صاحب خان ڀٽي
ٻلهڙيجي صحافين، صوفين، اديبن،
دانشورن، ليکڪن ۽ سڄاڻ ماڻهن جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي پر ڪجهه ڌريون ٻلهڙيجي
جي ماڻهن کان تمام گهڻو خوفزده آهن، جنهن سبب انهن جون ننڊون ڦٽي ويون آهن ۽ مختلف حربن سان ضياءَ الحق واري دور جي
چڻنگ کي ٻيهر ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ان باوجود سنڌ سرڪار خاموش آهي، سنڌ
مان صحافين، اديبن، دانشورن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو قومپرست ڌرين جي
به ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته سنڌ ۾
مارشلا لا جي دور جو ورجاءُ ٿي رهيو آهي. قلم ڌڻين کي به خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي
پئي وڃي. هڪ طرف حڪمران اهو بيان ڏئي رهيا آهن ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري
ڇڏي آهي ته ٻي طرف وري ليکڪن ۽ اديبن کي گرفتار ڪري انهن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي پئي وڃي. حڪمران ته اهو به چئي رهيا آهن ته سڄي ملڪ مان دهشتگردي ڪافي حد
تائين ختم ڪري ڇڏي آهي، ڪي پي ڪي جيڪو طالبان جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي اتي به امن
قائم ٿي چڪو آهي، هاڻ بچي آهي سنڌ، جتي به آپريشن ذريعي امن ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي
پئي وڃي، جنهن لاءِ رينجرز ۽ پوليس کي مڪمل اختيار به ڏنا ويا آهن ۽ سڄي سنڌ مان
گرفتارين جون خبرون به اخبارن ۾ لڳي رهيون آهن. جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي
انهن ۾ اديب، ليکڪ، ۽ دانشور ۽ صحافي به
شامل آهن. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت هاڻ دهشتگردن کان نه پر صحافين،
اديبن، ليکڪن، ۽ دانشورن کان ڊڄيل آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان پوليس جا وڏا اٽالا به
مختلف ادارن سان گڏجي ٻلهڙيجي تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عوام ۾ تاءُ پکڙيل
آهي، تنهن باوجود سنڌ سرڪار ڪو به نوٽيس نه وٺي رهي آهي. ماڻهن کي بنا ڪنهن وارنٽ
جي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙين خبرن کي ڪوريج ڪرڻ لاءِ صحافين کي اجازت به نه پئي ڏني
وڃي. هڪ طرف رينجرز جو معاملو سنڌ سرڪار حل ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار ٻه نوٽيفڪيشن جاري
ڪيا آهن ته ٻي طرف وري وفاقي گهرو وزير به مختلف بيان ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ
سرڪار ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي. بهرحال رينجرز ۽ پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ رڌل نظر اچي
رهي آهي پر ان سان گڏ هڪ دفعو ٻيهر عوام جي آواز کي ايوانن تائين پهچائندڙ لکيڪن،
اديبن ۽ صحافين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ٻلهڙيجي مان به صحافي، پرائمري استاد، اديب ۽
لطيف جي پارکو اقرار پيرزادي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڄي سنڌ جا صحافين
مذمت به ڪئي آهي، پر ان باوجود هن وقت تائين سنڌ سرڪار صحافي، ليکڪ، اديب ۽ دانشور
جي گرفتاري بابت ڪا وضاحت ناهي ڪئي.اقرار پيرزادي کي ڪجهه ڏينهن اڳ قانون لاڳو
ڪندڙ ادارن ٻلهڙيجي مان گرفتار ڪيو، اقرار
پيرزادو هڪ بهترين صحافي ۽ پرائمري استاد به آهي، جنهن پنهنجي قلم ذريعي ڏکيوئل ۽
غريب ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچايو اڄ کيس گرفتار ڪري اهو ثابت ڪيو پيو وڃي
ته حڪمران ڪهڙي ريت صحافي کي گرفتار ڪري آزادي جي اظهار کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. اقرار پير زادي
جي گرفتاري بعد سڄي سنڌ جي صحافين ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اقرار پيرزادو هڪ بهترين استاد سان گڏ هڪ
بهترين صحافي آهي ۽ لطيف جو پارکو به آهي، اقرار پيرزادو هڪ بهترين ليکڪ به آهي ۽ سندس لکڻيون تمام گهڻو پڙهيون وينديون
آهن، اقرار پيرزادو ايترو تمام سٺو لکندو
آهي ته هر هڪ شخص سندس لکڻي کي تما گهڻو ڌيان سان پڙهندو آهي، اقرار
پيرزادي هڪ ڪتاب “ جن سين لنئون لاڳي ” به لکيو
آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اقرار پيرزادي
کان جڏهن انٽرويو دوران پڇيو ويو ته لطيف جا اهڙا ٻه شعر ٻڌايو جيڪي ڪڏهن به مون
نه ٻڌا هجن ، جواب ۾ اقرار پيرزادي کيس نه رڳو چار شعر ٻڌايا پر انهن کي مڪمل طور به سمجهايو، جنهن ته انٽرويو وٺندڙ
اٿي بيٺو کيس ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته ماستري جو آرڊر کي تون کي ضرور ملندو. اقرار
پيرزادو لطيف جو سچو پارکو آهي ۽ سچو سنڌ
دوست به آهي، کيس لطيف جا ڪيترائي شعر به ياد آهن ۽ ماڻهن کي تمام بهتر نموني
سمجهائي به سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته
اقرار پيرزادي کي نوڪري به لطيف فهمي جي بنياد تي ملي. اقرار پيرزادي کي جنهن
ڏينهن کان گرفتار ڪيو ويو آهي، تنهن ڏينهن کان ننڍڙا ٻار توڙي صحافي سراپا احتجاج
آهن، ٻلهڙيجي ۾ به ليکڪ ۽ استاد اقرار پيرزادي، اختيار علي پيرزادي سميت 6 ڄڻن جي گرفتاري
خلاف اسڪولي ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي به ڪئي، جن جو چوڻ هو ته پوليس ڇاپو هڻي ليکڪ ۽ استاد اقرار پيرزادو، اختيار
علي پيرزادو، انصار پيرزادو، علي رضا شاهه، مٺو شاهه ۽ ساجد پيرزادو کي گرفتار ڪيوآهي.
صحافي، ليکڪ، دانشور ۽ لطيف جي پارکي اقرار پيرزادي کي کنڀڻ خلاف سندس امڙ، ڀيڻ، 10
سالن جي نياڻي ۽ 2 سالن جي کاهوڙي حفيظ به احتجاج ڪيو، جن به اقرار پيرزادي جي آزادي جو مطابلو
ڪيو آهي. جڏهن ته صحافي ۽ استاد اقرار
پيرزادي جي امڙ جو چوڻ هو ته ڳوٺ تي پوليس جي وڏي نفري چڙهائي ڪري سندس ٻن پٽن
اقرار پيرزادو ۽ سندس ڀاءُ انصار کي بي گناهه گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جنهن بابت
پوليس کين ڪجهه به نه ٻڌائي رهي آهي، سندس پٽن جو ڪنهن به تنظيم سان تعلق نه آهي. اقرار
جي امڙ اهو به چيو ته کيس خدشو آهي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ٻنهي کي ماري
ڇڏيندي.احتجاج دوران اقرار پيرزادي جي امڙ سنڌ سرڪار کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ ٻنهي ڄڻن کي فوري طور تي آزاد ڪري انصاف ڪرڻ جو
مطالبو به ڪيو آهي پر وقت جي حڪمرانن جي
ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. اقرار پيرزادي ۽ ٻين صحافين جي گرفتارين کانپوءِ
قلم ڌڻين ۾ هڪ بيچيني پکڙجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت دانشورن ۽ لکيڪن کي گرفتار
ڪيو پيو وڃي اهو صرف مارشلا لا جي دور ۾ ٿيندو آهي جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي.
هن ڀيري صرف فرق ايترو آهي ته نالي ماتر جمهوريت
۾ صحافي برادري کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي هر هڪ قلم ڌڻي احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. جڏهن
اقرار پيرزادي ۽ سندس ڀاءُ اسرار پيرزادي کي
گرفتار ڪيو ويو ته ان خبر هر هڪ قلم ڌڻي، ليکڪ، دانشور۽ اديب جي هانءُ کي ڏاري
ڇڏيو ۽ هر هڪ شخص اهڙي عمل جي مذمت به ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي
شاهه کان به معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اقرار پيرزادو هڪ دانشور
۽ ناليوارو صحافي آهي، سندس گرفتاري سموري صحافي برادري لاءِ هڪ وڏو ڌماڪو آهي،
اقرار پيرزادي جي گرفتاري مان اهو محسوس
ٿي رهيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت تي راتاهون هنيو ويو آهي. جيتوڻيڪ گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، قانون لاڳو
ڪندڙ ادارا به دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پتوڙي رهيا آهن ، سوات مان
آپريشن دوران به لڏپلاڻ ڪرائي سمورن ماڻهن کي سنڌ اندر ترسايو ويو، جنهن سبب هتان
جو امن ويتر خراب ٿي ويو ۽ نيٺ وفاقي
حڪومت کي سنڌ ۾ به آپريشن ڪرائڻ جو جواز مليو ۽ اهو آپريشن هن وقت به سنڌ ۾ هلي
رهيو آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان ختم نه ٿي سگهيو آهي. دهشتگردن جي به چيلهه چٻي
ٿي وئي آهي، باقي رهي ڳالهه صحافين جي ته انهن جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ پوليس وٺ پڪڙ
شروع ڪري ڇڏي آهي. مختلف اخبارن ۾ به اهي
خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته لاڙڪاڻي واقعي جي ڪوريج ڪرڻ تان صحافين کي
نامعلوم نمبرن تان ڌمڪيون ملي رهيو آهن ۽ انهن کي اهو چيو پيو وڃي ته انهن لاڙڪاڻي
واقعي جي ڪوريج ڇو ڪئي، هڪ طرف صحافي،
ليکڪ، اديب، دانشور اقرار پيرزادي کي سندس
ڀاءُ سميت گرفتار ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري صحافين کي مختلف نمبرن تان ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن، هونءَ به گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، اڳ ۾ قومپرست ڌرين کي گرفتار
ڪيو ويندو هو ، هاڻ ته صحافين کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون به ڏنيون پيون
وڃن، اهڙن واقعن باوجود سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. هڪ طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سارڪ
ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته آزادي خلاف وڙهندڙ دهشتگرد نٿا ٿي سگهن ۽ ڪو به ملڪ دهشتگردي
جي آڙ ۾ آزادي جي تحريڪن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، جتي به دهشتگردي ٿيندي ان جي
هو مذمت ڪندا، ته ٻي طرف وري سنڌ اندر حق گهرڻ تان ڪڏهن شيلنگ ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن
وري لٺبازي ڪئي وڃي ٿي، ته ڪڏهن وري اجهن کي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن کي به گرفتار
ڪري جيلن اندر وڌو وڃي ٿو. ايتري قدر جو جيڪي ماڻهو ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج ڪن ٿا ته انهن تي به
دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، ڇا اهو بهتر عمل آهي،
هڪ طرف وفاقي گهرو وزير
ٻين ملڪن کي چئي رهيو آهي ته آزادي جي
لاڙهندڙن کي دهشتگرد نه چئو ته ٻي طرف وري حقن لاءِ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي،
آخر ڇو حق سچ لکڻ ۽ عوامي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي صحافين ۽ قومپرست ڌرين کي گرفتار
ڪيو پيو وڃي. اقرار پير زادي کي به سندس
ڀاءُ سميت گرفتار ڪي ويو آهي، سندس مٽن مائٽن، دوستن ۽ عزيزن، بلڪه ميڊيا سان
لاڳاپو رکندڙ هزارين صحافين ۽ انصاف لاءِ واجهائيندڙن به اقرار پيرزادي جي آزادي
لاءِ احتجاج ڪيو آهي. جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير ۽ سنڌ سرڪار ناليواري ليکڪ، اديب، دانشور ۽
صحافي اقرار پيرزادي جي گرفتاري جو نوٽيس وٺن ته قلم ڌڻين توڙي اقرار جي مٽن مائٽن
کي وڏي آٿت ملي ويندي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هونءَ به عالمي تنظيمون اها رپورٽ جاري ڪري چڪيون آهن ته
پيارو پاڪستان ميڊيا وارن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪ آهي ۽ اتي صحافين کي انصاف ملڻ ڄڻ اڻ ٿيڻي
ڳالهه آهي پر ان باوجود سنڌ جا صحافي بهادري سان دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندا
رهيا آهن، مارشلا لا جو دور هجي يا جمهوريت سنڌ جا صحافي پنهنجي بهادري ۽ همت سان
عوام جي حقن لاءِ وڙهندا رهيا آهن. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي
ته فوري طور لطيف جي پارکو، ليکڪ، اديب ۽ صحافي اقرار پيرزادي ۽ سندس ڀاءُ جي
گرفتاري واري معاملي جو نوٽيس وٺي قلم ڌڻين ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪري ته جئين
محسوس ٿئي ته اڃا به ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي ۽ جن صحافين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون
انهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا وڃن .
No comments:
Post a Comment