Pages

Thursday, 3 October 2019

سنڌ خلاف سازش۽ پکڙجندڙ انارڪي


صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڪڏهن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لا افغاني، بهاري، بنگالي، ڪشميري، ايراني ۽ ٻي ڌاري لوڌ کي مذهب جي نالي تي آباد ڪيو ويو ته ڪڏهن  سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ڌرتي ڌڻين کي ايزائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايتري قدر جو  سنڌ  جي ٻهراڙي  توڙي شهري علائقن کي جتي رڳو سنڌي رهن ٿا، اتي   ماڻهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو، سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن، جتي اڄ تائين گئس جي سهولتن نه پهچي سگهي پر جتي به ڌارين جي لوڌ رهي ته وفاقي سرڪار  توڙي صوبائي سرڪار پاران انهن کي  سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون پر ان باوجود سنڌ خلاف سازشون بند نه ٿيون آهن، لاڳيتو هڪ شرپسند تنظيم سنڌ جي واحدت تي وار ڪرڻ ۾ رڌل  رهي آهي، ڪڏهن اها  تنظيم اجرڪ پائي  پاڻ کي سنڌ جو حلالي پٽ سڏرائيندي آهي ته ڪڏهن ته وري  سنڌين ۽ سنڌ  خلاف ڳالهائڻ شروع ٿي ويندي ۽ ناانصافي  جو راڳ الاپڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي،  پر افسوس جو هن وقت تائين وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار اهڙي تنظيم تي نه ته پابندي لڳائي سگهي آهي ۽ نه ئي  سنڌ تي وحدت تي وار ڪندڙن  خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪستان  خلاف ڳالهائيندو آهي ته ان کي غدار جو لقب ڏنو ويندو آهي پر افسوس جنهن  سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو آهي ۽ سنڌ  ئي اهو واحد صوبو هو، جنهن  پاڪستان  ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، اڄ ڪجهه غدار  پاڪستان ٺاهيندڙن جي ڌرتي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن  خلاف ايوان ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي، ايتري قدر جو  موجوده  پي ٽي آءِ سرڪار، جنهن  کي ڪجهه سياستدان سليڪٽيڊ به چئي رهيا آهن، ان تنظيم به سنڌ خلاف سازش ڪندڙن جو ساٿ ڏنو آهي، ايوان ۾ جي ڊي اي ميمبر به خاموش  اختيار ڪري ڇڏي آهي، حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري ۽ عوامي تحريڪ جي  صدر اياز لطيف پليجو  به سنڌ خلاف سازش ڪندڙ تنظيم خلاف  ڪو اثرائتو رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي، اڳ ۾ انهيءَ تنظيم  ڪراچي ۾ سنڌين جو جيئڻ جنجال  ڪيو هو هاڻ وري اها تنظيم شهر ۾ وال چاڪنگ سان گڏ ٽي وي چينلز تي ويهي سنڌ جي وحدت تي وار ڪري رهي آهي،  پر ان کي روڪڻ وارو ڪو به نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان   خلاف ڳالهائيندڙ کي غدار چئي سگهجي ٿو  ته پوءِ سنڌ ته پاڪستان جي خالق آهي، پوءِ اسان جي ڌرتي  خلاف ڳالهائيندڙ کي بخش  ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ آخر وفاق  نفرتون پکڙيندڙ جماعت جو ساٿ ڇو ڏئي رهيو آهي؟ ڇا وفاقي سرڪار ته اهو سڀ ڪجهه  انهيءَ تنظيم کان ته ناهي ڪرائي رهي؟ جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ وفاقي سرڪار کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو ته جيئن  انهيءَ تنظيم کي ناڪيلي  وڌي وڃي ته جيئن سنڌ اندر جيڪا نسلي فساد ڪرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ان کي روڪيو وڃي.

هونئن ته  قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي صاحب سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ڀرپور جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر اهو ڪافي نه آهي، ڇاڪاڻ ته  متحده قومي مومينٽ ان کان اڳ آرٽيڪل 19 لاڳو ڪري ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي پيپلزپارٽي سميت سمورين قومپرست تنظيم طرفان سخت رد عمل سامهون آيو هو ۽ پي ٽي آءِ سرڪار کي  يوٽرن وٺڻو پيو هو، اهڙي ڪڌي عمل ۾ ناڪام ٿيڻ تي  ايم ڪيو ايم نوان صوبا ٺاهڻ جا اختيار صوبن کان واپس وٺي وفاق کي ڏيڻ لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2019ع قومي اسيمبلي ۾پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سخت رد عمل ظاهر ڪندي احتجاج ڪيو هو پر  ايوان ۾ ويٺل ٻين تنظيمن جي سنڌي اڳواڻن خاموشي اختيار ڪئي هئي، جيڪا پڻ قومي ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي، ان  وقت سمورن سنڌي نمائندن کي ڀرپور احتجاج ڪرڻ گهرجي ها، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به تنظيم سان هجي ها پر افسوس ايئن نه ٿيو، جڏهن سنڌ دشمن بل پيش ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سرڪار ان بل جي حمايت ڪئي، ان مان لڳي پيو ته ان سڄي ڊرامي پٺيان  وفاقي سرڪار جو ئي هٿ آهي، پيپلزپارٽي طرفان ايوان ۾ چيو ويو ته اهڙي حرڪت سان صوبن ۾ انارڪي پکڙجندي، جڏهن ته ڪشور زهرا آئيني (ترميمي) بل 2019ع آرٽيڪل 239 پيش ڪرڻ جي اجازت گهرندي ٻڌايو ته غير منصفاڻي ورهاست سان ملڪ نٿو هلائي سگهجي، علي محمد خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق جي نمائنده پارٽي آهي ۽ وفاق تي يقين رکي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته 18 هين ترميم تحت صوبن کي ملندڙ اختيار برقرار رهن تنهن هوندي به قانون ڪڏهن مستقل ناهن هوندا انهن کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي، ان کانپوءِ ايوان اڪثريت راءِ سان رٿ جي منطوري ڏني، ٻئي طرف سنڌ جا قومپرست به ميدان تي اچي ويا آهن، جن اهڙي ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته هر طرف تاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته احتجاجن جو به سلسلو شروع ٿي ويو آهي پر ان باوجود وفاقي سرڪار پنهنجي هوڏ تي برقرار آهي، هونئن ته ملڪ اندر مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي پر  وفاقي سرڪار ان  مهانگائي گهٽائڻ بدران  ملڪ اندر نفرتون پکيڙڻ واري  رڌل آهي.

آخر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪومت جو منصوبو ڪهڙو آهي؟ هڪ طرف ملڪ هر طرف کان گهريل آهي ته ٻئي طرف  وري ملڪ ۾ انارڪي پکيڙي پئي وڃي،  وزيراعظم عمران خان پاڻ ئي آمريڪا ۾ چئي آيو آهي ته هڪ طرف افغانستان آهي ته ٻئي طر وري ڀارت ۽ ايران آهي، آئون ته گرم تئي تي ويٺو آهيان، پوءِ  به ان صورتحال هوندي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ سان وفاق کي آخر ڪهڙو  فائدو ملندو؟ هڪ طرف ڪشمير ۾ ڀارت ظلم ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ کي به ٽوڙڻ جون سازشون  ڪندڙ سرڪار  سنڌين کي ٻي والاريل وادي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوششن آخر ڇو رڌل آهي؟ اخر ڪشمير  ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي، اهڙيون ڪارروايون سنڌ اندر ڇو ٿيون ڪيون وڃن، ڀارت ته آرٽيڪل آڻي ڪشميرين تي قبضو مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ملڪ سراپااحتجاج به بڻيل آهي پوءِ آخر سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ سان ڪشمير جو ڪيس نه لڙهندو، جيڪڏهن ملڪ اندر ئي ڪشمير واري صورتحال پيدا ٿيندي ته پوءِ ملڪ ڪهڙي طرف ويندو، ان لاءِ وفاقي سرڪار کي متحده جهڙي ناپاڪ اراده رکندڙ تنظيم جو ساٿ ڏيڻ بدران سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي پاڪستان جي خالق آهي  ۽ نه ئي هن ملڪ سنڌ کي ٺاهيو آهي، سنڌ ڌرتي صدين جي تهذيب جو پڙاڏو آهي، جنهن  جي سرحدن سان هٿ چراند ڪرڻ تي سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو اڳ ۾ چيو ويندو هو ته “ مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون” پر ان کي به تبديل ڪري ويو آهي، اسان جي ته ملڪ سان محبت ڪندڙ ۽ هلائيندڙن کي اهو عرض آهي ته ملڪ اندر خاص طور تي سنڌ اندر جيڪا تنظيم انارڪي ۽ نسلي فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کي لغام وڌو وڃي،     

No comments:

Post a Comment