صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ آبادي ڏينهون
ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين سميت ٻيون ڪيتريون شيون مهانگيو
ٿينديون پيون، وڏا واڏا شهر تعمير ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ٻيلا به ختم ٿيندا پيا وڃن، وڻن جي واڍي ٿيڻ سبب ماحول ۾ آلودگي وڌندي پئي وڃي ان سان گڏ موسمي
تبديليون به ٿي رهيو آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ وڻن جي واڍي ڪري ٻيلا ختم ڪرڻ ۽ وڏا وڏا شهر اڏڻ آهي، جن ملڪن
پنهنجي ملڪ ۾ وڻن جي واڍي کي روڪي اتي ٻوٽا پوکيا، انهن ملڪن ۾ موسم ئي تبديل ٿي
وئي آهي، ان جو سڀ کان وڏو مثال سعودي عرب ۽ دبئي به آهي، سعودي عرب ۾ ماضي ايتري برسات نه پوندي پر اتي وڌيڪ ٻوٽا
پوکيا ۽ ماحولياتي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا، اڄ اتان جي موسم ۽ اسان جي ملڪ جي موسم ۾ ڏينهن رات
فرق آهي، اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ برساتون گهٽ پونديون آهن پر سعودي عرب ۾ تمام
گهڻيون برساتون پونديون آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آلودگي گهٽائڻ لاءِ اپاءُ نه
وٺڻا آهن، اسان جي ملڪ ۾ ته اسان جي حڪمرانن پاڻ ئي ٻيلا ختم ڪري ڇڏيا، وفاقي
سرڪار سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي آڙ۾ سنڌ جا ٻيلا ئي ختم ڪري ڇڏيا.
جيڪڏهن حڪومت ڌاڙيلن سان
ئي مقابلو نه پئي ڪري سگهي ته پوءِ انهن ۾ وڻن جو ڪهڙو قصور هو جو سنڌ ۾ وڻن جي
واڍي ڪئي وئي، اڄ سنڌ ۾ٻيلا پري پري تائين نظر ئي نه پيا اچن. جنهن سبب تمام گهڻيون موسميون تبديلون اچي ويون آهن، بهرحال اسان جي ملڪ ۾ هاڻ اچي وڻ
پوکڻ جو شروع جاڳيو آهي، جڏهن سمورا ٻيلا ختم ٿي چڪا آهن ۽ برسات گٽ پوڻ سبب پاڻي
جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي ڀيٽ پاڪستان جي آبادي تمام
گهڻو وڌي رهي آهي، ان جو سبب رڳو
وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي جو ڪارڻ ڪو ٻيو ئي
آهي.
جڏهن هن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ
سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو ته ان وقت ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته هن ملڪ ۾ هجرت ڪري ايندڙ جو بار رڳو سنڌ کي
برداشت ڪرڻو پوندو، بهرحال پاڪستان جڏهن
ٺاهيو ويو ته ان وقت هن ملڪ جي آبادي ۾ ايتري واڌ نه آئي هئي، هن ملڪ جي آبادي ۾
ان وقت واڌ آئي، جڏهن لياقت علي
خان جي حڪومت قائم ٿي ، جنهن دوران لکين پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ان کانپوءِ ٻين حڪومتن ۾ به ڌارين جي لوڌ
کي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ جون ڪوششون به
ٿينديون رهيون، جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا
حملو ڪيو ته ان وقت به افغان
پناهگيرن جو هڪ سازش تحت سنڌ ڏانهن رخ ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري
آهي، جنهن سبب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي آبادي لکن مان وڌي ڪروڙن تائين پهچي
وئي.
جڏهن سنڌ جي ماڻهن ان عمل خلاف احتجاج ڪيو ته ملڪ جي ٺيڪدارن انسانيت
جو درس ڏيڻ شروع ڪيو هو ۽ چيو هو ته هي به انسان آهن، سنڌ جي ساڃاهه وندن اڳ ئي
خدشا ڪيا هئا ته جيڪڏهن غير ملڪين کي ملڪ اندر ترسايو ويو ته هو ڪڏهن به واپس نه ايندا ، اڳتي هلي اهي هن
ملڪ لاءِ خطرو بڻجندا پر وفاقي سرڪار غير ملڪين کي ملڪ مان ڪڍڻ بدران جيڪي ملڪ جا وارث هئا انهن خلاف ڪارروايون
شروع ڪرڻ لڳي ۽ انهن جو آواز دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، اڄ جڏهن ملڪ جي آبادي
تمام گهڻو وڌي وئي آهي ته ان وقت سڀني کي ان جي ڳڻتي وارايو آهي.
آخر ڪار حڪمرانن کي به
ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي جي خبر پئجي وئي آهي، جنهن سبب آگاهي مهم هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ
پاران اجلاس به ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم خان سميت ٻن به شرڪت ڪئي ۽ ايتري قدر جو عالم سڳورن کي به گهرايو
ويو هو، جن وڌندڙ آبادي تي پنهنجو بيان ڏنو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، ان جو هڪ ڪارڻ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ به آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت خانداني منصوبابندي جو پروگرام به شروع
ڪيو هو، جنهن تي به ڪم هلي رهيو آهي پر
افسوس جو آبادي گهٽ ٿيڻ بدران اڃاوڌندي پئي وڃي، جنهن سبب هڪ ته ملڪ اندر بيروزگاري وڌندي پئي وڃي ته ٻئي طرف
وري وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، موجوده حڪومت ته ٻار
گهٽ پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهي آهي، جيڪو واکاڻ جوڳو عمل آهي، جنهن سان ماڻهن کي مالي
پريشاني به گهٽ ٿيندي ۽ گهٽ ٻاڙن جي پروش ڪرڻ به سولو ڪم بڻجي ويندو پر اهو تڏهن ئي ٿيندو، جڏهن حڪمران سڄي ملڪ ۾ ان بابت آگاهي مهم هلائن.
جئين ته سپريم ڪورٽ ۾
پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي تي فوري طور ڌيان ڏيڻ واري موضوع تي هڪ ڏينهن جو سمپوزيم
ڪوٺايو ويو، سمپوزيم کي صحت بابت سيڪريٽري زاهد سعيد، آبادي جي ڀلائي بابت آمريڪي
ماهر ڊاڪٽر جان بونگاٽز، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيا نشتر
۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سمپوزيم دوران هڪ دستاويزي فلم به پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان
۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن بابت اجاڳر ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو هو ته
وڌندڙ آبادي قومي نوعيت جو مسئلو آهي،جنهن ۾ قيادت، سول سوسائٽي ۽ عالمن کي مرڪزي
ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شهرن جي واڌ به آبادي تي اثرانداز ٿيندي آهي،ڪجهه عرص اڳ
وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر فراهم ڪيا ويا هئا،
جنهن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 14 لک افغان پناهگير موجود آهن. مطلب ته اهي رڳو رجسٽرڊ
انگ اکر آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ اڻ رجسٽرڊ پناهگير رڳو افغاني نه آهن پر
بنگالي، بيهاري، برمي ۽ ايراني سان گڏ ٻيا به غير
ملڪي شامل آهن، جڏهن ملڪ ۾ ڌارين کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته ان وقت جڏهن بنگالين ۾ هٿ وڌو ويو ته اهي پاڻ کي اردو ڳالهائندر سڏرائڻ لڳا ۽ افغانين کي پوليس پڪڙڻ
شروع ڪيو ته ايوان ۾
دانهون ڪيو ن ويون ته اهي افغاني نه آهن، اهي ته پٺاڻ آهن.
مطلب ته هن ملڪ اندر
ايراني، بنگالي، بيهاري ۽ برمي
وڏي انگ ۾ موجود آهن، انهن
مٿان حڪمرانن جوهٿ ئي آهي،
جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان مديني واري رياست قائم ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ اهڙو ئي
قانون لاڳو ڪرڻو پوندو ته جيئن هن ملڪ جا ماڻهو خوش رهي سگهن، ڇاڪاڻ ته مديني واري
رياست ۾ پناهگير کي اتان جي سڃاڻپ نه ملندي آهي ۽ نه ئي انهن کي پنهنجو شهري تسليم
ڪيو ويندو آهي، انهن کي ته ٻيا کوڙ سارا حق به نه ملندا آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ته ڌارين کي اوور سيز پاڪستانيز جي اوٽ ۾ سرڪاري نوڪرين سان گڏ
ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن وقت ملڪ اندڙ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڌارين جي لوڌ موجود آهي،
جيڪڏهن واقعي وزيراعظم عمران خان کي
ملڪ جي وڌندر آبادي تي ايتري
تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ ملڪ سان محبت آهي ته
پوءِ ڊالرز عيوض ترسايل پناهگيرن کي هن ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي،
ان صورت ۾ئي هن ملڪ جي آبادي جي واڌ
۾ گهٽتائي ايندي، جيڪڏهن پناهگيرن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن نه موڪليو ويو ته پوءِ ملڪ جي آبادي ڪروڙرن کان به وڌي ويندي، جيڪا هن
ملڪ ۾ بدامني جو ڪارڻ بڻجندي.
No comments:
Post a Comment