صاحب خان ڀٽي
اترڪوريا ميزائل تجربا ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جون ننڊون
حرام ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب ڊونلڊ ٽرمپ ايشيائي اتحادي ملڪن سان رابطا تيز ڪري
ڇڏيا آهن، ڪڏهن چين جي اڳوڻن سان ته ڪڏهن وري ڏکڻ ڪوريا سان رابطا ڪرڻ ۾ مصروف نظر
اچي رهيو آهي، جڏهن به اترڪوريا تجربا ڪيا آهن، تڏهن آمريڪا طرفان سخت بيان جاري ڪيا
ويا آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، هن وقت ته ٻنهي
ملڪن طرفان صرف بيانبازي کان ڪم ورتو پيو وڃي پر جڏهن کان ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي اقتدار جون واڳون
سنڀاليون آهن تنهن ڏينهن کان سندس خلاف آمريڪا ۾به احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي،
هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪري رهيو آهي پر
ان باوجود سندس خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، بهرحال ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ شام ۾ هوائي
ڪارروائي ڪئي ۽ ان سان گڏ اتر ڪوريا کي به ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هوهوائي ڪارروائي
جو اپشن اترڪوريا خلاف تحفي طور استعمال ڪندا، ان کان علاوه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ
مختلف ملڪن جي سربراهن سان به رابطا ڪيا آهن، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اتر
ڪوريا پاران ميزائل تجربن جو سلسلو جاري آهي، جنهن تي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا کي به
تمام گهڻي ڳڻتي آهي، ان سان گڏ آمريڪا جون به ننڊون حرام ٿي ويون آهن، هونءَ ته
دنيا اندر ڪيترائي ملڪ آهن جتي اتحادي ملڪ ڪارروايون ڪري رهيا آهن باقي رهي ڳالهه
دنيا جي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن جي ته انهن ملڪن ۾ هن وقت تائين اتحادي ملڪن طرفان
ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، باقي رهي ڳالهه شام، عراق ۽ افغانستان ته اتي دهشتگردن
جي خاتمي جي ڪارروايون جاري آهن پر انهن ملڪن ۾ به هن وقت تائين امان امان جي
صورتحال قائم نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري اتحادي ملڪن دهشتگردن کي چٿڻ واري دعويٰ
تي مطئمن نظر اچي رهيا آهن.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اتحادي ملڪ پنهنجا مقصد ڪڏهن حاصل
ڪندا ۽ انهن کي حقيقي ڪاميابي ڪڏهن ملندي ۽ انهن ملڪن ۾ امن ڪڏهن قائم ٿيندو جتي
اتحادي ملڪن جون فوجن جا جٿا وڙهي رهيا آهن، باقي رهي ڳالهه دهشتگردن جي ته اهي به
پنهنجي دهشتگرد ڪارروايون جاري رکندا پيا اچن، هونءَ ته جاپان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کان ته هر هڪ
واقف آهي پر هن ڀيري اترڪوريا جي ميزائل تجربي بعد جاپان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ
مضبوط ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن جاپان پنهنجي فوج جي ڪردار کي وسي ڪرڻ
بابت تڪراري قانون جي منظوري ڏني هئي جنهن بعد پنهنجي سڀ کان وڏي جنگي ٻيڙي کي
آمريڪي جهاز جي سهڪار لاءِ روانو ڪيو هو.
جڏهن ته آمريڪا جي سامونڊي جنگي جهاز ۾ ڪارل ونس جهاز کڻندڙ ٻيڙو به شامل هو، جنهن
بعد اتر ڪوريا ڪارل ونس ۽ آمريڪي ٻيڙي کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن بعد لڳي
رهيو هو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف آمريڪا، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽
ٻيا ملڪن آهن ته ٻي طرف وري اڪيلو اترڪوريا بيٺو آهي جيڪو سمورين پابندين باوجود
ميزائل تجربا ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا جي هڪ به نه ٻڌي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ جاپان
۽ آمريڪا اتر ڪوريا تي دٻاءُ وجهڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيا آهن پر افسوس جو ان ۾
کين ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اتر ڪوريا جي
سربراهه کي هوشيار اڳواڻ قرار ڏئي چڪو آهي ۽ هوائي حملي جي اپشن کي اترڪوريا خلاف
تحفي طور استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ائين ڇڪتاڻ
هلندي رهي آهي ته خطي جون حالتون وڌيڪ بگڙجي سگهن ٿيون ۽ ان جو ذميوار اترڪوريا جي
هوڏ ۽ آمريڪا جي سپر پاور واري طاقت ڏيکارڻ وارو جنون ئي هوندو،
هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ اترڪوريا جي معاملي تي ٽياڪڙي
وارو ڪردار ادا ناهي ڪيو ۽ نه ئي اترڪوريا جي ميزائل تجربن بعد پيدا ٿيل صورتحال
تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جاپان جيڪو جنگي ٻيڙو ڪورياجهڙي ٻيٽ ڏانهن موڪليو
هو ان بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اهو ٻيڙو جنهن جو نالو ايزو مو آهي، جيڪو 249 ميٽر
ڊگهو آهي ۽ ان جي شڪل آمريڪا جي مختلف قسمن جي جنگي جهازن کي کڻي ويندڙ جهاز جهڙي
آهي، جاپان جي هڪ اخبار اهو به ٻڌايو آهي ته اهو جنگي ٻيڙو هڪ ئي وقت نون هيلڪاپرن
کي به کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اترڪوريا جي ميزائل
تجربن تي تمام گهڻو ڪاوڙيل نظر اچي رهيو آهي
۽ اترڪوريا کي ميزائل تجربن سبب ڀرپور جواب ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي، آمريڪي صدر
طرفان به طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پيو وڃي ان جو سڀ کان وڏو ثبوت ايٽي طاقت سان
هلڻ وارو جهاز ڪارل ونس به شامل آهي جيڪو اترڪوريا جي خلاف استعمال ڪرڻ جا اشارا
ملي رهيا آهن. هونءَ ته اترڪوريا به اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته ڪجهه به ٿي پئي هو
پنهنجا ميزائل تجربا جاري رکندا. ڪجهه ڏينهن اڳ اترڪوريا جي پرڏيهي وزير چيو هو ته
غير معمولي حالتن جي موجودگي ۾ اترڪوريا ڪنهن به حدتائين وڃي سگهي ٿو، مخالفن تي
وڌ کان وڌ دٻاءُ برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ايٽمي طاقت ۾ به اضافوو جاري رکندا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ آمريڪي ٽي وي چينل
کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته اترڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان ننڍي عمر ۾ اقتدار
سنڀاليو ۽ هو هڪ هوشيار اڳواڻ آهي، هن اهو به چيو هو ته ڪم جونگ ان ذهني طور به
صحتمند به آهي.هونءَ ته اترڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ ڇڪتاڻ گذريل ڪيتري ئي عررصي کان
هلندڙ آهي پر هاڻ آمريڪا ۽ جاپان به اترڪوريا خلاف به قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،
15 اپريل 2017 ۾ اترڪوريا ۾ ٿيل فوجي پريڊ ۾ هٿيارن جي نمائش تي آمريڪا تي دهشت
طاري ٿي وئي هئي، ڪجهه آمريڪي دفاعي ماهرن چيو هو ته اترڪوريا جا ميزائل نقلي ۽
هٿيار رانديڪا آهن بهرحال هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتان صرف آمريڪا ۽ جاپان لاءِ
نه پر سڄي خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، اڳ ئي سڄي دنيا دهشتگردي جي لپيٽ ۾
آهي ته مٿان وري طاقتور ملڪن ۾ ويڙهه جا اثر خطي تي تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگهن
ٿا. هونءَ ته آمريڪا ايران کي به تجربن سبب پابنديون لڳائينديون رهيو آهي پر هن
ڀيري اترڪوريا خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻ وارو اعلان سمجهه کان ٻاهر نظر اچي
رهيو آهي، هڪ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اترڪوريا
جي سربراهه ڪم جونگ ان کي هوشيار ته مٿان وري کيس ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، هاڻ
ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا اتر ڪوريا جي مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
يا وري ماضي جيان اهو معاملو به طاقت ذريعي جنگ جي ور چاڙهيو ويندو.
No comments:
Post a Comment