صاحب خان ڀٽي
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽيون هڪ ڀيرو ٻيهر دبنگ اسٽائل ۾
ميدان تي لهي ويون آهن، پي ٽي آءِ سربراهه پنهنجي ڪنٽينر کي احتساب ڪنٽينر ۾ تبديل
ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر طاهر القادري قصاص
مارچ ۾ وڏيون ڦڙڪيون آهن ته وزيراعظم نوازشريف کي ڀارت کانسواءِ ڪنهن ٻي هنڌ پناهه
نه ملندي ۽ هڪ دفعو ٻيهر ٽيليفونڪ خطاب ۾ اها اميد به ظاهر ڪئي آهي ته
هو حڪمرانن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو. هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪنٽينر
جي سياست جي شروعات ڪيترو ئي عرصو اڳ شروع ڪري چڪو آهي پر هن ڀيري ڪنٽينر کي احتساب ڪنٽينر ۾ تبديل ڪري هڪ ٻئي تبديلي آندي
آهي ۽ هاڻ لڳي پيو ته احتساب، احتساب ڪنٽينر ذريعي ئي ٿيندو. رمضان المبارڪ مهيني ۾
اهي بيان ٻڌا هئا ته تحريڪ انصاف باضابطه طور عيد کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف خلاف
تحريڪ هلائيندي، جنهن تي عمران خان عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان
عوامي تحريڪ جي سربراهه به ٽيليفونڪ خطاب واري تاريخ ورجائيندي ماڊل ٽائون سانحي ۾
مارجي ويل 14 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڀرپور جدوجهد
شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر
القادري هڪ ئي وقت ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد ۽ گجرانوالا ۾ احتجاجي
تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، تنهن باوجود وزيراعظم نوازشريف سموري معاملي کي ڳالهين
ذريعي حل ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ ۾ لڳو پيو آهي،
هڪ طرف عمران خان جو احتساب ڪنٽينر، ته ٻي طرف وري پاڪستان عوامي تحريڪ جي
سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو قصاص مارچ وزيراعظم لاءِ چيلنج بڻيل آهي، جئين جئين
حڪومت جا ڏيهه گهٽجندا پيا وڃن، تئين تئين انهن ٻنهي پارٽين جي احتجاجن ۾ تيزي ڏسڻ
۾ اچي رهي آهي، عمران خان ته بني گالا ۾ ويهي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت به ڪري رهيو آهي ته
ٻي طرف وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڪنٽينر جي سياست به گذريل ڪيتري عرصي
کان ڪندو پيو اچي، جيتوڻيڪ عمران خان اها دعويٰ ڪري چڪو آهي ته هن ڪڏهن به فوج کي
گهرائڻ بابت ناهي چيو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان به ڏنو هو ته جيڪڏهن فوج آئي ته سڀ
کان وڌيڪ نقصان تحريڪ انصاف کي ئي ٿيندو. عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي
احتجاج مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ بعد ئي چونڊن جو اعلان ڪندي
۽ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري چونڊن
بعد خاموش ٿي ويندا ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ به شايد نه ٿي سگهي جئين بلديا ٽائون
سانحي جي جوابدارن کي هن وقت تائين احستاب جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي صرف جي آءِ ٽيز منظرعام تي آنديون ويون آهن، بهرحال حڪومت جي لاءِ چيلنج بڻيل ماڊل ٽائون
سانحو ۽ احتساب ڪنٽينر آهي جنهن کي منهن ڏيڻ هاڻ وزيراعظم نوازشريف جو ڪم آهي، ڊاڪٽر
طاهر القادر (پيٽ ) جي انتظام هيٺ جي پي
او چوڪ کان شروع ڪيل قصاص مارچ ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هو حڪمرانن کي
انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو ۽ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس خاندان کي مخاطب ٿيندي چيو ته
اهي هاڻ احتساب کان بچي نه سگهندا. جي پي او چوڪ کان شروع ڪيل قصاص تحريڪ ۽ ڌرڻي ۾
پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ)، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، پيپلزپارٽي، مجلس وحدت
المسلمين ( ايم ڊبليو ايم)، سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين اتحادي جماعتن شرڪت ڪئي جنهن
کي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ٽيلفونڪ خطاب ڪيو ، جنهن ۾
هن چيو آهي ته هو وزيراعظم نوازشريف ۽
سندس خاندان جي سياست کي ملڪ مان مٽائي ڇڏيندا
۽ ماڊل ٽائون سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان انصاف به ٿيندو. پاڪستان
عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري پنهنجي ٽيلفونڪ خطاب ۾ اهو به چيو ته
کيس افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته ملڪ جي قانون ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جي نظام کي ختم
ڪيو ويو آهي ۽ غريب ۽ ستايل ماڻهن کي انصاف نه ملي رهيو آهي، طاهر القادري
وزيراعظم نوازشريف تي اهو الزام به لڳايو ته نون ليگ جي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي
جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊن جي نالي تي اربين روپيا جاري ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين به چيو آهي ته سندس خلاف دراخواست داخل ڪري نوازشريف پنهنجي
پير تي ڪهاڙي هنئين آهي.
تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ
مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ جهانگير ترين چيو آهي ته مسلم ليگ نون جنهن زرعي ترقياتي
بينڪ جي قرضي بابت چئي رهيا آهن ان ۾ وزيراعظم نوازشريف جا ويجها دوست به شامل
آهن. .هڪ طرف عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري وزيراعظم نوازشريف خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري سپريم ڪورٽ
جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه افتخار چوڌري به وزيراعظم
نوازشريف خلاف اثاثا لڪائڻ تي درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
آهي، ان سڄي صورتحال بعد لڳي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف لاءِ
سموريون گهٽيون سوڙهيون ٿينديون پيون وڃن ، پيپلزپارٽي جيڪا ماضي ۾
وزيراعظم نوازشريف جي حمايت ۾ ميدان ۾ لٿل هئي ۽ اهي بيان جاري ڪيا ويندا هئا ته
هو وزيراعظم نواشريف کي نه پر جمهوريت کي بچائي رهيا آهن، هونءَ ته وزيراعظم
نوازشريف جي جمهوريت جو مدو به پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ مستقبل ۾ ملڪ جون واڳون ڪهڙي
پارٽي سنڀاليندي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر سمورين پارٽين جي گڏ ٿيڻ مان اهي خدشا
پيدا ٿي ويا آهن ته جلد ڪو نه ڪو وڏو فيصلو ضرور ٿيڻ وارو آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم
نوازشريف تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ اهو ڪم ٿيڻ بعد شايد اهي سموريون پارٽيون خاموش ٿي
وينديون، اهو مطالبو شايد ماڊل ٽائون سانحي يا وري پاناما ليڪس واري معاملي جي صاف
شفاف جاچ به ٿي سگهي ٿي يا وري ان کان به وڏو اهم مطالبو ٿي سگهي ٿو جنهن کي
وزاعظم مڃڻ کان ٿورو لنوائي رهيو آهي. جنهن لاءِ
اسان کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.
سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ ڦاٿل پيپلزپارٽي به وزيراعظم نوازشريف جي احتساب
لاءِ تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيا آهي، ناڻي واري
وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات واري وزير پرويز رشيد جون به پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن
سان ملاقاتون ٿي چڪو اهي جنهن بابت به اهو ٻڌايو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي رينجرز جي ڪاررواين
تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ، اهي سمورا خدشا ان وقت ظاهر ٿيا هئا جڏهن رينجرز جي اختيارن
لاءِ ڌار ڌار ٻه نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ مشرف دور ۾ جڏهن 12 مئي جو سانحو پيش آيو هو ته ان وقت به
رينجرز ڪراچي ۾ موجود هئي پر هاڻ رينجرز
لياري توڙِي لياقت آباد ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ۽ ڪافي
حد تائين امن به ڪامياب ٿي چڪو آهي پر هن
وقت به مختلف تنظيمن جا رينجرز اختيارن تي خدشا برقرار آهن، بهر حال مسلم ليگ نون هن وقت تائين ان معاملي تي واضع طور
پيپلزپارٽي سان ڳالهيون نه ڪيون آهن، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي پيپلزپارٽي ۽ نواز
ليگ ۾ اختلاف وڌندا پيا وڃن، هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته وزيراعظم نوازشريف ملڪ کان ٻاهر ويٺل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري
سان هڪ دفعو ٻيهر مصيبت مان نجات حاصل ڪرڻ
لاءِ ملاقات ڪندو يا وري انهن پارٽين جا مطالبا مڃيندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف ۽
پاڪستان عوامي تحريڪ جي ته انهن سندرا ٻڌي
ميدان تي لهي وزيراعظم نوازشريف خلاف باضابطه طور احتجاجن ۽ ڌرڻن جي شروعات ڪري ڇڏي
آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جو احتساب ڪنٽينر جيڏو وڏو نظر اچي رهيو آهي تيڏو
وڏو وزيراعظم جو احتساب به ٿيندو يا وري هن ڀيري به ماضي جيان ڳالهيون اڌ ۾ رهجي وينديون. پاڪستان عوامي تحريڪ
سربراهه کي به ٽيلفونڪ خطاب ڪرڻ سان گڏ قصاص مارچ ۽ ڌرڻن ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي ته جئين
جيڪي ڪارڪن پنهنجو سڀ ڪجهه ڪم ڪار ڇڏي
شامل ٿي رهيا آهن انهن جو حوصلو وڌي سگهي.
No comments:
Post a Comment