Pages

Saturday, 6 August 2016

ترڪ صدر طيب اردگان جا کنيل آمراڻا قدم

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ ترڪي جي عوام فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائي هڪ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي  پر ان باوجود  هن وقت  به ترڪي صدر طيب اردگان کي  اهو  خدشو آهي ته ڪنهن به وقت فوجي بغاوت ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب اتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ فوجين کي به تبديل ڪرڻ جو سلسلو  به شروع ٿي ويو آهي،. ايتري قدر جو ججن، استادن ۽ پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي صرف ان بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ته انهن جو تعلق فتح الله گولن گروپ سان آهي ۽ ان سان گڏ اهڙن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي فتح گولن جا حامي آهن،. يورپي يونين  ۽ گڏيل قومون به ترڪي  جي صدر طيب اردگان  جا قدمن  تي ڳڻتي ظاهر ڪري رهيو  آهي پر ان باوجود  ترڪ صدر طيب اردگان اهو چئي رهيو آهي ته  يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن کي ترڪي جي  اندروني معاملن تي ڳالهائڻ جو به حق نه آهي، ڇاڪاڻ تي کيس خدشو آهي ته ڪنهن به وقت فوجي  بغاوت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو کٽڪو کيس آمراڻا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي رهيو آهي. هن وقت به  ترڪ صدر طيب اردگان اهي بيان ڏئي رهيو آهي ته  هو  بغاوت ڪندڙ ۽ انهن جي حامين کي سزا ڏيڻ چاهين ٿو، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ ٻيو ڪو اهڙو قدم کڻڻ کان اڳ سئو بار سوچي ۽ ان کي جمهوريت تي راتاهون هڻڻ جي جرئت نه ٿئي. جڏهن ترڪي جي عوام  پنهنجي جانين جا  نذرانا ڏئي فوجي بغاوت کي ناڪام بڻايو  تڏهن اهو ڪنهن سوچيو به نه هو ته فوجي بغاوت کان پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو ٻهير جمهوريت جي ٽرين پٽري تي ايندي ته ان بعد اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون، جنهن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ به جهڪي ويندو. ترڪ صدر طيب اردگان ملڪ اندر سمورن فوجي اسڪولن کي به بند ڪري ڇڏيو آهي ۽  اهو حڪم به جاري ڪيو آهي ته  ڪنهن به فوجي اسڪول کي کولڻ جي اجازت نه ڏني ۽ انهن خلاف ڪارروائي به ڪئي وڃي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهو فيصلو سرڪاري گزٽ ۾ به شايع ڪيو ويو آهي. اهڙي قدم بعد طيب اردگان چيو آهي ته نئين تبديلين سان فوج مضبوط ٿيندي، ترڪي جي صدر طيب اردگان اهو به چيو ته هاڻ ملڪ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، سمورا فوجي ڪمانڊر بچاءُ واري وزير کي رپورٽ ڪندا. ترڪ صدر طيب اردگان جي اهڙن قدمن کان پوءِ لڳي رهيو آيه ته هن وقت به ناڪام بغاوت کان پوءِ ترڪي ۾ حالتون معمول تي ناهن اچي سگهيون. ترڪي جي صدر طيب اردگان 130 صحافتي ادارن کي بند ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ، جن ۾ 3 نيوز ايجنسيون، 16 ٽي وي چينل 23 ريڊيو اسٽيشنون،  45 اخبارون، 15 ميگزين ۽ 29 پبلشرز شامل آهن اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جن به صحافتي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي انهن ۾ اڪثر جو تعلق فتح الله گولن سان ڳنڍيو پيو وڃي، ترڪي صدر طيب اردگان به فتح الله گولن جي حوالگي لاءِ آمريڪا کي درخواست ڪري چڪو آهي پر هن وقت تائين آمريڪا کيس ڪو مطئمن  جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو آهي  ۽ آمريڪا طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته انصاف وارو کاتو جيڪو فيصلو ڪندو اهو کين قبول هوندو، هڪ طرف طيب اردگان ملڪ اندر فتح الله گولن جي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو  آهي ته ٻي طرف فوجين کي برطرف ڪرڻ سان گڏ سزا ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،  جيتوڻيڪ ترڪي حڪومت اسلامي سهڪاري تنظيم فتح الله گولن جي جماعت کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته ٻي طرف وري ترڪ صدر طيب اردگان آمريڪا کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا فتح الله گولن کي سندن حوالي نه ڪيو ته اها آمريڪا جي وڏي غلطي هوندي. پر ان باوجود آمريڪا هن وقت تائين ڪو خاص جواب نه ڏئي سگهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا  ترڪي جي فوجي بغاوت ۾ ملوث نه آهي ۽ نه ئي ان پٺيان ڪو سندن هٿ آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به مختلف وقتن تي اهي بيان ڏيندو آهي ته هو ترڪي جي عوام سان گڏ آهن ۽ جمهوريت جا حامي  آهن پر هن وقت جيڪي  ترڪي اندر صورتحال آهي ان بابت چيو پيو وڃي ته ان سڄي معاملي پٺياڻ آمريڪا ملوث آهي، بهرحال آمريڪا جو ترڪي جي ناڪام فوجي بغاوت ۾ هٿ هيو يا نه اهاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو. ترڪ گھرو وزير ٻڌايو آهي ته گھرو وزارت ۾ 300 کان وڌيڪ اهلڪارن جو گولن سان لاڳاپو هو جڏهن ته 2 کان 3 سفير به فتح الله گولن سان لاڳاپن جي شڪ ۾ هٽائي سگھجن ٿا،. مختلف  ٽي وي چينلن تي اهي خبرو به هلي رهيو آهن ته ترڪ صدر طيب اردگان فوج ۾ مڪمل طور پنهنجا حامي ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿو ۽  ان بابت هن سڄو پلان به جوڙي ڇڏيو آهي ۽  اهي آفيسر جيڪي فوجي بغاوت ۾ ملوث هئا انهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ قانون به جوڙيو پيو وڃي ته جئين  هو هر اٿندڙ بغاوت کي ڇٿي سگهي. هاڻ جڏهن فوجي بغاوت کي ناڪام بڻايو  ويو آهي ته هر طرف اهي دانهون آهن ته ترڪ صدر طيب اردگان غلط فيصلا ڪري رهو آهي. ڇاڪاڻ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ترڪ صدر طيب اردگان کي هاڻ پسند نه ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن ريت ترڪ صدر طيب اردگان قدم کڻي رهيو آهن،جنهن جي ڪري عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ترڪي صدر طيب اردگان 130 صحافتي ادارن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، مطلب ته انهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي،جيڪو عمل هڪ آمر جي دور ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ان وقت صدر ديب اردگان ميڊيا سان ڳالهايو هو ۽  چيو هو ته عوام روڊن تي نڪري اچي ۽ فوجي بغاوت کي ناڪام بڻائي ته ان وقت به عوام طيب اردگان جي ڳالهه کي لبيڪ چيو هو پر هاڻ جڏهن عوام اهو مطالبو ڪري رهي آهي طيب اردگان کان ته سمورن صحافتي ادارن کي  کولو وڃي ته ان وقت به ترڪ صدر طيب اردگان خاموش تماشي بڻيل آهي ۽ اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته هو هر صورت ۾ بغاوت ڪندڙن کي سزا ڏيندو ته جئين مستقبل ۾ فوجي بغاوت جي ڪوشش نه ڪري. بهر حال هاڻ شايد ترڪي ۾ ڪڏهن فوج نه اچي پر جيڪي ترڪي۾ فوجي اهلڪارن جون گرفتاريون ٿيون آهن انهن بابت ميڊيا کي ڪو خاص نه پيو ٻڌائي. جيتوڻيڪ هن وقت ترڪ صدر طيب اردگان جي  حڪم تي ڪيترن ئي صحافين کي به گرفتار ڪيو ويو اهي جنهن تي يورپي يونين ۽ انساني حقن جو تنظيمون به مطالبو ڪري رهيون آهن ته انهن صحافين کي فوري آزاد ڪيو وڃي، جن به صحافين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان  بابت ٻڌايو پيو وڃي ته گڏيل قومون ۽ يورپي يونين تمام گهڻي  مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته صحافين جي بنا جواز  گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن سبب انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جنهن تي ترڪ صدر طيب اردگان به ڪاوڙجي پيو آهي ۽ چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪندڙن کي بخش نه ڪندا. هڪ طرف گڏيل قومن طرفان انساڻي حقن جي لتاڙ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر  ترڪ صدر طيب اردگان انهن کي آزاد ڪرڻ بدران آمريڪا، يورپي يونين ۽  ٻين ملڪن جي اپيل کي به رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ترڪ صدر جن صحافين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اهي هن وقت تائين آزاد نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما به  چيو آهي ته هو ترڪي سان هر ممڪن جو  سهڪار جاري  رهندو.جيڪڏهن ترڪي ۾ صحافي ادارن کي ٻيهر نه کوليو ويو ته مستقبل ۾ ٻين چينلن کي بند ڪيو و يندو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهندو ۽ ان کي گڏيل قومون  ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، جيتوڻيڪ آمريڪا اهو واضع ڪري چڪو آهي ته ترڪي کين فتح الله گون کي حوالي بابت چٽو موقف اختيار ڪيو آهي پر آمريڪا صرف  انهن کي بيان ۾ خوش ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي ۽ هن وقت تائين فتح الله گولن جي حوالي بابت فيصلو نه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هن وقت ترڪي جي صدر طيب اردگان ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث اهلڪارن ۽ عام ماڻهن کي عام معافي نه ڏني ته مستقبل کيس صدام حسين ڪوٺيو ويندو ۽ ترڪي جون حالتون سڌرڻ بدران انتهائي خراب ٿي وينديون. جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته ترڪ صدر طيب اردگان آمراڻا  قدم کڻڻ  بدران جمهوريت واري رستي تي هلي ته جئين مستقبل ۾ جڏهن ٻيهر فوجي بغاوت ٿئي ته عوام ساڳي جذبي سان روڊن تي نظر اچي.

No comments:

Post a Comment