Pages

Thursday, 1 September 2016

بشارالاسد جي حڪومت تي پابندي لڳندي؟

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ هن وقت عرب ملڪ معاشي طور مستحڪم نظر اچي رهيا آهن پر جئين جئين آمريڪا جي خطي ۾ مداخلت وڌي رهي آهي، تئين تئين عرب ملڪ تباهي طرف وڌي رهيا آهن، جنهن جو مثال عراق، يمن ۽ شام مان به ملي سگهي ٿو. جتي اڄ به اتحادي فوج جي بمباري ۽ فائرنگ ۾ بي گناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن، جن ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آهن پر افسوس جو گڏيل قومن جي بيحسي سبب نه ته هن وقت تائين اتي امن قائم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري اتي قانون جي ڪا رٽ قائم ٿي سگهي آهي. عراق ۽ يمن جو مسئلو ته هڪ طرف رهيو پر هاڻ عالمي طاقتن جو سڄو ڌيان اچي شام تي بيٺو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِڪو عملي قدم کنيو ويندو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه عرصي کان آمريڪا به بشارالاسد جي حڪومت تي اهو دٻاءُ وجهندو رهيو آهي ته هو اقتدار ڇڏي ڏئي پر هن وقت تائين سندس اهو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو آهي پر جڏهن کان گڏيل قومن جي رپورٽ جاري ٿي آهي تنهن ڏينهن کان ڄڻ ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي کڻي لاٽري کلي وئي آهي، جيڪي بار بار گڏيل قومن کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته شامي حڪومت تي پابندي لڳائي وڃي ۽ اهو مطالبو ان بنياد تي لڳايو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قومن شام بابت رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته شام ڪيميائي گيس جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهو جنگي قانون جي ڀڄڪڙي آهي. اهڙي رپورٽ بعد فرانس، روس ۽ برطانيا گڏيل قومن کان شام تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو، پر افسوس جو گڏيل قومن کان هن وقت تائين ڪنهن اهو مطالبو نه ڪيو آهي ته فرانس، روس ۽ آمريڪا جي ٻين اتحادين جي بمباري سبب جيڪي بي گناهه ماڻهو مارجي  رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟،  انهن جو حساب ڪير وٺندو؟ جيڪي شام ۾ معصوم شهري اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن، انهن جي ذميوارن کي سزا ڪير ڏياريندو؟ هونءَ ته فرانس، روس ۽ آمريڪا  جي اتحادي فوج طرفان اڄ به شام ۾ بمباري ڪئي پئي وڃي ۽ ان خلاف به گڏيل قومن کي قدم کڻڻ جي ضرورت نه پئي آهي، جنهن سبب شام جا شهري اڄ به ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آهن، جيڪي دنيا مان اهي اميدورن رکيا ويٺا آهن ته اهي اچي سندن اهنج گهٽائيندا.
ڪجهه ڏينهن اڳ ترڪي  جي جهازن به شام ۾ بمباري ڪئي هئي، جنهن ۾ 20 شهري مارجي ويا هئا. جولاءِ 2016 ۾ بشارالاسد جي حامين ۽ مخالفن وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي شام ۾ ڪاررواين بعد ائين لڳي رهيو آهي ته هاڻ شام جا شهري مڪمل طور بي يارو مدد گار بڻجي ويا آهن، هڪ طرف اتحادي فوج جي بمباري ۾ شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته ٻي طرف وري شامي حڪومت به عام ماڻهن کي مارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي،  8 جولاءِ 2016 ۾ شامي جيٽ جهازن دمشق ۾ بمباري ڪئي هئي جنهن ۾ 65 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. ترڪي جيڪو اڄڪلهه پاڻ ئي گهرو ويڙهه  جي ور چڙهيل آهي اهو به ملڪ شام ۾ آبادي وارن علائقن تي بمباري ڪري دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪندو هو، پر هاڻ  عالمي طاقتون اهو چئي رهيون آهن ته ترڪي ۾ ناڪام بغاوت کان پوءِ حالتون تمام گهڻو  خراب ٿي ويون آهن جنهن سبب ترڪي ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو آهي ۽ اها ڳالهه آهستي آهستي سچ به ثابت  ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ گه ڪجهه ڏينهن کان ترڪي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو نه ڌماڪو ضرور ٿي رهيو آهي. جنهن سبب ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن، بهرحال ترڪي بابت کڻي پوءِ  ڳالهائينداسين پر هاڻ شام ۾ فرانس، روس ۽ آمريڪي اتحادين جي جيڪي مداخلت وڌي رهي آهي، ان جو ڪهڙا ڪارڻ آهن ان بابت  صرف اهو ٻڌايو پيو وڃي ته شام ۾ داعش جو ڪنٽرول آهي ۽ جيڪي به ڪارروايون شام ۾ ٿي  رهيون آهن ، اهي داعش ڪري رهي آهي . هونءَ  ته آمريڪا اهو اعلان ڪري چڪو  آهي ته داعش جتي به هوندي اتي هو بنا اجازت جي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ۽ اهو آمريڪا ڪري  به رهيو آهي. آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي ڏسي سعودي عرب به ڪجهه مهينا اڳ اها شام کي ڌمڪي ڏني هئي ته هو زميني فوج موڪليندو ۽ دهشتگردي جي خاتمو آڻيندو، جنهن تي آمريڪا سعودي عرب جي مخالفت ڪئي هئي ۽ بيان جاري ڪيو ويو هو ته شام جو فوجي حل نه پر ڳالهيون آهن، پر افسوس جو اهو به پاڻ ئي دهشتگردي جي ور چڙهي ويو، جتي ماڻهو ڪنهن ڌماڪي جو تصور به نه ڪندو هو اڄ سعودي جي انهن علائقن ۾ به ڌماڪا به ٿي رهيا آهن ۽ ان جو سموري صورتحال جو ذميوار سعودي عرب پاڻ آهي، جئين پاڪستان ٻين جي جنگ ۾ شامل ٿي اڄ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي.
 بهر حال سعودي عرب ۾ هن وقت تائين ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر آمريڪا به مختلف وقتن تي سعودي عرب تي دهشتگردن سان سهڪار جا الزام لڳائيندو رهيو آهي، ڊيمڪوريٽڪ جي اڳواڻ هيلري ڪلنٽن به سعودي عرب کي واضع چئي چڪي هئي آهي ته سعودي عرب کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿ ونڊرائڻو پوندو ۽ انهن جي مالي سهائتا کي روڪڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي، هونءَ ته شام جي معاملي تي سعودي عرب جو موقف به فرانس، روس ۽ برطانيا جيان ئي رهيو آهي،جنهن ۾ هن وقت تائين ڪا به تبديلي نه اچي سگهي آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ بعد برطانيا ۽فرانس شامي حڪومت کي ڪيميائي هٿيارن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومون شامي حڪومت تي فوري طور پابندي لڳائن. اهڙي بيانن بعد بشارالاسد جي حڪومت به خاموش نه ويٺي ۽ گڏيل قومن جي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ۽ بشارالاسد حڪومت طرفان چيو ويو ته جيڪا گڏيل قومن طرفان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان رپورٽ ۾ ڪيمائي حملي بابت ٺوس ثبوت پيش نه ڪيا ويا ۽ نه ئي ڪلورين گيس جا نمونا يا تصديق ٿيل ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻي طرف فرانسيسي سفير چيو ته گڏيل قومن بشاررالاسد حڪومت کي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو ذميوار قرار ڏنو آيه، جنهن بعد شڪ جي ڪا به گنجائش نه ٿي رهي، سلامتي ڪائونسل شامي حڪومت خلاف سخت ۽ فوري قدم کڻي. هوڏانهن برطانوي سفير ڪيميائي حملن جي ذميوارن کي عالمي قانون تحت ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو، آمريڪي سفير به پنهنجي جاري ڪيل بيان چيو ته سلامتي ڪائونسل يقيني بڻائي ته ذميوارن کي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال ڪرڻ جي قيمت چڪائڻي پوندي.  بهرحال هن وقت تائين شام ۾ ڪي به حالتون ڪنٽرول  ۾ نه اچي سگهيون آهن، آمريڪا، ترڪي ۽ برطانيا جي به اها خواهش آهي ته شام اندر داعش کي چٿي امن امان جي صورتحال قائم ڪرائي وڃي پر افسوس جو اتي اڄ به حالتون ضابطي هيٺ نه اچي سگهيون آهن. هونءَ ته آمريڪا مختلف وقتن تي بشارالاسد کي اقتدار ڇڏڻ جو چوندو آهي ۽ اهي بيان به جاري ڪيا ويا هئا ته بشارالاسد جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي.
 جيڪڏهن ٿورو جائزو وٺون ته اهو بشارالاسد آخر آهي ڪير؟  ۽ ڪٿي پيدا  ٿو ته اسان کي ان بابت نيٽ تي تمام گهڻي معلومات ملي ويندي، بشارالاسد  11 سيپٽمبر 1965ع ۾ شام ۾ پيدا ٿيو ۽ کيس سياست ۾ اچڻ جو ڪو به شوق نه هو. سندس والد حفيظ الاسد به 1970ع شام جو صدر رهي چڪو آهي،  بشارالاسد 2000 کان پوءِ صدر طور شام ۾ هن وقت تائين خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هونءَ ته  بشارالاسد  بابت  آمريڪا جو موقف واضع آهي ۽  شام ۾ ڪارروايون به جاري آهن ايتري قدر جو اپريل 2016ع ۾ آمريڪا طرفان بشارالاسد جي حڪومت تي پابندي لڳايون ويون هيون ۽ چيو ويو هو ته جيڪڏهن  بشارالاسد حڪومت نه ڇڏي ته حالتون خراب ٿي وينديون. سعودي عرب کانپوءِ برطانيا به شام ۾ زميني فوج موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، تنهن باوجود به شام ۾ بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ معصوم شهري مارجي  ويا. هونءَ ته شام ۾ ڪيتريون ئي انساني حقن جون تنظيمون ڪري رهيون آهن پر افسوس جو اهي صرف بيان ۽ رپورٽ جاري ڪرڻ کانسوااءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري رهيون آهن. جنهن مان اهو لڳي رهيو آهي ته شام اندر حالتون بهتر ڪرڻ  لاءِ ڪو به اڳتي وڌڻ لاءِ نه اچي رهيو آهي. خبر نه ٿي پئي ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو آمريڪا بشارالاسد جي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هونءَ ته آمريڪا لاءِ اهو مشهور آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جو ڪو چوڻ ناهي وٺندو ته ان کي آمريڪا تبديل ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳائيندو آهي ۽ شامي حڪومت سان به شايد ئي ائين ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا بشارالاس کان خوش نه آهي ۽ بشارالاسد جنهن تي اڳ آمريڪا جو هٿ هو پر هاڻ لڳي ٿو ته آمريڪا کڻي چڪو آهي، هاڻ ان جو سبب تيل آهي يا ڪو ٻيو سبب ان بابت آمريڪا يا بشارالاسد ئي ٻڌائي سگهي ٿو. بهر حال هاڻ جيڪڏهن هن وقت به گڏيل قومن صرف رپورٽون جاري ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو ته شام اندر   بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿيندا رهندا ۽ سموري صورتحال جو ذميوار به  گڏيل قومون ئي هونديون، جنهن لاءِ فرانس، روس، ترڪي ۽  برطانيا کي بمبماري روڪڻي پوندي ته جئين ڪو معصوم شهري نه مارجي وڃي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا يتيم ٿيا آهن. جنهن لاءِ هاڻ گڏيل قومن کي شام جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن  ته جئين شام اندر بي گناهه شهرين جون حياتيون بچي سگهن.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment