Pages

Thursday, 4 August 2016

احتسابي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ وارو عزم

صاحب خان ڀٽي
پانامالڪيس معاملي تي هن وقت تائين اپوزيشن ڌريون به هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿي سگهيو آهن، جنهن سبب  پاناماليڪس معاملو جئين جو تئين برقرار آهي، دنيا اندر پاناماليڪس جو نالو نشان ئي ختم ٿي چڪو آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ اندر ان کي وڏو اشو بڻايو ويو  آهي، جنهن سبب حڪمران عوامي خدمتن ڪرڻ بدران احتجاج ڪندڙن کي پرچائڻ ۾ لڳا پيا آهن، جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري هلي ويندي پر پاناماليڪس جو رينگٽ جئين جو تئين ئي رهندو. پاناماليڪس جي جاچ ڪڏهن ٿيندي ۽  تحريڪ انصاف سربراهه ڪڏهن مطئمن ٿيندو، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندا پر   هڪ ڀيرو ٻيهر 7 آگسٽ تي پي ٽي آءِ طرفان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن  بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به اهو چئي رهيو آهي ته جڏهن هو پشاور ۾ ريلي ڪڍندا ته حڪمرانن جون اکيون کلي  وينديون، هاڻ حڪمرانن جو اکيون کلنديون يا وري بند ٿي وينديون، ان جو اندازو تڏهن ئي ڪري سگهجي ٿو جڏهن عمران خان پشاور ۾ ريلي ڪڍندو. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جهڙي ريت احتسابي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي تنهن مان لڳي رهيو آهي ته حڪمران ٻيهر ساڻس ڳالهيون  ڪندا، ڇاڪاڻ ته  نون ليگ اڳواڻ به مختلف وقتن تي اهي بيان ڏئي رهيا آهن ته هو پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  تيار  آهن ۽ هميشه لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل رهندا. اهڙن بيانن مان لڳي رهيو آهي ته  نون ليگ اڳواڻ به عمران خان  سان ڳالهيون ڪري معاملي کي ٽارڻ چاهين ٿا پر ان پٺيان ڪهڙا سبب آهن جو عمران خان  نون ليگ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ پانامالڪيس واري رسي کي ڳنڍ ڏئي بيهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته  ڪجهه جماعتون  پاناماليڪس معاملي تي ساڻس گڏ  آهن پر  تازو ئي تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن جماعت اسلامي ۽قومي وطن پارٽي طرفان اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته  هو 7 آگسٽ واري احتسابي تحريڪ جو حصو نه بڻبا ۽  ان احتسابي تحريڪ جي حمايت به نه ڪندا.  اهڙي اعلان کانپوءِ  به عمران خان پنهنجي فيصلي تي قائم ۽ دائم بيٺو آهي ۽  اها دعويٰ ڪئي آهي ته هو احتسابي تحريڪ  ۾ ڪامياب ٿي ويندو. قومي وطن پارٽي جي صوبائي صدر سڪندر شير پائو  چيو آهي ته  کين 7 آگسٽ واري احتسابي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت نه ملي آهي جنهن سبب هو شرڪت نه ڪندا.  صوبائي صدر سڪندر شيرپائو اهو به چيو آهي ته هڪ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ  ۽ ٻين جماعتن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو  پنهنجي فيصلن ۾ آزاد هوندا. جماعت اسلامي به احتسابي تحريڪ ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. جئين جئين وقت گذرندو پيو وڃي تئين عمران  خان جون اتحادي جماعتون احتسابي تحريڪ ۾ شرڪت کان معذرت ڪري رهيون آهن.  رمضان المبارڪ مهيني  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها دعويٰ ڪئي  هئي ته هو عيد کان پوءِ پاناما ليڪس معاملي تي تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا پر عيد هلي وئي، ٻي عيد اچڻ واري آهي پر هن وقت تائين احتجاجن ۽ ريلين ۾ ڪو خاص اضافو نه ٿي چو آهي. هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هن پنهنجي صوبي اندر وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر هن وقت تائين عمران خان جي  صوبي ۾ ڪو خاص ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري سندس صوبي ۾ ڪو خاص امن قائم ٿي سگهيو آهي پر ان باوجود عمران خان ٻين صوبن جي حڪومتن تي تنقيد ڪندو  رهندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي عمران خان  جي  پارٽي جي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت آهي پر  ان باوجود گذريل ڪيتري ئي عرصي کان امن امان جي صورتحال برقرار نه ٿي سگهي آهي. روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ فائرنگ ۽  ڌماڪن جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن پر عمران خان هميشه جيان ٻين صوبن جي حڪومتن تي تنقيد ڪندي نظر  ايندو  آهي. عمران خان  چئي رهيو آهي ته  حڪمرانن ملڪ اندر ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي ۽  رڳو ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن پر عمران خان  پنهنجي صوبي ۾ٿيل واقعن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ته سندس صوبي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي
، پي ٽي آءِ سربراهه به ٻين پارٽي سربراهن جيان  وزيرن کي طلب ڪري معلومات وٺندو آهي ۽ مشورو ڪندو آهي جئين اڄ ڪلهه دئبي ٿي رهيو آهي. هڪ ٻه  ڏينهن اڳ چترال ۾ هڪ  وحشي استاد  معصوم ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو  جنهن جون ويڊيون ميڊيا تي به نشر ڪيون ويون هيون پر ان باوجود تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طرفان ڪو به خاص نوٽيس نه ورتو ويو  هو شايد کيس اها  به ڄاڻ نه هئي ته آخر معاملو ڪهڙو هو  ۽ ڪهڙا ڪهڙا معاملا ملڪ اندر پيش اچي چڪا آهن پر عمران خان کي اهو ياد آهي ته وزيراعظم جو احتساب ٿيڻ گهرجي، هونءَ  ڏٺو وڃي ته پاناماليڪس معاملي جي هن وقت تائين ڪا به صاف شفاف جاچ نه ٿي سگهي آهي ۽  مستقبل ۾ پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ٿيڻ جا امڪان به نظر نه اچي رهيا آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا عمران خان احتسابي تحريڪ شروع ڪرڻ وارو آهي ان ۾ شرڪت ڪرڻ کان سندس اتحادين معذرت ڪري ڇڏي آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم نوازشريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي  پر  هن وقت تائين پيپلزپارٽي طرفان به ڪو خاص احتجاج رڪارڊ نه ڪرايو ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ جڏهن چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت تحريڪ انصاف شڪست کي قبول ڪيو هو ۽ عمران خان چيو هو ته  چونڊ نتيجن کي قبول ڪن ٿا ۽ حڪمران ڌر نون ليگ  جي ڪاميابي تي واڌايون به ڏنيون جنهن کي هر هڪ ماڻهو اهو سمجهي رهيو هو ته هاڻ عمران خان نون ليگ سان سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن پر ائين نه ٿيو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه پنهنجي فيصلي تي قائم بيٺو آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جئين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري چڪو آهي. عمران خان  پنهنجي بيان ۾ اهو به چئي چڪو آهي ته هن ڪڏهن به فوج کي دعوت نه ڏني آهي ۽ اهڙو سندن ڪو ارادو آهي، ايتري قدر جو ڪجهه وقت جڏهن عمران خان کان سوال ڪيو ويو هو ته جمهوريت کي نقصان ٿيو ته  هو ڪنهن سان گڏ هوندو؟ ته ان وقت به عمران خان اهو ئي بيان ڏنو هو ته جمهوريت سان گڏ آهن ۽ جمهوريت جو ئي ساٿ ڏيندا. عمران خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو به چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف  وزيراعظم نوازشريف کان وڌيڪ مقبول آهي، هن اهو به چيو آهي ته جيتري ڪرپشن ٿيندي اوترو ئي ملڪ تباهه ٿيندو. بهرحال هن وقت عمران خان کي سندس اتحادي جماعتن ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي پر ان باوجود وزيراعظم نوازشريف خلاف عمران خان ۽ طاهر القادري سرگرم نظر اچي رهيا آهن، هونءَ  ته نواز سرڪار ختم ٿيڻ ڪجهه عرصو بچيو آهي پر  ان باوجود تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنهنجي فيصلي تي ثابت قدم بيٺل نظر اچي رهيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان احتسابي تحريڪ کي ڪامياب ۾ ڪرڻ ڪامياب ٿيندو يا وري جئين ماضي ۾ جيڪي احتجاج ڪيا ويا ۽  ائين هي احتسابي تحريڪ به ختم ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته ماضي جيڪا ڪنٽينر سياست ڪئي وئي هئي ان وقت به حڪومت تحريڪ انصاف جا ڪي خاص مطالبا قبول نه ڪيا هئا صرف حڪومت طرفان اهو چيو ويو هو ته هو عمران خان جي مطالبي تي پاناما ليڪس معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائيندا پر  وزيراعظم کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته  پاناماليڪس ۾ جيڪي به آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن اهي وزيراعظم جي اولاد جون آهن ۽  وزيراعظم نوازشريف جون نه آهن پر ان باوجود تحريڪ انصاف سربراهه اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جڏهن به احتجاج  شروع ڪيا آهن ته ان وقت به عورتن سان بدسلوڪي جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن هاڻ به جڏهن عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر احتسابي تحريڪ شروع ڪئي آهي ته ان وقت به عمران خان  کي پارٽي اڳواڻن کي اهي هدايتون ڪرڻ گهرجن ته جيڪي سندس پارٽي جا ڪارڪن عورتن سان بدسلوڪي ڪن ٿا انهن  کي روڪيو وڃي ۽ انهن خلاف سخت  ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين بدسلوڪي وارن واقعن جون خبرون ميڊيا تي نه اچي سگهن. جيتوڻيڪ عمران خان احتسابي تحريڪ کان تمام گهڻو مطئمن نظر اچي رهيو آهي پر حڪمران ڌر  تي هن وقت تائين جو ڪو خاص دٻاءُ نظر نه اچي رهيو آهي ۽  حڪومت  طرفان اهي بيان جاري ڪيا پيا وڃن ته هو ڳالهين لاءِ تيار  آهن ۽ مختلف وقتن تي اهي بيان به جاري ڪيا ويا آهن ته فيصلا روڊن تي نه پر ايوانن اندر ٿيندا آهن ۽ عمران خان کي به احتجاج ايوان اندر ڪرڻو جو مشورو ڏنو ويو. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد به ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو هو ته  عمران خان کي جيڪڏهن روڊن تي اچڻ جو شوق آهي ته ڀلي روڊن تي اچي پنهنجو شوق پورو ڪري ڏسي. هون ته پاناماليڪس معاملي کي ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي پر هن وقت تائين عمران خان  احتجاج ڪرڻ ۾ پورو نظر اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ هاڻ عمران خان کي ڪو فائنل فيصلو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پانامالڪيس بابت عوام ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي ويو آهي، هاڻ عمران خان کي به اثرائتو قدم کڻڻو پوندو باقي رهي ڳالهه مبارڪون ۽ واڌايون ڏيڻ جون ته ان سان پاناماليڪس معاملو حل نه ٿيندو.

No comments:

Post a Comment