سنڌ جو يگانو ليکڪ علي
بابا 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌي ادبي سنگت سندس لاڏاڻي تي 3
ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي سنڌ جو يگانو ليکڪ علي بابا 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾
لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌي ادبي سنگت سندس لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ۾ محمد يوسف بلوچ جي گهر ۾ جنم
وٺندڙ علي محمد رند اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ علي بابا جي نالي سان شهرت ماڻي. علي بابا ڪوٽڙي جي نانگا لائن
ميونسپل پرائمري اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شير دل خان ميونسپل
هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ به پڙهيو پر هڪ شاگرد سان تڪرار ۽ مهتمم پاران ڪلاس مان ڪڍي
ڇڏڻ سبب هو ميٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو.
علي بابا پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو، سال
کانپوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال ڪم ڪيائين پر پوءِ نوڪري ڇڏي1965ع
کان لکڻ شروع ڪيو. علي بابا نه رڳو ڪهاڻيون ۽ ناول پر بهترين ريڊيو
۽ ٽي وي ڊراما به لکيا، سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ ۾ ميونخ
ناٽڪ ميلي ۾ ايوارڊ ماڻيو. سندس ڪتابن ۾ آيل ڙِي اولاڻا، ڌرتي ڌڪاڻا، سنڌباد،
لهندڙ سج جي لام، رُڃ سڄو ئي رت ڦڙا، منهنجون ڪهاڻيون، مسافر ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن،
سندس ناول “موهن جو دڙو” کي سنڌي ادب جو شاهڪار ناول قرار ڏنو وڃي ٿو. علي بابا
نثر سان گڏ شاعري ۾ به طبع آزمائي ڪئي.
جيجي زرينا جي آواز ۾ سندس ڪلام “اسين ماڻهو لاڙ
جا” گهڻي مقبوليت ماڻي. علي بابا جي لکڻين ۾ سنڌ
۽ سنڌي قوم جو عڪس نظر اچي ٿو، ڌرتي ڌڪاڻا ڪهاڻي ۾ علي بابا ورهاڱي جي درد سان گڏ
سنڌين جو درد به بيان ڪيو آهي. علي بابا ڪراچي ڀائٽئي جي گهر ۾ ترسيل هو ته کيس دل جو دورو پيو ۽ هن 76
سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت علي بابا جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي
No comments:
Post a Comment