Pages

Sunday, 7 May 2017

نيوز ليڪس نوٽيفڪيشن ۽ نواز سرڪار جو اقتدار

صاحب خان ڀٽي
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چوندون مقرر وقت تي ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق طرفان وزيراعظم نوازشريف تي استعيفيٰ ڏيڻ جو زور ڀريو پيو وڃي پر هن وقت تائين انهن کي ڪجهه نه وريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو  آهي، جڏهن ته مخالف بنا جواز واويلا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پيپلزپارٽي ڏانهن نظر ڦيرينداسين ته اها پارٽي به سڄي ملڪ ۾ پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ لاءِ پرجوش نظر اچي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان پيپلزپارٽي ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ جلسا به ڪري چڪي آهي پر لوئر دير ۾ پيپلزپارٽي جلسو ته ڪيو پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شرڪت نه ڪئي ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري کي سڪيورٽي ڪليئرنس نه ملي سگهي هئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ئي جلسي کي خطاب ڪرڻو پيو هو، تحريڪ انصاف به  پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي ۽ پاڻي ۽ بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي شهر ۾ پنڊال سجايو ويو هو،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سپريم ڪورٽ طرفان چيو ويو هو ته هڪ سياسي اڳواڻ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته پنجن ئي ججن وزيراعظم کي ڪوڙو قرار ڏنو، اهو غلط آهي، جنهن جي جواب ۾  تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو هو ، بهرحال هن وقت ملڪ ۾ هر هڪ پارٽي طرفان جلسا جلوس ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چئي رهي آهي ته  ڊان ليڪس تي سياسي ٿي رهي آهي، هن اهو به چيو هو ته ڊان ليڪس جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد واضع ٿي ويندو ته ڪهڙا ڪردار شامل هئا. بهرحال هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽کوڙ سارا مسئلا موجود آهن پر ان  باوجود سڄي ملڪ ۾ پاناما ۽ نيوز ليڪس جو راڳ ڳايو پيو وڃي. جڏهن کان نيوز ليڪس ۽ پاناما ليڪس جهڙا مسئلا ملڪ اندر اجاڳر ٿيا آهن، تنهن ڏينهن کان ملڪ اندر ظاهري طور ته ترقياتي ڪمن ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن پر ان باوجود مسئلا ختم ٿيڻ جو نالو ئي وٺي رهيا آهن، هڪ طرف پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي ته مٿان وري مهانگائي به عروج تي پهتل آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ٻيڻ تي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي رهي آهي، موبائل فون هجي يا وري ٻيون ڪي شيون، انهن سمورن شين ۾ حڪومت تمام گهڻو ٽيڪس وٺي رهي آهي پر ان باوجود ملڪ ۾ ڪي به خاص ترقياتي ڪم نه ٿيڻ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان بڻجي وڃن ٿا.
 هن وقت ملڪ قرضن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي ته مٿان وري حڪومت نوان نوان ٽيڪس لاڳو ڪري عوام کي پريشان ڪري رهي آهي، هڪ طرف بجلي جي لوڊشيڊنگ ته مٿان گيس جي فراهمي کي به يقيني نه پيو بڻائي وڃي جنهن بعد ملڪ اندر عوام مايوسي جو شڪار نظر اچي رهيو آهي، هونءَ ته هر هڪ پارٽي جو ڪارڪن پنهنجي اڳواڻ پٺيان نعريبازي ته ڪري رهيو آهي پر هن وقت تائين عملي طور تي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڳواڻ قدم نه کنيو آهي. دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ جو سلسلو به جاري آهي، پاڙيسري ملڪن جي جارحيت به سمجهه کان ٻاهر آهي، هڪ طرف ڀارت ته ٻي طرف وري افغانستان آهي جيڪي پاڪستان خلاف بيانبازي ڪري رهيا آهن. بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي به ڀرپور نموني سان سياست چمڪائڻ لاءِ ملڪ جي مختلف ملڪن ۾ جلسا ڪري رهي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ جي سمورين پارٽين ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجي چونڊ مهم ڪري رهيون آهن. بهرحال هن وقت ملڪ اندر پاناما ليڪس ۽ نيوز ليڪس تي تمام گهڻو  گوڙ ٿي رهيو آهي۽ هر هڪ پارٽي ان جي جاچ  جو به مطالبو ڪري رهي آهي، جڏهن نواز سرڪار ڊان ليڪس بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ان وقت به وڏو بحث ڇڙي ويو هو ۽ پاڪ فوج طرفان اهڙي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو ويو هو،
مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن بيان ڏنو هو ته حڪومت نوٽيفڪيشن ۾ هڪ ٻن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو آهي، ان کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته هو عسڪري قيادت جي ٽڪراءُ ۾ نه ايندا ، اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته  هڪ ٻن ڏينهن اندر نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ اهو به چيو آهي ته ڊان ليڪس معاملي تي سياست ٿي رهي آهي، هاڻ  ڏسڻو اهو آهي ته آخر حڪومت ڪهڙي ريت نئين نوٽيفڪيشن تي پاڪ فوج ۽ ٻين سياسي پارٽين کي راضي ڪندي،  جيڪڏهن نئين نوٽيفڪيشن کي به رد ڪيو ويو ته پوءِ آخر نوازسرڪار جي ٻي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي، اهو ته هاڻ وقت ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه  ته واضع ٿي وئي آهي ته نواز سرڪار نيوز ليڪس ۽ پاناما ليڪس جي دٻڻ ۾ ڦاسجندي پئي وڃي جتان کيس نڪرڻ  تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن  نواز ليگ پاناما مان پنهنجي جند آجي ڪرائي به وٺي ٿي ته ٻي طرف وري سندس ڳچي ۾ ڊان ليڪس واري رسو وچڙهيل آهي، جنهن کي ڏينهن نون ليگ لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ثابت ٿيندو.
هن وقت ملڪ جون حالتون تمام گهڻو ڳنڀير ٿينديون پيون وڃن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته چونڊن ۾ هاڻ ڪجهه ڏينهن ئي رهجي ويا آهن ۽ مختلف پارٽين جون به سرگرميون به جاري آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت اپوزيشن ۽ عسڪري قيادت کي ڊان ليڪس تي ڪهڙي ريت راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا وري وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، بهرحال اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندو پر نوازسرڪار لاءِ وڏو چيلنج پاناما ۽ نيوز ليڪس آهي ۽ سندس اقتدار کي پورو ٿيڻ ۾ باقي ٿورو وقت بچيو آهي، جيڪڏهن نواز سرڪار پنج سال پورو ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي وئي ته اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندو ته ڪنهن جمهوري پارٽي بنا وزيراعظم جي تبديلي جي پنهنجو مدو پورو ڪيو. پر اهو رڪارڊ قائم ڪرڻ کان نون ليگ کي پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين  جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ نون ليگ کي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، باقي رهي ڳالهه منصوبن جي اعلانن جي ته ان سان ڪو به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته نون  ليگ جا مخالف اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم  صرف اعلان ڪري رهيو آهي، هڪ منصوبي جا ٽي ٽي ڀيرا افتتاح پيو ڪري.

No comments:

Post a Comment