانن ۾ به آواز اٿاريو وڃي ٿو پر افسوس جو غريب ۽ بي پهچ
جي گمشدگين تي سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار طرفان ڪو به خاص احتجاج رڪارڊ ناهي
ڪرايو ويندو ۽ نه ئي انهن جي بازيابي لاءِ ڪي انتهائي سخت قدم کنيا ويندا آهن. هونءَ
ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ رينجرز ۽ پوليس هر وقت الرٽ رهندي آهي، جنهن سبب ڪراچي
۾ امن امان جي صورتحال به بهتر ٿي رهي آهي پر
ان باوجود دهشتگرد مختلف وقتن تي ٻرن مان ٻاهر نڪري اچي پنهنجي ناپاڪ
ڪاررواين ۾ڪامياب ٿيندا رهن ٿا، جنهن سبب اويس علي شاهه، سلمان تاثير جي پٽ شهباز
تاثير، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي اغوا جهڙيون وارداتون پيش اينديون
رهن ٿيون.
جيڪڏهن اهم شخصيتن جو اولاد به محفوظ نه هجي ته پوءِ آخر
عام ماڻهو پاڻ کي ڪهڙي ريت محفوظ سمجهي سگهي ٿو، ايتري قدر جو اڳوڻي صدر آصف علي
زرداري جي ويجهي ساٿين کي به اغوا ڪندڙن بخش نه ڪيو ته پوءِ آخر اهي عام ماڻهو جو ڪهڙو
حال ڪندا هوندا، جيڪڏهن هن وقت صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ملڪ وڌندڙ اغوا جي
وارداتن تي ضابطو نه آندو ته سڀاڻي وري اهڙيون وارداتون پيش اينديون رهنديون جنهن کي بعد روڪڻ ناممڪن ٿي ويندو. هونءَ ته
وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به چوندو هو ته ملڪ ۾ داعش جو ڪو به وجود نه آهي پر
بعد انهن دهشتگردن ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي گمراهه ڪري دهشتگرد بڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن
هن وقت ملڪ اندر شروع کان ئي دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا
وڃن ها ته دهشتگرد ايترا مضبوط نه هجن ها ۽ نه ئي سيوهڻ، جيڪب آباد ۽ پشاور جهڙا
سانحا پيش اچن ها. هونءَ ته ملڪ جو ڪو اهڙو شهر نه بچيو آهي جتي دهشتگردي نه ٿي
هجي، جيڪڏهن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت صوبن اندر سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ته
دهشتگرد ماڻهن کي اغوا ڪري ٻين صوبن ۾ منتقل نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي وري اهي سخت
سڪيورٽي جي هوندي ڪنهن کي اغوا ڪرڻ جي جرئت ڪندا. جيڪڏهن صوبائي سرڪار کي سنڌ جي
سرحدن تي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪري ته سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ دهشتگردن کي گرفتار
ڪرڻ ڪافي حد تائين مدد ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد ماڻهن کي اغوا ڪري ٻين صوبن
ڏانهن منتقل ڪندا آهن جئين اويس علي شاهه، يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ ٻين ماڻهن کي
اغوا ڪيو ويو هو.
No comments:
Post a Comment